نظم لاڙ ڪاڇي اتر ۾ به ڪامڻ گھڻا، دل تان دادو جو جادو لهي ئي نٿو، پنهنجي رولاڪ پيرن کي روڪيون مگر جيءُ جوڳي ڪنهن نگري رهي ئي نٿو تنهنجو سڀني سکين ۾ اوچو ڳاٽ آ توتي آوارا شاعر لکيو آ غزل ڄامشوري جا پٿر به لرزيو پون تنهنجي چوٽي جي ٻنهي سرن جو قسم تنهنجي سڊول ڪلهن جي آروٽ ڄڻ ڪنهن ڪويتا جي مستي جي پالوٽ آ سئو وهم ٿا وڙهن سئو ڀرم ٿا ڀڄن تون کلين ٿي ته تارن ۾ ڦڙڦوٽ آ هي اڃان ڪالھ جي ڳالهه آ جانِ جان تنهنجا واعده دلاسا مڙئي دلبريون منهنجي برباد دل کي ميسر هيون تنهنجي چوڙين جي ٽهو جا ڇنڪا سُڻي ٿي جوانيءَ قاتل بهارون ڪٽيون وقت جي وير سان ڪير ٿو قد ڪَڇي وقت ڪورين ڪٿائون لٽيندو رهيو توکي ڪارين حويلين جي دنيا وڻي تنهنجو شاعر گھنگھر ڏينهن ڪٽيندو رهيو.. حليم باغي
وقت جي وير سان ڪير ٿو قد ڪَڇي وقت ڪورين ڪٿائون لٽيندو رهيو توکي ڪارين حويلين جي دنيا وڻي تنهنجو شاعر گھنگھر ڏينهن ڪٽيندو رهيو.. واھ واھ.....