آزادي، ميڊيا ۽ تعليم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 نومبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آزادي، ميڊيا ۽ تعليم ...

    مٺل جسڪاڻي

    سُڌ ٻڌ جي ذريعن (جهڙوڪ ريڊيو، ٽي وي، اخبارن ۽ خابرو رسالن) کي ميڊيا ۽ علم جي سرشتي کي تعليم چيو وڃي ٿو. جڏهن ته ”آزاد ميڊيا“ جو مطلب آهي هڪ ٻئي کي آگاهه ڪرڻ، چوڻ، ٻڌائڻ جي بنا روڪ ٽوڪ سگهه. جنهن لاءِ پاڻ ٻڌو ۽ پڙهيو ضرور آهي، پر پاڻ وٽ ميڊيا جيڪا آزاد آهي، سو ڪو ڳجهه نه آهي. ان هوندي به، اڳي جي ڀيٽ ۾ اڄ ڪلهه جيتري آزادي آهي، اوتري ماضي ۾ شايد ئي ڪو مثال ملي سگهي. البت، سڌ ٻڌ جي ڄاڻايل ذريعن، جهڙوڪ ريڊيو، ٽي وي، اخبارن ۽ خابرو رسالن جي نسبت ۾، اڄ ڪلهه جي ڪمپيوٽر دور ۾، انٽرنيٽ تمام گهڻو آزاد ۽ ميڊيا جو تڪڙو ذريعو ٿي پيو آهي. جنهن ۾ فيس بوڪ ۽ ٽئيٽر توڙي انهن جا نعم البدل ڪي ٻيا ذريعا اهڙا آهن، جن وسيلي ماڻهو دنيا جهان سان ڳنڍيل آهي ۽ دنيا جهان ۾، پنهنجي سوچ مطابق، جيڪو ڪجهه به چاهي، هو ٻين تائين پهچائي سگهي ٿو ۽ پهچائي رهيو آهي.

    ميڊيا ۽ تعليم تي جيئن مروج سڌ ٻڌ وارن ذريعن معرفت بحث مباحثا جاري آهن، ساڳئين طرح، بلڪ ٻه قدم اڳتي، ميڊيا ۽ تعليم، خاص ڪري سنڌي ميڊيا ۽ سنڌ جي تعليم تي، اڄ ڪلهه تمام گهڻا بحث ۽ تمام گهڻا انڪشاف ٿيڻ لڳا آهن ۽ انداز بيان نه رڳو آزادي جي نشاندهي ڪري رهيو آهي، پر اسان جي عام اخلاقي قدرن کي به ظاهر ڪري رهيو آهي.

    سوشل ميڊيا سڏجندڙ فيس بوڪ، ٽئيٽر ۽ انهن جهڙن ٻين ذريعن تي، گوسڙو استادن جي نشاندهي ٿيڻ شروع ٿي آهي، گوسڙو استادن جو ميڊيا ۾ هجڻ واري معلومات اچڻ لڳي آهي، ان جي پٺيان وارو مقصد ته يقينن تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري وارو ئي هوندو، پر تازو ڪجهه اهڙي نموني نشاندهيون به ٿيڻ لڳيون آهن، جن تي سواءِ روئڻ جي، گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ٻيو ڪو به ردعمل نه ٿو سُجهي.

    مڃجي کڻي ته گوسڙو ماستر ميڊيا ۾ ڪم ڪن ٿا، هو اخبارن، رسالن، ريڊيو ۽ ٽي وي جي نمائندگي ڪن ٿا، بلڪ ها، ڪن به ٿا، جيڪڏهن اهي اسڪول يا ڪاليج مان پگهار کڻي به پڙهائين نه ٿا، اهو سندن واقع ڏوهه آهي، پر اهو ڪهڙو اخلاق آهي؟ ڪهڙي عقلمندي آهي؟ ڪهڙي ڏاهپ آهي؟ ته انهن جي تصويرن تي نفرت جو سبب بنجندڙ نشان لڳائي، فيس بوڪ تي، ٽئيٽر تي پوسٽ ڪجي!؟

    جنهن جنهن کي به تعليم جو فڪر آهي، اهو فڪر خراب نه آهي، جيڪو جيڪو به تعليم جي سڌاري لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهري ٿو، ان کي ڪير به نه روڪيندو، پر ان جو به هڪ واجب طريقو طئه ٿيڻ گهرجي.

    بحث جي نسبت سان سوچبو، ويچاربو، ته بحث ۾ جيڪي اڳ ۾ ئي نشاندهيون ٿي چڪيون آهن، ان کان اڳتي وک نه پئي وڌي، احتجاج جا جيڪي به مروج ۽ موثر طريقا آهن، انهن کان وڌيڪ بهتر طريقو به نه پيو ملي، ان جي ابتڙ، هي ڪهڙو انصاف آهي، ته ڪنهن ماڻهو جي تصوير کڻي، ان تي آڏا ابتا ليڪا پائي، بلڪ ناقابل برداشت نشانيون ٺاهي، پوسٽ ڪرڻ سان ڪهڙا رويا جنم وٺندا، عمل ۾ ڇا ٿيندو، ڪهڙي پيش رفت ٿيندي، ڪهڙو مثبت ڪم ٿيندو، ان تي ڪير غور ڪندو، ڪير ويچاريندو، ڪنهن کي ڪڇڻو پڇڻو ۽ صلاح ڏيڻي پوندي....؟ اهڙا انيڪ سوال آهن، ڪو هڪ نه...

    آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ فرق تي به ڪيترا ئي ليک لکجي، ڇپجي، پڙهجي چڪا آهن، ساڳيو ليڪو ڪيترا دفعا ڪُٽڻ گهرجي!؟

    ڇا، اهو ممڪن ناهي، ته آزاد سوشل ميڊيا کي غلط طريقي سان استعمال ڪندي، پنهنجي ذاتي بغض ۽ ڪيني ڪڍڻ لاءِ، جنهن جنهن جي به، جهڙي به تصوير، جتان به ملي، ان کي ناگوار نشان هڻي، فيس بوڪ تي پوسٽ ڪجي، ۽ سمجهجي اهو، ته گهربل نتيجو ملندو... ڇا ائين ممڪن آهي!؟

    سچ ته آزادي ۽ ڇڙواڳي ۾ ڪا ساڃانهه ناهي، ماڻهن جي تربيت ڪرڻ بدران، نه رڳو حدف ٿيندڙ شخص، پر ان سان لاڳاپيل، ان جي مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن جي به دل آزاري ڪئي پئي وڃي، جنهن مان ڪنهن چڱي نتيجي جي، جيڪڏهن ڪير به اميد ڪري ٿو، ته اها ان جي نجي سوچ هوندي.

    جيڪو به پاڻ کي لکيل پڙهيل سمجهي ٿو، پاڻ کي ڏاهو سمجهي ٿو، پاڻ کي معاشري جي براين خلاف آواز اٿارڻ لاءِ ذميوار سمجهي ٿو، ان کي اهو به سمجهڻ گهرجي، ته واجب ۽ موثر طريقو ڪهڙو هجڻ گهرجي؟

    اندر آهي سو سڙي پيو، تڏهن به، جڏهن ڪير نه ٿو پڙهائي ۽ تڏهن به، جڏهن نه پڙهائيندڙ جي تربيت ڪرڻ بدران، اهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، جيڪو پاڻ سان نه ٿيڻ باوجود به قبول ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو، بلڪ ناممڪن ٿي پيو آهي.

    ڇا اها اميد ڪجي، ته جنهن نيت سان هي ٻه اکر لکڻ جي همٿ ڪئي اٿم، اهو مقصد سمجهه ۾ ايندو ۽ جنهن اميد سان هي ٻه اکر لکيا پيا وڃن، اها اميد پوري ٿيندي ۽ گار جي بدلي گار نه ملندي، معاملو وڌيڪ خراب ٿيڻ بدران، سٺائي طرف ويندو، ڪاش... ڪاش...

    (روزاني عبرت حيدرآباد، خميس 6 نومبر 2014ع)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مٺل سائين اوهان جو ڪالم پڙهيم ۽ دوستن جا رايا اوهان جي ڪالم کان به ڊگها آهن .... سڀ ڪونه پڙهي سگهيس.

    پر هڪ ڳالهه ضرور آهي ته اهو سڀ مڃين ٿا ته سوشل ميڊيا ڇڙواڳ آهي ۽ رهندو ... !! ڇو ته ان جي واڳ ڪنهن جي هٿ ناهي. ڇڙواڳي نه هجڻ گهرجي اهي بحث اڳ به ڪيترائي دفعا ڪري چڪا آهيون ۽ اسان جي تصويرن تي به ڪراس لڳائي پيش ڪيو ويو هو.

    سو ڀلي ڇا به چئو پر فيسبوڪ جو ڪنٽرول اسان توهان وٽ ناهي. ٻي ڳالهه ته سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته کاريء ۾ هڪ مڇي ڪني ته سڄي کاري ئي ڪني سمجهبي آهي، تنهنڪري گوسڙو ۽ نالائق ماسترن سبب اسان جي عزت ماب استادن کي به پريشاني ٿي رهي آهي، جيڪا پنهنجي جاء تي پريشاني واري ڳالهه به آهي.

    اسان به استادن وٽ پڙهيا آهيون، جن مان ڪيئي اڄ به آهن پڙهائين پيا، دل لڳائي. اڄ جيڪا ٿوري گهڻي تعليم جي ٻيڙي تَري پئي ۽ علم جي شمع جيڪا ٿوري گهڻي ٻري پئي سا به محنتي ۽ سٺن استادن سبب ئي آهي ..... پر سچ اهو به آهي ته ميڊيا ۾ ويٺل استاد صحافي، ٻين ماڻهن خاص ڪري سياستدانن جو پٽڪو لاهڻ ۾ ته دير ئي ڪونه ڪندا آهن پر اڄ جڏهن صرف سوشل ميڊيا تي توپن جا رخ هنن طرف آهن، جيڪي هجڻ به گهرجن ۽ نالائق ۽ استادن جهڙي پيغمبري پيشي کي بدنام ڪندڙن کي ظاهر ٿيڻ گهرجي.

    باقي ها اها ڳالهه مان به چوان ٿو ۽ اوهان جي تائيد ڪندس ته دوست ڪمينٽ ڪرڻ ۽ نالا پيش ڪرڻ وقت ٻولي ۽ لهجو شائسته استعمال ڪن.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. معظم بلوچ

    معظم بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2014
    تحريرون:
    48
    ورتل پسنديدگيون:
    103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Kashmore
    ادا وساڻ صاحب آهي تا مشڪل دعا آهي تا دوست استادن بابت سهي ليکن، انهن استادن کي بي اسڪول وڃڻ گهرجي جيڪي گهرويهي ڪري پگهارکڻن ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو