(حافظ سڪندر تنيو) اسان جي ملڪ پاڪستان جو سياسي، سماجي، معاشي، عدالتي ، انتظامي نظام تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي، ڪوبه ماڻهو هن نظام مان مطمئن نظر نه ٿو اچي، عدالتي ۽ انتظامي معاملن تي ته ايتري ناانصافي آهي جو ماڻهو پوليس ۽ ڪورٽن ۾ وڃڻ کان ڏاڍو ڪيٻائيندو آهي ڇو جو کيس اتان ڪابه انصاف ملڻ جي اميد نه آهي. ويتر هتي جيڪي غير مسلم رهن ٿا ته جو ته جيئڻ ئي عذاب بڻجي چڪو آهي، کين ڪافر سمجهي ساڻن سماجي مت ڀيد ڪيو ٿو وڃي، سندن ڪي به انساني، اخلاقي، سماجي مذهبي حق نه ٿا سمجهيا وڃن، سندن جائداد تي زوريءَ قبضا، سندن ڪاروبار تي بندش ۽ هاڻي ته سندن ننگن، عزتن ۽ لڄن تي به حملا ۽ قبضا ٿي رهيا آهن، ملڪ جو عدالتي نظام کين انصاف ڏيڻ کان قاصر آهي. غير مسلم اقليتن سان ظلم ته هميشه کان هتي ٿي رهيو آهي، جئين رنڪل ڪماري ۽ آشا وغيره جا ڪيس ڪجهه وقت اڳ ٿيا هئا. انجليءَ لاءِ چيو ٿو وڃي ته هن مرضي سان اسلام قبول ڪيو آهي ۽ اتي جو اتي مرضيءَ سان مڙس به قبول ڪيو اٿس، ان ڪري کيس مڙس سان وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي ان بابت ڏسجي ته اسلام ڇا ٿو چئي. اسلام زندگي گذارڻ جو طريقو ۽ نظام ڏنو آهي هن ۾ هر هڪ شيءِ کي سمجهڻ جو اصول ڏنو آهي، فرض ڪيو ته ڪنهن ماڻهوءَ خوف، لالچ، عشق، ذاتي مفاد، معاشي مفاد ڪري اسلام آندو آهي ته ان جي اسلام آڻڻ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي، صرف زباني اقرار کي قرآن مجيد قبول نه ڪيو آهي، ان لاءِ دل ۽ ذهن جو سچائيءَ جو ثبوت ڏيڻو آهي، سورت بقره جي آيت نمبر اٺ ۾ فرمايل آهي ته ڪجهه ماڻهو زباني قول سان چون ٿا ته اسان الله ۽ آخرت تي ايمان آندو آهي پر وماهم بمئومنين يعني اهو مومن نه آهن اتان سمجهه ۾ آيو ته زباني دعويٰ قابل قبول نه آهي. انجليءَ جي عمر هڪ ته شاديءَ لائق به نه آهي، ملڪي قانون مطابق عمر ارڙهن سال مقرر ٿيل آهي ۽ پوليس طرفان اهڙين شادين کي روڪيو به ويندو آهي، والدين ۽ نڪاح پڙهندڙ مولويءَ کي گرفتار ڪيو ويندو آهي. پر هتي اهو قانون غير مسلمن کي تحفظ نه ٿو ڏئي ۽ انتظاميا جون ان وقت اکيون انڌيون ٿيل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن ڇوڪري جا ٻه معاملا آهن، هڪ مسلمان ٿيڻ، ٻيو شادي ڪرڻ، پهريون هن جي اسلام جي پرک ڪبي هن جو امتحان ورتو ويندو، کانئس پڇا ڪئي ويندي ته تو اسلام ڪهڙي سبب جي ڪري قبول ڪيو آهي، ڪيئن متاثر ٿي آهين، کانئس سخت آڏي پڇا ڪئي ويندي ته خالص اسلام لاءِ ارادو مثبت اٿئي يا ڪا لالچ يا جنسي تسڪين لاءِ عشق ڪيو اٿئي ۽ ان عشق کي اسلام جي پوشاڪ ۾ لڪائڻ ٿي چاهين ۽ جيڪڏهن ثابت ٿئي ته سندس اسلام مان ڪابه محبت نه آهي، بلڪه پنهنجي عشق کي لڪائڻ لاءِ مذهب جو سهارو ورتو اٿس ته پوءِ سندس اهڙو مفاد وارو اسلام قبول نه ڪيو ويندو ۽ ان مرحلي ۾ جيڪو سندس مڙس هجڻ جو دعويدار آهي تنهن کي ڪورٽ ۾ يا ڇوڪريءَ جي ويجهو اچڻ به نه ڏبو، جيڪڏهن ڇوڪري اسلام قبوليو آهي ته کيس ڪنهن ديندار گهر يا اداري ۾ اسلام سيکاريو ويندو. ان کان پوءِ سندس شادي ڪرڻ جي مسئلي کي حل ڪبو، جيڪڏهن سندس عمر شاديءَ جي حد يعني ارڙهن سالن جي نه آهي ته ان شادي ڪندڙ مڙس ۽ نڪاح پڙهائيندڙ ملان کي ٽيپ ڏئي جيل موڪليو ويندو، ڇو جو هنن غير قانوني ڪم ڪيو آهي، قرآن مجيد شاديءَ جي عمر به ٻڌائي آهي ته جڏهن ٻار بالغ ٿين ته سندن شادي ڪرايو، بلوغت جي حد به ٻڌائي اٿس ته جڏهن کين ڪاروبار ڪرڻ جي لائق سمجهيو ۽ کين ڏوڪڙ پئسا ڏنو وڃي ڪاروبار ڪيو ۽ اها تسلي ڪريو ته هاڻي ان پئسي کي ضايع نه ڪندا ۽ ڪاروباري ڄاڻ منجهن اچي ويئي آهي ته پوءِ هاڻي ٻارنهن سالن جي ٻار کي ڪاروبارجي ڪهڙي خبر ۽ شادي ڪرائي ويس ته هو زال ۽ ٻارن جي ذميواري کڻڻ کان به قاصر هوندو. انجليءَ کي ڪورٽ ۾ آندو ويو جتي هن پنهنجي والدين ڏانهن وڃڻ جي مرضيءَ ڏيکاري پر عدالت کيس شيلٽر هائوس ۾ رکڻ جو حڪم فرمايو، جيڪو پڻ صحيح نه هيو، حضرت عمر رضه وٽ هڪ عورت دانهن کڻي آئي ته مڙس کيس طلاق ڏني هئي ۽ هاڻي مون کي مرضيءَ جي اجازت نه ٿو ڏئي هن مون کي چيو هو ته تون پنهنجي مرضيءَ جي مالڪياڻي آهي جيڪو وڻئي سو فيصلو ڪر، هن اهي لفظ طلاق جي آزاديءَ لاءِ چيا هئا، حضرت عمر مڙس کان پڇيس ته تو اهي لفظ چيا هئا! هن چيو ته ها مون چيا هئا. پر طلاق ڏيڻ لاءِ نه چيا هئا. حضرت عمر چيس ته ان لاءِ تون قسم کڻ ته تنهنجي نيت ۾ اهي لفظ طلاق لاءِ نه هئا، ليڪن ان شخص قسم نه کنيو ۽ حضرت عمر عورت جي حق ۾ فيصلو ڏنو ته تون مرضيءَ جي مالڪياڻي آهين ۽ پوءِ عورت علحدگي کي قبول ڪيو، هن معاملي ۾ انجلي ۽ ان جي دعويدار مڙس کان ثابتي پوءِ قسم کڻائڻو هجي يا ڪو ٻيو ڪو پڪو ثبوت هجي سو وٺجي ته هنن جي شادي ۽ اسلام قبولڻ ۾ عشق