سنڌ جي تعليم کي اصل نقصان ڪنهن پهچايو؟؟؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    تعليم جي تباهي جا ذميورار اسين پاڻ آهيون . جن وڏيرن کي اسين ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو انهن ئي اچي ميرٽ جي لتاڙشروع ڪئي هڪ طرف پنهنجي انهن جاهل ورڪرن کي ماستري جا آڊر ڏنا جن کي ڪا وڏي نوڪري وٺي نه ڏئي ٿي سگھيا ته انهن کي ماستري ضرور وٺي ٿي ڏنائون ڇو جو پارٽي ورڪرآهي کيس ڪجه ته ڏيڻوآهي ٻيو پئيسن ڪمائڻ خاطر ماستري جا آڊر وڪرو ڪيا ويا جيڪي به جاهل طبقي جي جهول ۾ وڃي پيا ، نيٺ نتيجو اهو نڪتو جو 1985 کان هيل تائين ٿيل ڀرتين ۾ انهن جاهل استادن جو انگ وڌي وڻ ٿي ويو. مون کي ياد آهي جڏهن مان ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندو هيس ڇا ته تعليمي ميار هو.. ڪاپي جو ته نالو نشان ڪون هو . ان وقت البتا ٻهراڙي جي اسڪولن کان شهري اسڪولن ۾ تعليم جو ميار ڪجه بهتر هيو ورنه ان کان اڳ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي تعليم جو معيار هر هند ساڳيو هو. هاڻي اچون ٿا سنڌ جي رورل ۽ اربن جي پاليسي طرف منهنجي خيال موجب ان پاليسي تحت فائدو گهٽ نقصان وڌيڪ ٿيوآهي ڇاڪاڻ جو ٻهراڙي جي شاگرد کي يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ ٻهراڙي جي ڊوميسائيل وڏو فائدو پي ڏنوجيڪو اڄ تائين ڏئي رهيو آهي انهي سلسلي ۾ تعليم گھٽ پر ڊگري حاصل ڪرڻ جي ڊوروڌيڪ شروع ٿي وئي ۽ ائين سنڌ جي ٻهراڙي وارن اسڪولن ۾ ڪاپي جو رجحان وڌيو اهو صرف ۽ صرف ان ڪري ڪيو ويو ته انهن سنڌي شاگردن کي يونيورسٽي ۾ سٺي ڊگري جي ڪري داخلا ملي سگھي يا نوڪري وٺڻ ۾ به فائدو پهچي سگھي ان جي برعڪس نقصان ڪيترو ٿيو ان جو حقيقي آئينو هاڻي سڀني کي چٽو نظر اچي ٿو. اهو ڏوه جو ڪم خد اسان جي رياستي مشنري ڄاڻي واڻي ڪيو ۽ پنهنجي وزيرن کي چيو ويو ته پنهنجي ٻهراڙي جي ڪوٽا حاصل ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته اهي وڏين مارڪن سان ڊگري حاصل ڪن ته جئين اسان سرڪاري سطح تي وڏيون وڏيو نوڪريو حاصل ڪري سگھون ۽ پنهنجي ورڪر يا ڳوٺ جي ووٽر کي نوڪري وٺي ڏئي سگھون ان ڪري انهن ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ ڪاپي ڪلچر کي ترجيح ڏني وئي بلڪ کلي اجازت ڏني وئي ، اسان جا وڏيرا اهو سب ڪجه ڪرڻ ۾ ڪامياب ته ويا پر اصل تعليم جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏيائون. نتيجو اهو نڪتو جو سرڪاري اسڪولن ۾ ڏينهن به ڏينهن تعليمي ميار ويو ڪرندو ۽ غريب جو ٻار ويو تعليم کان محروم ٿيندو. جن اسڪول ۾ امير جو ٻار به غريب جي ٻار سان گڏ ساڳي پنچ تي ويهي پڙهندو هو انهن اخر شهرن ۾ پرائيويٽ اسڪولن جو رخ ڪيو۽ غريب ٻار ساڳي جاهل استادن جي ور چڙهيورهيو ، ان ٻٽي نظام تحت سرڪاري اسڪول ويران ۽ اوطاقون ٿيڻ لڳيون، هاڻي اچي پنهجي انهن سنڌي ماروئڻ جو خيال ٿيو آهي جڏهن کين ان غريبن کي ڏيڻ لاءِ ڪجه به نه پچو آهي هن وقت جڏهن دنيا ۾ تعليم جي ميدان ۾ سنڌ پوئتي رهجي وئي آهي تڏهن اچي اکيون کوليون اٿون ته هاڻي ماسترن مٿان ڏنڊو کڻون ورنه اسان پنهنجو سياسي موت پاڻ ئي مري وينداسين.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو