سائين منهنجا بلاگر جي باري ۾ ايترو ڪجهه لکجي چڪو آهي جو ان جي باري ۾ ڪجهه به وڌيڪ لکبو ته پڙهندڙن کي ڪجهه نئون پڙهڻ لاءِ نه ملندو، تنهن ڪري اوهان جو وڌيڪ وقت نه وٺندي بلاگر جي نئين سنڌي ريسپانسِو ٽيمپليٽ جو اعلان ڪريان ٿو. ريسپانسِو ٽيمپليٽ مطلب هي ٽيمپليٽ برائوزر جي هر قسم جي اسڪرين تي پاڻمرادو فِٽ ٿي ويندو. ڊيمو ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو اڇا هن بلاگ ۾ سلائيڊر پڻ لڳايو ويو آهي، جيڪو اوهان جي بلاگ جي خوبصورتيءَ ۾ واڌارو آڻيندو. جي وڻيوَ ته هيٺ لنڪ مان ڊائونلوڊ ڪريو. ٺيڪ آ؟ اڇا ٽيمپليٽ بلاگر تي لڳائجي ڪيئن؟ يار ان لاءِ ذيشان رشيد ڀرڳڙي ٽيمپليٽ ۾ بهترين طريقي سان سمجهاڻي ڏني آهي. هي وٺو لنڪ... http://www.sindhsalamat.com/threads/39814/ باقي ڪو سوال آهي ته هي عنوان کليل آهي.. پنهنجا رايا هتي لکو، ڏکيائيون به ٻڌايو مان ذاتي طور تي ڪوشش ڪندس ته اوهان جو مسئلو حل ٿئي. مهرباني..
مٺا اهو ٽيمپليٽ ته ورڊ پريس ۾ هو ؟؟؟ ان کي بلاگر تي ڏسي خوشي ٿي.. ان جا لنڪس به ڏيو ها، ٻي ڳالهه ته ان ٽيمپليٽ پاڻمرادو سنڌي نٿو لکي..
وڌيڪ.. هن بلاگ ۾ سنڌسلامت تي استعمال ٿيندڙ ايم بي سنڌي فونٽ لڳايل آهي. .. سنڌي فونٽ جو سسٽم ۾ انسٽال ٿيل هجڻ ضروري ناهي.
جيئن ته هي رسپانسوِ ٽيمپليٽ آهي ان ڪري هي موبائل توڙي ٽيبليٽ جي اسڪرين سان پاڻ ئي موافقت ٺاهيندو. ان ڪري اوهان کي صلاح ڏيندس ته اوهان بلاگ جو موبائل ورجن Disable ڪري ڇڏيو. مثال طور هي اسڪرين شاٽ پيش آهن: ...... موبائل ٽيمپليٽ ختم ڪرڻ جو طريقو هي آهي: بلاگر تي لاگ ان ڪريو ڊيش بورڊ تان Template تي وڃو، گراڙي واري نشان تي ڪلڪ ڪريو 4. هاڻي No, show desktop template on mobile devices کي سليڪٽ ڪريو. 5. هاڻي Save کي ڪلڪ ڪريو.