صلاح ڪاري بورڊ يا ايڊوائيزري بورڊ ڇا آهين؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    پهريان ڳاله کي سمجهجهي پوء گھوڙا گھوڙا ڪجي.
    صلاح ڪاري بورڊ يا ايڊوائيزري بورڊ ڇا آهين؟؟
    ايڊوائيزري بورڊ ۾ سوسائٽيء جا اهي ماڻهو کنيا ويندا آهين جيڪي صاحب راء هجن، جيڪي شين کي چڱيء طرح سمجهن ۽ ان بابت عوام جو صحيح موقف پيش ڪري حڪومت کي بهتر تجويزون ۽ رايا ڏين ته جيئن اهي حڪومتون ڪي عوام دشمن فيصلا ڪري نه سگھن. اها ٻي ڳاله آهي ته حڪومت انهن جي راين ۽ تجويزن تي عمل ڪري ٿي يا نه.
    اهڙو بورڊ تعليم کاتي جو به آهي جنهن ۾ سنڌ جا تعليمي ماهر تعليم کي بهتر ڪرڻ لاء پنهنجا رايا ۽ تجويزون ڏيندا آهين.
    هن قسم جي بورڊن جو ميمبر ٿيڻ جو اهو قطعي شرط ناهي ته ڪو هو حڪومت جو ماڻهو ٿي ويو. نه هن بورڊ جي ميمبر جي ڪا پگھار آهي نه ڪو ٽي اي ڊي آهي ۽ نه وري ڪا سرڪاري سهولت مليل هوندي آهي.
    منهنجي پنهنجي ذاتي راء آهي ته سنڌ ۾ جامي چانڊئي ، نصيرميمڻ ۽ اهڙن ٻين سمورن ماڻهن کي جيڪي سنڌ کي بهتر ڪرڻ واري معاملي ۾ ڪي سٺيون تجويزون ڏئي سگھن ٿا ته ان ۾ ڪو عيب يا غداري ناهي جو گھوڙا گھوڙا ٿي ويئي آهي باقي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ ۽ انهن جي ڪرپشن کي وائکو ڪرڻ سندن بنيادي فرض ۾ شامل آهي. اهو آئينده جو وقت ٻڌائيندو ته هو سرڪار جو پاسو ٿا کڻين يا عوام جي پاسي آهين؟؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو