ڌرتي منهنجو سنگ آ....جنگ جنگ جنگ ! ماهتاب محبوب

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته پنهنجي ڌرتي ۽ وطن ڇڏي ، نئين وطن لاءِ 'قربانيون ' ڏيندڙن کي ، ڳورهاري زال وانگر رکي رکي سور ٿا اٿن سنڌ ورهائڻ جا! انهن کي ته پنهنجو اصلي وطن ، پنهنجي زمين ڇڏڻ ئي نه گھربي هئي، تڏهن ئي ته کين ٻئي جي پيرن هيٺيان ڌرتي ڇڪڻ جو احساس ناهي. جيئن هتي ٿا صوبي جي طلب ڪن تئين اتي به يو - پي وغيره ۾ پنهنجو الڳ صوبو قائم ڪيو هڪ پاسي هٿيڪا ٿيا ويٺا هجن ها، اڃا به وقت ناهي ويو....مُني صدي به ناهي ٿي، جيڪا ڌرتي هو سنڌين جي پيرن هيٺيان ڦاهي ڏيڻ واري تختي مثل ڇڪي ڌار ڪرڻ ٿا چاهين ته ڇو نه هند وڃي پنهنجي وڏڙن جي ڌرتي ءَ جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ اصلي وارثي ڏيکاري جاکوڙين، سندن هم زبان، هم مذهب ۽ هم وطن خاندانن جا ڪيئي ڪٽڪ به اتي رهيا پيا آهن، جن جو لاشڪ ته پنهنجي هند ڌرتيءَ سان سِرُ لڳي. هو 'قربانيون' ڏيئي هِت ڇو نه آيا ؟ ۽ 'قربانين' جي ضرورت به ڪهڙي هئي انهن محبِ وطنين کي ... قربانيءَ جا جذبا رڳو ٻَڪرن ۾ هوندا آهن; البته سِرُ بچائڻ خاطر نئين وطن ۾ پناهه وٺڻ ٻي ڳالهه آهي، جنهن کي قرباني جي زمري ۾ آڻڻ زورآوري آهي.
    جناح صاحب جي جدوجهد ۽ گانڌيءَ جيءَ جي گھوڙا گھوڙا کان پوءِ انگريزن جي غلامي کان آزادي ڇا ملي ڄڻ کوهه مان نڪري کاهيءَ ۾ اچي ڪرياسين! هيڏو سارو وَسن جهڙو مُلڪ، ٽُڪر هِيڏي، ٽُڪر هوڏي ٿي ويو ته به ڪشمير ٽُڪر لاءِ اڄ سُوڌو ٽڪريا وتن، ساڳيا رينگٽ ساڳي واويلا! مُلڪ جي آجپي کي ذري گھٽ 'سَتر; پَيس اِيمان ۾ ڪَتر' وارا سال اچي ويجھا ٿيا آهن پر نازڪ دور مان لنگھڻ واري سڪراتي ڪيفيت اڄ سوڌو هلندي هلي، جيڪا ڄڻ مُلڪ جي مقدر ۾ لکجي چُڪي آهي! ۽ اهو بس رڳو ۽ رڳو لڳاتار گھوپي ۽ ڪروڌ جو نتيجو آهي، جنهن سان ساوا وڻ به سُڪيو وڃن. 'هائو' جي وات ۾ پيل مُلڪ جو اهو حال ۽ ڌرتي ماءُ سان نسورو ناحق ٿيندو ڏسي، سنڌين جو هڏ ڪيئن نه ڪرُڪندو. هڪڙي پاسي هُندن کي غير محفوظ ڪري پنهنجو اباڻو وطن ڇڏرايو ويو جنهن کي ياد ڪندي اڄ سوڌو رسيون پاڻيءَ جون ڍوئيندا وتن ۽ بنا ڌرتيءَ پاڻي کي ڪونڊي ۾ لڳل ڪو ٻوٽو ٿا سمجھن، ٻئي پاسي اُهي آهن جن نئين وطن، قربانين ۽ هِجرتن جون ڳالهيون ڪندي اچي سندن جاءِ ولاري ۽ ڳالهه ڳالهه تي ذري پرذيءَ تي شريعت ۽ مذهب کي وچ ۾ آڻي قربانين جو ڪينرو کنيو بيٺا آهن!
    وڏڙن واتان ٻڌندا اچون ته هند مان تڙجي ۽ زخمي حالت ۾ آيلن کي ڪڏهن به 'مهاجر' نه ڪوٺيو ، هر ڪو انهن کي همدردي ۽ ڀائيچاري وچان 'پناهه گير' چوندو هو ، تڏهن اهو سڏجڻ به کين ڪو اعتراض به نه هو ، ڇاڪاڻ جو اُهي اعتراض ڪرڻ يا نه ڪرڻ واري پوزيشن ۾ اڃاآيا ئي نه هئا جو ان وقت رڳو پنهنجي سِرَ جي لڳل هئن، جيءَ ۾ جايون ۽ گھرن توڙي ڪيمپن ۾ پناهون وٺڻيون هئن، زمين تي پير کوڙڻا هئن، مطلب ته سنڌين وٽان هر ممڪن آڌرڀا ماڻڻو هئن جنهن جو هو تصور به نه پي ڪري سگھيا، نه کين ڪا ايڏي محبت ڀري موٽ ملندي ، پر جيئن ئي 'سِنگهه' ڪڍي ساڄا ٿيا يعنى روزگار ۽ ڪليمن ۾ هِندُن جا گھر گھاٽ وٺي، لئيءَ مان ڦِري لٺ ٿيا ته سنڌ جي اصلي رهاڪن ۽ وارثن سان 'اُٺ ۽ عرب' واري مشهور قصي جھڙي تار ڪرڻ ۾ جنبي ويا ۽ ساڻن ڪُٽي ڪُٽي کڻي ويرُ وڌائون.... جيئن سفارشي ڊاڪٽر ڪئي ڪمائي ڪُٽ ڪري چوندا هجن، “هم ميرٽ پي آئي هين!” تيئن هي به چوڻ لڳا، “هم کو پناهه گير مت بولو، کس ني هم کو پناهه ديا هي، پناهه ديني والا خدا هي” ايتري ته اسان کي به خبر آهي ته پناهه ڏيڻ وارو خدا آهي، پر هو ان لاءِ ڪو ذريعو به ته پيدا ڪندو آهي. بهرحال سنڌي سٻاجھڙا ، سندن رويي ۾ اوچتو ڦيرو ڏسي سُسِي ويا ۽ حڪم جي تعميل ڪندي کين 'مهاجر' سڏڻ لڳا پر اڄ به سنڌ ۾ ڪيترائي جھونا جوڳي کين اڳ جيان پناهه گير ئي ڪوٺيندا اچن ، جو زوري ظلم سان 'مهاجر' لفظ اُچارڻ ڪري ڪُراڙڻ جي زبان ئي وِڇڙجو وڃي ۽ وات مان 'ماجر' يا 'مجاوَر' نڪريو وڃي .هونءَ ڪو عجب ناهي ته سڀاڻي مُجاورَ به قوم سڏائڻ جو مطالبو ڪرڻ لڳي.
    هيڏانهن مهاجر آهن جو هر هر قرآن ۽ سنت جو حوالو ڏيندا اچن کين خبر هئڻ گھرجي ته 'مهاجر' نه ڪا ذات ۽ نه ئي قوم آهي. هي انهن نيڪ ماڻهن لاءِ عزت ڀريو لقب آهي، جن صرف ۽ صرف دين – اسلام لاءِ پنهنجو ڏيهه ڇڏي ، پرڏيهه هجرت ڪئي. تنهن ڪري ڪير به اِن خوش فهميءَ ۾ نه رهي ته پاڪستان ۾ ڪو مهاجر به آهي. اسلامي نقطه نظر کان به مهاجر جو اولاد ، مهاجر نه سڏائيندو آهي. پر هنن کي ڪير سمجھائي. هي پاڻ سان پاڻهي سَت پُڇي ڪوئي واري ڪار ڪرڻ ٿا چاهين. هيڏانهن اسان جا سنڌي جو ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري بيهارڻ واري ڳالهه تي اڄ سوڌو به ڪو ڀرپور احتجاج نه ڪري سگھيا آهن، بس پنهنجو پاڻ ۾ ئي ڪڏهن ڪڏهن ٿورو گھڻو اعتراض اٿاريو ماٺ ڪيو ويٺا آهن.
    ڏونگر نه ڏوري ، سڪڻ سڌون ڪري
    گھر ويٺي گھوري، مٿان پِرين جندڙو (شاهه)
    ان ڏس ۾ شروع کان ئي ڀرپور طرح سان مذاحمت ڪجي ها ته ڪنهن جي ڪا مجال ئي نه ٿئي ها، ۽ اهي معافيون ۽ گِيسيون ڪن ها جن جي توقه، ڳالهه جو ڳاٽو وٺندي اسان جي نبي سڳوري صه جي آل، خورشيد شاهه صاحب سان ڪئي پئي وڃي سا به “چنڊي مڱڻهار کي گھورَ 'حاجت' لڳي” جي مصداق، عين ان وقت جڏهن بلاول ڀٽو زرداري کي تاريخي جلسي ۾ تقرير ڪرڻي هئي ! توڙي جو لفظ 'گالي هي' مان شاهه صاحب جي مراد، ڪنهن سچي پَچي ڳار مان هرگز نه هوندي جنهن لاءِ معافيون وٺجن، هُن لاشڪ ته لفظ 'مهاجر' کي قوميت سڏائڻ سبب 'چڱو نه لڳڻ' واري سينس ۾ استعمال ڪيو هو ندو پوءِ به هن کي ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪندي 'توهين ِ رسالت' ۾ شامل شاهه صاحب تي 'توهين ِ رسالت' جو الزام هڻي هيسائي ۽ کيس معافيون گھرڻ تي مجبور ڪري پاڻ آڏو جھڪائڻ ئي سندن وڏي گُستاخي آهي! پوءِ به “ڏکيءَ کي ٽانڊو ڏيو” مثل چوندا ٿا رهن ته کين احساسِ محرومي آهي !! احساس ِ محرومي ۽ 'پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب' جهڙو پڇتاءُ ته سٻاجھڙن سنڌين کي به کائي رهيو آهي ته ناحق اِنهن چِچُڙن کي آڻي سنڌ ۾ رهايوسين، بقول غلام فريد، 'آ پي بار محبت چايم ڙي، وڃ آپکون آپ، اڙايم ڙي.......... ' نه ته هوند اڄ اهي ڏينهن نه ڏسڻا پون ها جنهن ۾ سنڌ جي حقيقي وارثن جو ويڙهو ويرهائي، ويران ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ڪجي! پنجاب جا پنجابي ، سنڌين جيان سادڙا سٻاجھڙا نه هئا، اُهي ماڻهوءَ ۽ اُن جي نفسيات کي سڃاڻڻ جا ماهر هئا ، جِن پريان ئي کين “آگي چلو ” جو اشارو ڪيو، نه ته اڄ پنجاب کي به ٻه اَڌَ ڪري نئين صوبي جي رَٽ سُڻائي ، لاهور کي 'لاهوتي لامڪان ' جي پَد تي ڄاڻائي ، اُن جي گُھر لاءِ هيڪاندي ڄاڙي هڻي ۽ نِت نوان بيان ڪڍي اصل اَڙي هڻي بيهن ها. پر تڏهن به پنجاب جا 'هڪ ته ڀاوين ڏون' جھڙا ماڻهو ساڻن پُڄي وڃن ها. پنجاب ۾ ئي هندستان کان آيل پنجابي پڻ اُتي رهيا پيا آهن جيڪي پنجابي هئڻ ڪري اُن ۾ ائين ضِم ٿي ويا آهن جو ڄڻ اُتي جا ئي رهاڪو هجن .... اُهي ته پاڻ کي مُهاجر ڪونه ٿا سڏائين، اُها اجائي ضد رڳو اُردوئن کي ئي آهي جيڪي روز پرچڻ ۽ رُسڻ جا نوان نمونا ۽ بهانا