روٽي ڪپڙا اور مڪان ……..!! ايم حسن ناز سومرو پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي قسمت بدلائڻ خاطر هڪ نعرو لڳايو هو ته ”روٽي ڪپڙا اور مڪان “ انهيءَ نعري جو مقصد هو ته ملڪ مان غربت، بدحالي ۽ بيروزگاري کي ختم ڪيو ويندو، عوام کي عزت جي زندگي گذارڻ جو طريقو سيکاريو ويندو پر قدرت کي شايد ٻيو ڪجهه ئي منظور هو ۽ انهيءَ نعري کان پوءِ جلد ئي ذوالفقارعلي ڀٽي کي جيل ۾ ڦاسي تي چاڙهيو ويو. ان کان پوءِ سندس پٽ شاهنواز ڀٽو کي زهر ڏيئي مارايو ويو، ان کان بعد ۾ محترمه بينظيرڀٽو پاڪستان پهتي جنهن پنهنجي والد صاحب جو ساڳيوئي نعرو لڳايو ته روٽي ڪپڙا اور مڪان ۽ عوام سمجھيو ٿه هي به ذوالفقار علي ڀٽي جي نياڻي آهي ۽ شايد اها ئي قوم جي تقدير بدلائيندي سو محترمه بينظير ڀٽو کي عوام ووٽ ڏيئي پاڪستان جو وزيراعظم چونڊي ڇڏيو پر حڪومت ۾ عوام کي ڪوبه رليف ملي نه سگھيو پر اڃا به حڪومت کي هڪ سال ئي مس گذريو ته محترمه بينظير جي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو جنهن دوران نه ڪي ڏوهارين جو پتو پئجي سگھيو ۽ نه ڪو قاتلن جو نالو نشان به مليو ۽ اهڙي طرح ميرمرتضيٰ ڀٽي جو خون لوڙهيو ويو ۽ انهيءَ واقعي کان پوءِ جلد ئي محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي ويئي ڇاڪاڻ ته عوام ۾ اهو چوٻول اٿيو ته جنهن حڪومت ۾ وزيراعظم جو ڀاءُ شهيد ٿئي ۽ ان جي قاتلن جي خبر نه پئجي سگھي ته اها حڪومت عوام کي ڪهڙو تحفظ فراهم ڪندي، اهڙي طرح ٻه ڀيرا محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو پر پوءِ به مير مرتضيٰ ڀٽو جا قتل ظاهر ٿي نه سگھيا اهي قاتل ڪير هئا ڪنهن جي گولي مير صاحب کي لڳي ان باري ۾ سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته خبر هرڪنهن کي هئي پر وات ڪنهن به نه کوليو. سو ننڍي هوندي هڪ آکاڻي ٻڌندا هاسين ته ڪنهن ملڪ جي بادشاه پنهنجي سلطنت جي اندر هڪ رياست ۾ هڪ امير کي مقرر ڪيو ته جيئن عوام کي در تي انصاف ملي سگھي، پر اهو امير شخص ظالم نڪري پيو غريبن تي ڪابه ڪهل ڪونه ڪندو هو، هڪ ڏينهن ان رياست ۾ هڪ شخص جو قتل ٿي ويو پر ان جا قاتل نه ملي رهيا هئا، سو مقتول جا وارث بادشاهه وٽ ويا ۽ عرض ڪيائون ته سائين توهان جو مقرر ڪيل امير اسان سان انصاف نه ٿو ڪري سو اسان جو همراه قتل ٿي ويو آهي پر ان جا قاتل نه ٿا ملن سو اسان سان توهان انصاف ڪريو ، بادشاه مقتول جي وارثن کي چيو ته توهان گھر وڃو توهان سان انصاف ٿيندو، سو بادشاه ڇا ڪيو جو ويس مٽائي رات جي وقت انهي امير جي رياست ۾ ويو ۽ هڪ وڻ تي چڙهي ويو ۽ وڻ کي ڪٽي ڪيرائي وڌائين وري هڪ ٻئي وڻ تي چڙهي ويو ته ايتري ۾ اهو امير گھوڙي تي سوار ٿي اچي نڪتو ۽ انهيءَ بادشاه کي گرفتار ڪرائي صبح جو درٻار ۾ پيش ڪرڻ لاءِ حڪم ڪيائين، سو صبح جو امير چيس ته اي اجنبي تون ڪير آهين ۽ تون اسان جي حد ۾ اچي ڪري اسان جا وڻ ڇو وڍيا آهن تنهن تي باشاه چيو ته جنهن امير جي رياست ۾ هڪ وڻ وڍجي ٿو ته ان جي خبر توهان تائين پهچي وڃي ٿي پر تنهنجي علائقي ۾ ڪو قتل ٿيو وڃي ته ان جي خبر توهان کي ناهين پوندي، ايترو چئي بادشاه پنهنجو نقاب لاهي چيو ته آءُ فلاڻو بادشاهه آهيان ۽ توکي گرفتار ڪريان ٿو اهو ٻڌي سڄي درٻار جا ماڻهو حيران ٿي ويا ۽ جھڪي بادشاه کي سلام ڪيائون ۽ انهيء امير کي انهيءُ وقت گرفتار ڪيو ويو …….!! سو سائين اها هئي انصاف جي تقاضا ۽ وقت جي بادشاه انصاف ڪري ڏيکاريو پر هتي هن ڀنڀور ۾ هيڏا هاڃا ٿي رهيا آهن پر ان جي خبر ڪنهن کي به نه آهي، انهي کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو کي اليڪشن جي تياري ڪندي لاهور ۾مشرف دور ۾ کيس شهيد ڪيو ويو ۽ انهيءَ سان گڏ روٽي ڪپڙا اور مڪان وارو نالو مٽجي ويو، اهو ساڳيو نعرو سنڌ جي وزير اعليٰ سيد قائم علي شاهه هڻڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر سندس آوازساٿ نه ڏنو ۽ پوءِ شهيد ذوالفقارعلي ڀٽي جو اهو نعرو هڪ خواب بڻجي ويو. اڃ به سنڌ ۾ حڪومت ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي آهي پر نه هجڻ جي برابر آهي، نالي ۾ حڪمراني ته سنڌين جي آهي پر اندروني طور تي اسٽيبلشمينٽ ڪم سڄو غير سنڌين لاءِ ڪري رهي آهي، اڄ سنڌ ۾ سمورو زور غير سنڌين جو آهي، سنڌي چيف منسٽر موجود ته آهي جيڪو اشارن تي هلندو رهيو آهي ۽ اهو ئي سنڌ ۽ سنڌين جي تباهي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ آهي. سنڌ ۾ ايندڙ هر ڌاريو جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿيندو آهي ته پاڻ کي سنڌي سڏائيندو آهي پر جڏهن هتان جي ماحول ۽ هتان جي چڱن مڙسن جو پاڻي ڪڇي وٺندو آهي ته پوءِ ڪڏهن پاڻ کي ٻروچ ته ڪڏهن مهاجر، ڪڏهن ٽپي ته ڪڏهن لپي سڏرائي سنڌين کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر اسان جا لولا لنگڙا منسٽر انهن جي اڳيان بي وس آهن، اڄ به جيڪڏهن انهن ڌارين جون ملڪيتون سنڌين حوالي ڪيون وڃن ۽ سنڌين کي مٿاهين درجي جون نوڪريون ڏيئي عزت بخشي وڃي ته جيڪر سنڌ ۽ سنڌي خوشحال ٿي وڃن، جيڪڏهن ڌارين کي اها ڳالهه پسند نه اچي ته هو ڀل هتان هليا وڃن ۽ وڃي پنهنجو اصل ملڪ وسائين اسان کي ڪو به اعتراض نه هوندو. باقي جي هو کائن به سنڌ جو، رهن به سنڌ ۾ دهشتگردي به سنڌ ۾ ڪن، ڌاڙا ۽ ڦرون به سنڌ ۾ ڪن ، ڇا سنڌ ڪو انٽرنيشنل يتيم خانو آهي ڇا جيڪو به ڌاريواچي پنهنجي پيءُ جي جاگير سمجھي قبضو ڪري ويهي رهي ٿو، ڪو پڇڻ وارو ڪونهين جنهن کي جيئن وڻي ٿو اهو پنهنجي مرضي استعمال ڪري ٿو. پر هن سموري ڪمزوري ۾ اسان جا پنهنجا سنڌي ملوث آهن نه ته ڪو ماءُ جو پٽ پيدائي ناهين ٿيو جيڪو سنڌي ماڻهن جو رستو روڪي ۽ سنڌي ماڻهو ترقي نه ڪري سگھن، هڪ ڳالهه مان يقين سان چوان ٿو ته جيڪڏهن ڀٽو زنده هجي ها ته اڄ دنيا ۾ سنڌي ماڻهن جي الڳ سڃاڻپ هجي ها، باقي سائين بادشاهن جي آسري تي ته اڄ اسين هن مقام تي پهتا آهيون جو سنڌي ماڻهو اڄ غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گھاري رهيا آهن، سنڌ کي الله تعاليٰ هر نعمت سان نوازيو آهي پر سنڌي ماڻهن کي کائڻ لاءِ پوري ماني به نصيب ڪونه آهي، ۽ اڄ اسان جا سنڌي سنڌ اندر ڌارين جا نوڪر آهن پر پوءِ به اسان جي حڪمرانن کي سنڌين جو ڪو احساس ڪونه آهي، جيڪو اچي ٿو پنهنجا گھر ڀريو وڃي ٿو پر سنڌ ۽ سنڌي صدين کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مفلسي واري زندگي گھاري رهيا آهن، ان جو اصل ڪارڻ هي آهي ته اسان جي سنڌين پنهنجن کي پوئتي ڌڪي ڌارين کي اڳتي آندو آهي ۽ اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي،پر جڏهن ڌاريا انهن تي ڪڙڪندا آهن ته پوءِ انهن کي پنهنجا سنڌي ياد ايندا آهن پر ياد رکجو سنڌي ماڻهو ڀل سڀ ڪجهھ وساري ويهن پر سنڌ ڌرتي ڪڏهن به سنڌ دشمنن کي معاف ناهين ڪندي ۽ انهن ظالمن کي پنهنجي منطقي انجام تائين ضرور پهچائيندي. Email:soomrasath@gmail.com
سنڌين کي ڏارن ۾ وجھڻ جي لاءِ هزارين وسيلا استعمال ٿين ٿا..... ڪنهن به صورت ۾ اهي هڪ ٻئي تي الرون ڪن.... صحيح طريقا استعمال نه ٿين پر رڳو بجا، ٿڪون، چٿر........ هر صورت ۾ .... ڪڏهن مقدس نالن ۾ ته ڪڏهن پليت سوچن ۾... ڪڏهن هو ايجنسين جو ماڻهو آهي ته ڪڏهن هو ملو آهي... ڦلاڻو وڏيرو آهي ته ڦلاڻو ڌاريو آهي...... اوهان وسيع تناظر ۾ ڏسو ته خبر پئجي ويندي... اسان جو ڪوبه دشمن ڪونهي پر اسان پنهنجي پاڻ ۾ وڏا سامراج آهيون