امر جليل کان هڪ سوال؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
امر جليل جو فرمان آهي: اسان جو تعلق مشڪرن جي ان نسل سان آهي جيڪي سرڪشس جو شو پورو ٿيڻ کانپوءِ اونداهيءَ ۾ لڪي پنهنجا ڳوڙها اگھي وٺندا آهن ـ
منهنجو چوڻ آهي ته اسان سنڌي پاڻ کي هڪ قوم سمجھون ٿا ۽ اهڙي ريت اسان جو نسل سنڌي ليکبو جھڙي ريت ايران جو نسل ايراني ۽ آمريڪا جو نسل آمريڪي سڏبو آهي پر ڇا اوهان ساريَ سنڌي نسل کي مسخرو سڏي، سنڌين جي توهين نه ڪئي آهي؟ـ مهرباني ڪري وضاحت ڪندا ۽ اسان جي ڄاڻ ۾ واڌ ڪندا ـ
ٻيا دوست ڀلي تبصرو ڪن پر مهرباني ڪري ڪير به بدتميزي نه ڪري ـ
 
سنڌي هڪ قوم آهيون ۽ هڪ سڌريل قوم جيڪا موهن جي دڙي جي وارث آهي ...

موجوده حالتن ۾ امر جليل جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو سئو فيصد درست آهي. اسان پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين، غاصبن پاران ڪيل ظلمن ۽ پنهنجي ئي سياستدانن ۽ سياسي اڳواڻن جي هٿان ذليل ٿيندڙ حالتن تي ڇا ڪيو آهي؟

جيڪڏهن امرر جليل ان حساب سان لکيو آهي ته درست لکيو اٿائين ....

ڳالهه اڪثريت جي ٿيندي آهي ، ڪجهه ماڻهن جي نه ۽ اسان اڪثريت سان مٿين مثال تي پورا ٿا لهون.

هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته اهي سٽون شايد ڪنهن ڪهاڻي يا ناول مان ورتل آهن ۽ اهي سٽون شايد ان ڪهاڻي تي پورو لهنديون هونديون
 
شڪر ڪريو جو سنڌين کي رڳو مسخري جو لقب ڏنو پيو وڃي نه ته سنڌين لاءِ ان کان وڌيڪ گار ۽ گند جهڙا خطاب ته اسان به ٻڌي پنهنجا وار پٽيا آهن
 
سنڌي هڪ قوم آهيون ۽ هڪ سڌريل قوم جيڪا موهن جي دڙي جي وارث آهي ...

موجوده حالتن ۾ امر جليل جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو سئو فيصد درست آهي. اسان پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين، غاصبن پاران ڪيل ظلمن ۽ پنهنجي ئي سياستدانن ۽ سياسي اڳواڻن جي هٿان ذليل ٿيندڙ حالتن تي ڇا ڪيو آهي؟

جيڪڏهن امرر جليل ان حساب سان لکيو آهي ته درست لکيو اٿائين ....

ڳالهه اڪثريت جي ٿيندي آهي ، ڪجهه ماڻهن جي نه ۽ اسان اڪثريت سان مٿين مثال تي پورا ٿا لهون.

هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته اهي سٽون شايد ڪنهن ڪهاڻي يا ناول مان ورتل آهن ۽ اهي سٽون شايد ان ڪهاڻي تي پورو لهنديون هونديون
سائين...امر جليل جا سنڌ ٽي وي پروگرام ۾ ڪيل اڪثر تبصرا اعتراض جوڳا هوندا آهن ـ لڳي ٿو اڳوڻي ۽ هاڻوڪي امر جليل ۾ڏينهن رات جو فرق آهي ـ ٿي سگھي ته مشهور ڪهاڻيڪار غلام نبي مغل جو فيس بوڪ تي انهيءَ موضوع تي ڪيل تبصرو پڙهجو.
 
Back
Top