السلام عليڪم دوستو.
توهان کي سنڌسلامت تي پهريون ڏينهن ڪيئن لڳو هئو ؟؟
ان سوال جو جواب ڏيو ۽ حاصل ڪريو پاوليون
(جيڪڏهن پاوليون نه گهرجن ته به جواب ڏيو ۽ منهنجون پاوليون وڌائڻ ۾ مدد ڪريو )
سڀ کان پهرين آئون توهان کي ٻڌائيندس ته منهنجو پهريون ڏينهن ڪيئن گذريو..
فيسبوڪ تي جڏهن سنڌسلامت جو لوگو ڏٺم ۽ سليمان وساڻ جي ڊزائين ڪيل شاعري (يا ٻي ڪا پوسٽ ) جنهن تي سنڌسلامت جو لنڪ ڏنل هو، ڏسڻ سان ئي فورم تي هليو آيس، جڏهن فورم تي آيس پهرين سمجھ ۾ نه آيو ته ڇا ڪريان ؟؟ ڪيئن پوسٽ لکان ؟ موضوع ڪيئن موڪليان ؟ پو جڏهن فورم ۾ لاگ ان جو آپشن ڏٺم ته فورن رجسٽريشن ورتم ۽ رجسٽر ٿيندي ئي هڪ ايوارڊ مليو.. ۽ توهان کي خبر هوندي ته ايوارڊ جنهن کي ايوارڊ ملندو سو پوئتي ڪٿي هٽندو !
خير... پو ايوارڊ ملڻ بعد تعارف سيڪشن ۾ پنهنجو تعارف موڪليم.. سنڌي ڪيبورڊ ته مونکي ياد هو ۽ ٽائپنگ اسپيڊ به سٺي هئي، بس جلدي جلدي ۾ تعارف موڪلي ٻيهر فيسبوڪ تي هليو ويس.. تقريبن هڪ ڪلاڪ کان پو آيس ته ڪجهه وڌيڪ تحريرون موڪليم ۽ ٽوٽل تحريرون ٿيون 7 ۽ پسند به 7 ماڻهن ڪيو.
ائين ئي خيرن سان هن اوطاق تي پهريون ڏينهن گذريو.