ڳوليندا وتن. هڪڙي ڏينهن هڪڙو بيان ٻئي ڏينهن ساڳئي بيان تان ڦِرموٽيءَ وانگر ڦريو وڃن، ۽ هروڀرو جو محروميءَ جو کڻي سانگ رچايو اٿن. ڪراچيءَ ۾ ته شروع کان ئي سندن اک پئي آهي، جيڪو اصل ۾ اسان جي مورڙي ميربحر ۽ مائي ڪلاچيءَ جو ڳوٺڙو هو ، جنهن کي پوءِ هندوئن ترقيون ۽ سُڌارا آڻي خوبصورت شهر بڻايو. نئين ٽيڪنيڪل دؤر ۾ اچڻ ڪري هن جي خوبصورتي ۽ رنگ روپ اڃان به نکري پيو جنهن تي هِرکِجي پنهنجو حق جتائڻ خاطر سنڌ کان الڳ قطار ۾ بيهاري ، هميشه 'ڪراچي ۽ سنڌ' ڪوٺيندا پيا اچن، جڏهن ته کين'سنڌ جو شهر ڪراچي' چوڻ گھرجي. هو ان حرڪت سان ڄڻ ڊريڪولا جيان سنڌين جو هانءُ چٻاڙيندا رهيا آهن. اهو ته ائين آهي جيئن ڪوئيٽا کي بلوچستان کان الڳ بيهاري ، ڪوئيٽا ۽ بلوچستان سڏجي ، يا پنجاب صوبي جي سڀني شهرن کي 'اندرون ِ سنڌ' وانگر اندرون ِ پنجاب چئي رڳو 'لاهور ۽ پنجاب' چئجي. پختونن سان پڻ ساڳي ڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ها پر هو ائين نٿي ڪري سگھيا جو اتي سندن هڪ هَٽي نه هلي ها. سنڌين ساڻن چڱائي ڪئي، جنهن جو بدلو “چڱائي کي چار ڳڻي هڻجن موچڙا” جي صورت ۾ مليو هو لاشڪ ته سنڌ جو سڻڀو صوبو حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي نيت جي کوٽ کي لڪائڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ وڌيڪ صوبا ڄاڻائڻ جا مثال ڏيندي ، اُن جي آڏ ۾ سنڌ سميت نوان صوبا ٺاهڻ جا مطالبا ٿا ڪن پر جي سنڌي ، سنڌ کي اڳ جيان الڳ رياست سمجھندي ڳالهه ڳالهه ۾ 'نئين سنڌ' ۽ پاڪستان چوندا رهن ته پوءِ ڏسو ڪيئن نه ٿو سنڌين تي بابُ ٻَري ۽ هيڪاندا احتجاج ٿين.
    اڄ ٽي - وي چينلن تي صوبن جا سُور پِٽيندي دانهون پيا ڏيندا آهن ته سنڌين ساڻن ڪهڙا ڪهڙا ويئل وهايا، کين مَڪَڙ وغيره ڪوٺيو، بُکيو ننگو سڏيو، ۽ ٻيو به گھڻو ڪجهه جڏهن ته پنهنجيون ڳالهيون نٿا ورجائين ته هُنن سنڌين کي ڇا ڇا نه چيو ، سندن ليڊر لياقت علي خان ته حد ڪري ڇڏي هئي سنڌين لاءِ 'گوهر افشاني' ڪري. رهي ڳالهه 'مَڪڙ' سڏجڻ جي، سنڌين جي اُن مان مُراد سندن دل آزاري ڪرڻ نه هئي..جيئن تُرڪستان مان ايندڙ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ هيڪاندا گھوڙا ڏسي ، سنڌ جي ماڻهن وٺي 'گھوڙا ڙي گھوڙا ڙي ! ' ڪئي تيئن هندستان مان آيل نئين قوم جي ماڻهن جي هيڪاندي يلغار ڏسي 'ماڪڙ ماڪڙ' کڻي ڪئي هئن ، ڇو ته ماڪڙ جتي مارو ڪري اُتي سڄو آسمان انهن سان ڍَڪجو وڃي ۽ جھٽ پٽ ۾ فصلن جا فصل چٽُ ڪيو ڇڏين. باقي چوندا آهن ته پنهنجي عزت ، پنهنجي هٿ ۾ هوندي آهي. انسان ڪمزورين ۽ خطائن جو گھر آهي. سُٺي هلت چلت ۽ همدرداڻي رويي سان هُن جون ڪمزوريون ۽ ٻيون خطائون درگذر ٿيو وڃن پر جتي پنهنجي اوقات تي ايندي، لاهي پاهي بنهه بي حيا ٿي بيهندو ، ته لازمي ان کي پنهنجي اصليت ياد ڏياربي ، ڇو ته سڀ ماڻهو درگذر ڪرڻ وارا نه هوندا آهن . ائين ڪرڻ ته نه گھرجي پر گھٽ برداشت وارا ماڻهو اندر جي باهه ۽ چڙ مان ڪجھه به چئي ويندا آهن. اها صورتحال نه رڳو سنڌ ، پر پوري دنيا جي ماڻهن سان لاڳو آهي. هندستان جي نئين وزير اعظم جو ئي مثال وٺجي جنهن سان اسان جو وزير اعظم به سرخرو ٿيڻ لاءِ وڃي ملي آيو، پر ماڻهو مارائڻ واري پاڪستاني دشمني سبب هڪ اردو چينل تان ان کي به ڪجھه هن ريت نشانو بنايو ويو ته ، “جا ، جاڪي اَپنا جھاڙو پوچا ڪر، تيرا ادهر کيا کام !” سو ائين ته ٿيندو آهي سيٽ ڏيکارڻ وارن سان....