جو عنصر ته شامل نه آهي، جيڪڏهن هو ثبوت نه ڏيئي سگهيا ته کين ڪوڙي قسم کڻڻ ۽ غلط بياني ڪرڻ جي سزا پڻ ڏني ويندي. اسلامي دنيا ۾ سعودي عرب اهم حيثيت رکي ٿو، اتي شاديون نڪاح، مولين جي درگاهن تي نه ٿيندا آهن بلڪه ڪورٽن ۾ ڪيا ويندا آهن، هتي به عدالتون آهن، مولوين کي اهي اختيار ملڻ ئي نه گهرجن، جو هو پنهنجون عدالتون هلائين گهڻا نظام هلڻ سبب انارڪي ڦهلجي ٿي ۽ ان سان معاملا خراب ٿين ٿا، انجلي انصاف جي طلبگار آهي، کيس اڻ ڌريو انصاف ملڻ گهرجي. اسلام جي خاص خوبين مان هڪ خوبي انصاف اوليت جو درجو رکي ٿي. قرآن ڪريم ۾ حڪم آهي ته دشمن قوم جو ماڻهو ڏوهاري بڻجي اچي ته ساڻس به انصاف ڪجو، ڇو جو عدل ئي تقويٰ جي ويجهو آڻيندو آهي.
انجلي تي ڇا لکجي ؟؟؟ کيس ڪهڙو انصاف ملندو ؟؟ اهو اندازو اٿم مونکان ته رينڪل ڪماري جو ڪيس به ناهي وسريو ... جنهن ۾ ان وقت جي چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ دٻاء ۾ اچي جيڪو فيصلو ڏنو هو سو ڪيئن وسرندو؟
ادا سليمان صاحب انصاف جي حوالي سان مفتي قاضي ۽ سپه سالار جي جيڪا شڪل مولانا ابوالڪلام آزاد ڏني آهي اُها اڄ جي دور ۾ ڪيتري نه حقيقت ٿي لڳي. سندس قول آهي ته ”صدين کان وٺي اڄ ڏينهن تائين حڪمرانن، نوابن، پيرن پنهنجي ناجائز مفادن ۽ حڪمراني کي مضبوط ڪرڻ لا مذهب جو سهارو ورتو آهي ۽ ان جي ڪاميابي ۾ جيڪو بي گناھ جو رت وهيو آهي تنهن لا مفتي جي فتوا قاضي جي قلم ۽ سپه سالار جي تلوار گڏجي ڪم ڪيو آهي“
حافظ سڪندر تنئي جا ڪالم پڙهندو رهندو آهيان ،ڏاڍا وقتائتا ۽ جاندار هوندا آهن ، هي ڪالم به انهن جاندار ۽ وقتائتي ڪالمن مان هڪڙو آهي . مان حافظ صاحب سان اتفاق ڪندي رڳو اهو چوندس ته ميان مٺو يا ان جي خاندان وارن ،هندو نياڻن کي مسلمان بنائڻ واري ڪا فيڪٽري لڳائي آهي ؟ اهڙن پيرن جي اهڙن عملن جي ڪري هوندوستاني پنڊتن به جيڪڏهين هندوستان جي مسلم ڇوڪرين کي هندو بنائي اهڙو رد عمل ڪري ڏيکاريو ته ،ڇا پوءِ ڀرچونڊي جا اهي پير اتان جي مظلوم نياڻن جي واهر ڪري سگهندا ؟ اهي ڇوڪرا جن جي آڙ ۾ ڀرچونڊي جا پير يا ٻيا ڪي به انهن ڇوڪرن کان ڇهن ڪلمن مان ڪو به هڪڙو ڪلمو ته پڙهائي ڏسن ،کين انهن جي مسلمان هجڻ جي کين خبر پئجي ويندن .باقي زوري ڪنهن کي مسلمان ناهي بنائي سگهبو ،اهو به نابالغ ٻارن کي ، جن کي ڪنهن به معاهدي ڪرڻ جو اختيار ناهي هوندو .