هيڏانهن هند وارو وزير اعظم به 'سَت پُڇي' ڪوئي کان گھٽ ناهي، جو اميتاب بچن جهڙي معتبر ايڪٽرن کي به پاڻ واري اوقات تي آڻڻ لاءِ ملڪ جي صفائي جي بهاني ٻُهارا کڻايا اٿس.....اِن سان هن جي احساسِ محروميءَ تي ڪجهه ڇنڊو ته ضرور پيو هوندو ۽ ڦونڊ مان سرحد وٽ ڪجهه ٻيا به فائر ڪرائي ماڻهو مارايا پر قطعي طور وري به ان احساس محرومي مان نڪري نه سگھيو هوندو، ڪٿي نه ڪٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ٻهارو ڪر کڻي اَچي آڏو بيهندس........ ۽ پوءِ ممڪن آهي ته 'بخشو بي بلي چوها لنڊورا هي ڀلا' وانگر سوچي 'وڏي ڪلنگيءَ تي رَسَڻ کان پوءِ به جي ٻُهاريءَ جو وسڪارو ٿيندو ٿو اچي، تنهن کان ساڳيو ٻُهارو ڏيڻ هجي ها ته چڱو هو. '
    68 سال اڳ جيڪي پناهه گير پنهنجو وطن ڇڏي اسان جي ملڪ کي 'نئون وطن' ڄاڻائي آيا هئا سي ته ڪڏهوڪو کپي پورا ٿيا، اُن کانپوءِ وارا ڪُراڙا ڪُنڊڙي وٺيو ، ڪرونڊڙا ٿيا پيا هوندا، باقي سندن نئين کيپ پُرجوش پيڙهي، جيڪا اڄ سوڌو سنڌ ۾ ضم نه ٿي سگھي آهي ۽ سنڌ ورهائڻ جي سازشن ۾ آئي ڏينهن نت نوان سَٽل سٽيندي ٿي رهي ته ڇو نه اهڙي گُھر هو پنهنجي اصل ماڳن ڏي موٽي وڃڻ لاءِ ڪن، جتي پنهنجي وڇڙيل محبِ وطن هندستاني مسلم مائٽن کان اُتر پرديش يا مڌيه پرديش واري صوبي جي اَڌو اَڌ ورهاڱي جو مطالبو ڪن ، يا سنئون سڌو “رهي راهوجا، بکي باهوجا، ته به ڪُتي ڪوريجن جي” جي مصداق، برطانيه مان هر هر بيان بدلائيندڙ ڀوتار وٽ ڇو نه ٿا وڃي نئون صوبو لَنڊن ۾ ٺاهين ..... پوءِ ڪاوڃي احساس محرومي گھٽ ٿئين. پر محرومي جي ڳالهه بلڪل اجائي آهي هڪڙو ته پرائي وطن کي قربانين جي آڙ ۾ هروڀرو جو پنهنجو ڪوٺيون مٿان وري صوبو ڦرڻ ! پرائي ملڪ تي نوان ٽئگ چُهٽائڻ سان مُلڪ پنهنجو نه ٿي پوندو آهي، خچر کي ڳچيءَ ۾ گھوڙي جو ٽئگ چُهٽائبو ته اُهو گھوڙو ته نه ٿي پوندو نه ، مٽيءَ ته اسان جي وطن جي ساڳي آهي. هو به هند ۾ پنهنجي حصي ۾ خوش ويٺا هجن ها ۽ اتي ئي الڳ 'صوبي' لاءِ اهڙي جدوجهد ڪن ها ته ڳالهه به ٺهي ٿي. چوندا آهن ته وري به کڻي اسان جا ڪلمي گو ڀائر آهن پر انهن کي پنهنجي هم وطنين هندستاني ڀائرن کي ڇڏي نه اچڻ کپندو هو هيڏانهن اصلي سنڌي به سنڌ ۾ پنهنجي هندو ڀائرن سان خوش ويٺا هجن ها. اُهي ته انگريزي راڄ ۾ به خوش هئا، جنهن ۾ هنن سان اڄ جھڙا ڪُلورَ ته ڪونه هئا هي سنڌ اردوئن جي نسلن جي صرف ان حالت ۾ ئي ٿي سگھي ٿي جنهن ۾ هو سنڌ ۾ ضم ٿي وڃن، بلڪل ائين جيئن سيد، بلوچ، پٺاڻ، مغل يا عرب هن ڌرتيءَ تي پاڻ کي سنڌي سمجھندا ۽ سڏرائيندا اچن باقي ذات ته جيڪا هوندي سائي سڏبي. اهي ته ائين نٿا چون ته صدين کان سنڌ ۾ رهڻ ۽ سنڌي ڳالهائڻ ڪري انهن مان هر هڪ کي الڳ صوبي ٺاهڻ جو اختيار ملڻ گھرجي جنهن ۾ سنڌ اندر بلوچستان ، سرحد يا پختون ۽ ٻيا صوبا کڙا ڪرائجن.
    پاڻ کي 'اردو ڳالهائيندڙ' يا 'اردو اسپيڪنگ' قوم سڏائڻ به ڏاڍو عجيب ٿو لڳي. سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌي ، صرف سنڌي ئي ڪوٺبو ، 'ڳالهائيندڙ' جو پُڇ يا اضافو ڇا لاءِ ؟ اهو ته تڏهن ، جڏهن ڪير پُڇي ته 'ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندا آهيو' ؟ جنهن جي جواب ۾ ظاهر آهي ته ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائيندڙ هوندو تنهن جو ئي نالو کڻندو. باقي پاڻ کي اُردو اسپيڪنگ يا نوان سنڌي سڏائڻ اهو ڄڻ پنهنجو پاڻ سان مذاق آهي. تنهن کان ته 'سنڌي' جيان 'اُردي' سڏائڻ به ڪو عيب ناهي پاڻ ڪافيو به ملي ٿو. يا پوءِ جيئن 'سنڌي پٺاڻ '، 'سنڌي هندو'، 'سنڌي مسلمان' يا 'اردو سنڌي' نه ته به، 'هندستاني مسلمان' سڏائڻ به ٺيڪ آهي. سنڌي سڏائڻ ته کين پسند ئي ناهي. ڇو جو ڪنهن اردودان هڪ ڀيري ائين به چيو هو ته 'هندستان مان اسين هت سنڌي ٿيڻ ڪونه آيا آهيون' مطلب ته سنڌين جي سچي محبت جو مشاهدو ماڻڻ ۽ جيءَ ۾ جايون پائڻ کان پوءِ به کين سنڌين کان اندروني طور شديد نفرت آهي، جنهن جي ڪري ئي هو الڳ صوبي جي ڳالهه ڪن ٿا تنهنڪري پرڏيهي ملڪن اندر ڪيئي صوبا ٺاهڻ جا دليل ڏيندي سنڌين کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکندا پيا اچن ، پر سنڌي اهڙا پر متڙا ناهن جو پرايا محل ڏسي پنهنجي ڀونگي ڊاهي ، جُهڳو ئي جَھڻ ڪن ! هيڏانهن اردو دان ، ڪراچي ءَ تي پنهنجي گرفت رکڻ ۽ حق جتائڻ لاءِ وڏي دعوى مان ميڊيا آڏو چوندا پيا اچن ته ان شهر کي خوبصورت ۽ صاف سٿرو رکڻ سندن ئي ڪمال آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ 'اندرونِ سنڌ ' جي روڊ رستن جو مذاق اُڏايو آهي.
    'اندرونِ سنڌ' ائين ٿا ڳاٽ اُوچو ڪري اُوچارين ڄڻ اها ڪنهن تحت الصرا يا پاتال ۾ پيهي ويل ڪو لاوارث ننڌڻڪو ڳوٺڙو هجي !
    ڪراچي کي صاف سٿرو رکي ، سُر ۾ آڻڻ جو مطلب اهو ناهي ته سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿجي! صفائي سُٺائي ڪندڙ عملو، مالڪن جي محل ماڙين يا بنگلن کي چمڪائيندا ته ڇا ان جي مالڪيءَ يا دعويدار بڻجي پوندا؟ کين ته محنت جو اجورو يا عيوضو ملندو آهي. سنڌين ته اُردين بنيا ڪنهن لوڀ لالچ خيرمخدم ڪيو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون جنهن جو صلو اڄ اهو ٿو ملي جو سنڌ کي اَڌو اَڌ ڪرائي اُن صاف سٿري شهر جا اڪيلا والي وارث ٿيڻ جا خواب ٿا ڏسجن! پر دل ڌوئي دکيءَ ۾ رکن ، سندن اهو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. ڪراچي ته هندن جي ڏينهن ۾ به خوبصورت حقيقت هئي. سنڌ جو پئرس سڏجندڙ، هيرآباد جا روڊ رستا گلاب جي پاڻين سان ڌوپبا هئا، سنڌ سموري ڊسپلن ۽ سٺي مئنيجمينٽ جو مثال هئي، هڪ غير مذهب جا سنڌي هوندي به هُنن وٽ سنڌ ويراهي، سنڌي مسلمانن کان ڌار ٿي رهڻ جو تصور ئي نه هو.... پر اڄ جيڪي پاڻ کي وڏو معتبر ڄاڻائي سنڌ ويراهڻ جي ڳالهه ٿا ڪن، اُنهن کي سنڌ ۾ باقي رهيل اصلي وارثن هندو سنڌين کان ڇو خوف ٿو ٿئي ته جي اِهي اِتي رهيا ته ڪٿي وري اڳ جيان اصلي وارث نه ٿي وڃن، لاشڪ ته ان ڪري ئي هندوئن کي تمام گھڻو تنگ ڪيو پيو وڃي. چڱا مٺا ماڻهو هر قوم ۾ هوندا آهن پر هندن ڪڏهن به سنڌي ملسمانن کان نفرت نه ڪئي، بلڪه اُنهن جي هر خوشي ، عيدبرات توڙي محرم ماتم ۾ وڏي عقيدت مان شامل رهيا، باسون باسيون، ولين بزرگن جي عزت ڪئي، اُنهن جي درگاهن تان دعائون حاصل ڪيون، شاهه لطيف سائين کي پنهنجو مرشد لطيف ڪوٺيو، 'سنڌ ون – سنڌ ٽو' جو راڳ ڪڏهن به نه الاپيو!
    هُندن جا جوتا پالش ڪرڻ جو طعنو پڻ اڄڪلهه سنڌ ويراهڻ جي حوالي سان گونججي پيو ته ڇا ٿي پيو؟ غريب مسلم پٺاڻ به ته اڄ سوڌو آئي وئي جا جوتا صاف ۽ پالش ڪندا رهن ٿا...ساڳي ريت غريب هِندُن به امير مسلمانن جي چاڪري ڪئي هوندي ان ۾ ڪهڙو عيب عجب! جيڪر مسڪين ۽ بي پُهچ سنڌين ، هِندُئن جا جوتا صاف ڪيا هوندا ته 'نئون وطن' حاصل ڪندڙن ته ماڳهين حد ڪري ڇڏي جيڪي ڪليمن ۾ ڦٻيل انهن جي محل ماڙين ۾ رهڻ جا به لائق نه هئا تڏهن ته سندن ٽائلز وارن چَمڪندڙ بيت الخلا جي چُلهن کي رڌي پڪي ڪرڻ واري چُلهه سمجھي استعمال ڪندا آيا.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو سٻاجھڙن جي ڀيٽ ۾ منافقيءَ جي حد تائين حرفتي آهن، تڏهن ته سنڌ ويراهڻ واري مطالبي سان سنڌين کي مڇرائي انهن جو هانءُ ساڙڻ کان پوءِ اُن تي ٿور ي دير ٿڌو ڇنڊو هڻڻ خاطر وڏيءَ رساڪشيءَ مان چِنگھندي ڪِنجھندي سنڌيءَ ۾ منٽ اڌ جي ڳالهه ٻولهه ڪري ۽ شاهه سائين جو هڪ اڌ بيت سُڻائي سنڌين کي خاطري ڪرائيندا آهن ته اُهي سنڌ ڄاوا، پاڻ به سچا سنڌي ۽ سندن ڀرجھلا ڀائر آهن! رڳو مصلحتي تقريرن مهل پاڻ کي 'سنڌي' سڏائڻ سان ڪو سنڌي ته نه ٿي پوندو ، تنهنڪري ئي ته هيءَ چواڻي آهي، 'من نٿيو مسلمان ته ڪلمو پڙهي ڇاڪبو! '
    ڪاش، سنڌ جي اصلي وارثن ، اسان جي هندو ڀائرن ڀينرن کي اڄ ڏينهن تائين هتي تحفظ حاصل هجي ها ته هو اڄ سنڌ ڇڏي اسان کي اڪيلو ڪري ڪڏهن به هتان نه وڃن ها. اسين گڏجي سنڌ کي اهڙو عرج ڏيون ها جو سارو ڏيهه ڏسي ها... هونءَ ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته هندستان مان هِت لڏي آيلن ۾ ٿورائيءَ ۾ ئي سهي پر چڱا ۽ خانداني ماڻهو به شامل هوندا آهن، جن جو نفاق ۽ نفرتون وجھائيندڙ سياسي پارٽين چاهي انهن جي ٻولڙين سان ڪو واسطو ئي ناهي ، جيڪي اڄ به اسان کي اوترائي عزيز ۽ ويجھا آهن جيترا سنڌ ڌرتيءَ جا محبِ وطن سنڌي. انهن سان اسان جا رت جا رشتا سيڻپي جا سڱ سُٻنڌ دائم قائم آهن، هو هرگز احسان فراموش ناهن ۽ نه ئي وري ڪج بحثي، کين هر ڳالهه جو احساس آهي، هو سنڌين جي روح ۾ جھاتي پائي اهو درد محسوس ڪري سگھن ٿا جيڪو سندن هم زبان قوم جي ماڻهن ، سٻاجھي سنڌين کي ڪڏهن به نه ڀرجندڙ زخم جي صورت ۾ ڏنو آهي، پر افسوس جو پارٽين جا ليڊر ۽ چيئرمين پنهنجي گمراهه ڪيل ڇاڙتن سميت، پنهنجون پنهنجون سياستون چمڪائڻ'مقصد' ماڻڻ لاءِ 'ڊوائيڊ اينڊ رول' تحت ڌُرين ۾ جھيڙا ڪرائيندا پيا اچن.
    هي ولين اوليائن ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي ، انهن جي روح کي رنجائڻ جو انجام ڪنهن به بدنيت جي حق ۾ بهتر نه ٿيندو. سنڌين جون پاڙون اڄ کان نه ، صدين کان سنڌ ڌرتي ماءُ ۾ کُتل آهن، تنهن ڪري پنج ڪروڙ سنڌيو پاڻ سان هرگز ناانصافي نه ٿيڻ ڏجو ، ايم .ڪيو .ايم ۽ ان جي پوءِ لڳن جا سنڌ دشمن رويا قطعي طور بند ڪرايو . اسان کي نئين صوبن ، يونٽن ۽ سنڌ، ون ٽو ٿِري جا ڪي به سبق ناهن پڙهڻا. سنڌ هن ڌرتيءَ تي هڪ ئي آهي ۽ هڪ ئي رهندي، جنهن جي ورهاڱي جو ڪو به دليل هرگز قابلِ قبول نه هوندو.
    پهريان سڄي مُلڪ جو ورهاڱو ، وري ان ورهاڱي جو به ورهاڱو ٿيو ۽ اِيسٽ پاڪستان تان هٿ ڌوئڻا پيا، هاڻ وري باقي بچيل ٽُڪر مان به سنڌ جو ورهاڱو!! ڪيڏي نه عبرت ناڪ ۽ سبق آموز ڳالهه چئبي بهرحال وري به جيڪر نه مڙيو ته اُن کي سنڌ جي بهادر عورت جيجي زرينه بلوچ جي لفظن ۾ چونداسين
    جنگ جنگ جنگ آ ، منهنجي تو سان جنگ آ...
    پليت پير ڪر پري، هي ڌرتي منهنجو ننگ آ...
    هي ڌرتي منهنجو سنگ آ....جنگ جنگ جنگ !

    ماهتاب محبوب
    04-11-2014
    ماهتاب محبوب هي ڌرتي منهنجو سنگ آ.... An Exclusive article of Respected Madam Mahtab Mahboob regarding Sindhs Partition and Religious Extremism (Today Kawish ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته پنهنجي ڌرتي ۽ وطن ڇڏي ، نئين وطن لاءِ 'قربانيون ' ڏيندڙن کي ، ڳورهاري زال وانگر رکي رکي سور ٿا اٿن سنڌ ورهائڻ جا! انهن کي ته پنهنجو اصلي وطن ، پنهنجي زمين ڇڏڻ ئي نه گھربي هئي، تڏهن ئي ته کين ٻئي جي پيرن هيٺيان ڌرتي ڇڪڻ جو احساس ناهي. جيئن هتي ٿا صوبي جي طلب ڪن تئين اتي به يو - پي وغيره ۾ پنهنجو الڳ صوبو قائم ڪيو هڪ پاسي هٿيڪا ٿيا ويٺا هجن ها، اڃا به وقت ناهي ويو....مُني صدي به ناهي ٿي، جيڪا ڌرتي هو سنڌين جي پيرن هيٺيان ڦاهي ڏيڻ واري تختي مثل ڇڪي ڌار ڪرڻ ٿا چاهين ته ڇو نه هند وڃي پنهنجي وڏڙن جي ڌرتي ءَ جا حق حاصل ڪرڻ لاءِ اصلي وارثي ڏيکاري جاکوڙين، سندن هم زبان، هم مذهب ۽ هم وطن خاندانن جا ڪيئي ڪٽڪ به اتي رهيا پيا آهن، جن جو لاشڪ ته پنهنجي هند ڌرتيءَ سان سِرُ لڳي. هو 'قربانيون' ڏيئي هِت ڇو نه آيا ؟ ۽ 'قربانين' جي ضرورت به ڪهڙي هئي انهن محبِ وطنين کي ... قربانيءَ جا جذبا رڳو ٻَڪرن ۾ هوندا آهن; البته سِرُ بچائڻ خاطر نئين وطن ۾ پناهه وٺڻ ٻي ڳالهه آهي، جنهن کي قرباني جي زمري ۾ آڻڻ زورآوري آهي. جناح صاحب جي جدوجهد ۽ گانڌيءَ جيءَ جي گھوڙا گھوڙا کان پوءِ انگريزن جي غلامي کان آزادي ڇا ملي ڄڻ کوهه مان نڪري کاهيءَ ۾ اچي ڪرياسين! هيڏو سارو وَسن جهڙو مُلڪ، ٽُڪر هِيڏي، ٽُڪر هوڏي ٿي ويو ته به ڪشمير ٽُڪر لاءِ اڄ سُوڌو ٽڪريا وتن، ساڳيا رينگٽ ساڳي واويلا! مُلڪ جي آجپي کي ذري گھٽ 'سَتر; پَيس اِيمان ۾ ڪَتر' وارا سال اچي ويجھا ٿيا آهن پر نازڪ دور مان لنگھڻ واري سڪراتي ڪيفيت اڄ سوڌو هلندي هلي، جيڪا ڄڻ مُلڪ جي مقدر ۾ لکجي چُڪي آهي! ۽ اهو بس رڳو ۽ رڳو لڳاتار گھوپي ۽ ڪروڌ جو نتيجو آهي، جنهن سان ساوا وڻ به سُڪيو وڃن. 'هائو' جي وات ۾ پيل مُلڪ جو اهو حال ۽ ڌرتي ماءُ سان نسورو ناحق ٿيندو ڏسي، سنڌين جو هڏ ڪيئن نه ڪرُڪندو. هڪڙي پاسي هُندن کي غير محفوظ ڪري پنهنجو اباڻو وطن ڇڏرايو ويو جنهن کي ياد ڪندي اڄ سوڌو رسيون پاڻيءَ جون ڍوئيندا وتن ۽ بنا ڌرتيءَ پاڻي کي ڪونڊي ۾ لڳل ڪو ٻوٽو ٿا سمجھن، ٻئي پاسي اُهي آهن جن نئين وطن، قربانين ۽ هِجرتن جون ڳالهيون ڪندي اچي سندن جاءِ ولاري ۽ ڳالهه ڳالهه تي ذري پرذيءَ تي شريعت ۽ مذهب کي وچ ۾ آڻي قربانين جو ڪينرو کنيو بيٺا آهن! وڏڙن واتان ٻڌندا اچون ته هند مان تڙجي ۽ زخمي حالت ۾ آيلن کي ڪڏهن به 'مهاجر' نه ڪوٺيو ، هر ڪو انهن کي همدردي ۽ ڀائيچاري وچان 'پناهه گير' چوندو هو ، تڏهن اهو سڏجڻ به کين ڪو اعتراض به نه هو ، ڇاڪاڻ جو اُهي اعتراض ڪرڻ يا نه ڪرڻ واري پوزيشن ۾ اڃاآيا ئي نه هئا جو ان وقت رڳو پنهنجي سِرَ جي لڳل هئن، جيءَ ۾ جايون ۽ گھرن توڙي ڪيمپن ۾ پناهون وٺڻيون هئن، زمين تي پير کوڙڻا هئن، مطلب ته سنڌين وٽان هر ممڪن آڌرڀا ماڻڻو هئن جنهن جو هو تصور به نه پي ڪري سگھيا، نه کين ڪا ايڏي محبت ڀري موٽ ملندي ، پر جيئن ئي 'سِنگهه' ڪڍي ساڄا ٿيا يعنى روزگار ۽ ڪليمن ۾ هِندُن جا گھر گھاٽ وٺي، لئيءَ مان ڦِري لٺ ٿيا ته سنڌ جي اصلي رهاڪن ۽ وارثن سان 'اُٺ ۽ عرب' واري مشهور قصي جھڙي تار ڪرڻ ۾ جنبي ويا ۽ ساڻن ڪُٽي ڪُٽي کڻي ويرُ وڌائون.... جيئن سفارشي ڊاڪٽر ڪئي ڪمائي ڪُٽ ڪري چوندا هجن، “هم ميرٽ پي آئي هين!” تيئن هي به چوڻ لڳا، “هم کو پناهه گير مت بولو، کس ني هم کو پناهه ديا هي، پناهه ديني والا خدا هي” ايتري ته اسان کي به خبر آهي ته پناهه ڏيڻ وارو خدا آهي، پر هو ان لاءِ ڪو ذريعو به ته پيدا ڪندو آهي. بهرحال سنڌي سٻاجھڙا ، سندن رويي ۾ اوچتو ڦيرو ڏسي سُسِي ويا ۽ حڪم جي تعميل ڪندي کين 'مهاجر' سڏڻ لڳا پر اڄ به سنڌ ۾ ڪيترائي جھونا جوڳي کين اڳ جيان پناهه گير ئي ڪوٺيندا اچن ، جو زوري ظلم سان 'مهاجر' لفظ اُچارڻ ڪري ڪُراڙڻ جي زبان ئي وِڇڙجو وڃي ۽ وات مان 'ماجر' يا 'مجاوَر' نڪريو وڃي .هونءَ ڪو عجب ناهي ته سڀاڻي مُجاورَ به قوم سڏائڻ جو مطالبو ڪرڻ لڳي. هيڏانهن مهاجر آهن جو هر هر قرآن ۽ سنت جو حوالو ڏيندا اچن کين خبر هئڻ گھرجي ته 'مهاجر' نه ڪا ذات ۽ نه ئي قوم آهي. هي انهن نيڪ ماڻهن لاءِ عزت ڀريو لقب آهي، جن صرف ۽ صرف دين – اسلام لاءِ پنهنجو ڏيهه ڇڏي ، پرڏيهه هجرت ڪئي. تنهن ڪري ڪير به اِن خوش فهميءَ ۾ نه رهي ته پاڪستان ۾ ڪو مهاجر به آهي. اسلامي نقطه نظر کان به مهاجر جو اولاد ، مهاجر نه سڏائيندو آهي. پر هنن کي ڪير سمجھائي. هي پاڻ سان پاڻهي سَت پُڇي ڪوئي واري ڪار ڪرڻ ٿا چاهين. هيڏانهن اسان جا سنڌي جو ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري بيهارڻ واري ڳالهه تي اڄ سوڌو به ڪو ڀرپور احتجاج نه ڪري سگھيا آهن، بس پنهنجو پاڻ ۾ ئي ڪڏهن ڪڏهن ٿورو گھڻو اعتراض اٿاريو ماٺ ڪيو ويٺا آهن. ڏونگر نه ڏوري ، سڪڻ سڌون ڪري گھر ويٺي گھوري، مٿان پِرين جندڙو (شاهه) ان ڏس ۾ شروع کان ئي ڀرپور طرح سان مذاحمت ڪجي ها ته ڪنهن جي ڪا مجال ئي نه ٿئي ها، ۽ اهي معافيون ۽ گِيسيون ڪن ها جن جي توقه، ڳالهه جو ڳاٽو وٺندي اسان جي نبي سڳوري صه جي آل، خورشيد شاهه صاحب سان ڪئي پئي وڃي سا به “چنڊي مڱڻهار کي گھورَ 'حاجت' لڳي” جي مصداق، عين ان وقت جڏهن بلاول ڀٽو زرداري کي تاريخي جلسي ۾ تقرير ڪرڻي هئي ! توڙي جو لفظ 'گالي هي' مان شاهه صاحب جي مراد، ڪنهن سچي پَچي ڳار مان هرگز نه هوندي جنهن لاءِ معافيون وٺجن، هُن لاشڪ ته لفظ 'مهاجر' کي قوميت سڏائڻ سبب 'چڱو نه لڳڻ' واري سينس ۾ استعمال ڪيو هو ندو پوءِ به هن کي ڳالهه مان ڳالهوڙو ڪندي 'توهين ِ رسالت' ۾ شامل شاهه صاحب تي 'توهين ِ رسالت' جو الزام هڻي هيسائي ۽ کيس معافيون گھرڻ تي مجبور ڪري پاڻ آڏو جھڪائڻ ئي سندن وڏي گُستاخي آهي! پوءِ به “ڏکيءَ کي ٽانڊو ڏيو” مثل چوندا ٿا رهن ته کين احساسِ محرومي آهي !! احساس ِ محرومي ۽ 'پنهنجي وڍيءَ جو ويڄ نه طبيب' جهڙو پڇتاءُ ته سٻاجھڙن سنڌين کي به کائي رهيو آهي ته ناحق اِنهن چِچُڙن کي آڻي سنڌ ۾ رهايوسين، بقول غلام فريد، 'آ پي بار محبت چايم ڙي، وڃ آپکون آپ، اڙايم ڙي.......... ' نه ته هوند اڄ اهي ڏينهن نه ڏسڻا پون ها جنهن ۾ سنڌ جي حقيقي وارثن جو ويڙهو ويرهائي، ويران ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ڪجي! پنجاب جا پنجابي ، سنڌين جيان سادڙا سٻاجھڙا نه هئا، اُهي ماڻهوءَ ۽ اُن جي نفسيات کي سڃاڻڻ جا ماهر هئا ، جِن پريان ئي کين “آگي چلو ” جو اشارو ڪيو، نه ته اڄ پنجاب کي به ٻه اَڌَ ڪري نئين صوبي جي رَٽ سُڻائي ، لاهور کي 'لاهوتي لامڪان ' جي پَد تي ڄاڻائي ، اُن جي گُھر لاءِ هيڪاندي ڄاڙي هڻي ۽ نِت نوان بيان ڪڍي اصل اَڙي هڻي بيهن ها. پر تڏهن به پنجاب جا 'هڪ ته ڀاوين ڏون' جھڙا ماڻهو ساڻن پُڄي وڃن ها. پنجاب ۾ ئي هندستان کان آيل پنجابي پڻ اُتي رهيا پيا آهن جيڪي پنجابي هئڻ ڪري اُن ۾ ائين ضِم ٿي ويا آهن جو ڄڻ اُتي جا ئي رهاڪو هجن .... اُهي ته پاڻ کي مُهاجر ڪونه ٿا سڏائين، اُها اجائي ضد رڳو اُردوئن کي ئي آهي جيڪي روز پرچڻ ۽ رُسڻ جا نوان نمونا ۽ بهانا ڳوليندا وتن. هڪڙي ڏينهن هڪڙو بيان ٻئي ڏينهن ساڳئي بيان تان ڦِرموٽيءَ وانگر ڦريو وڃن، ۽ هروڀرو جو محروميءَ جو کڻي سانگ رچايو اٿن. ڪراچيءَ ۾ ته شروع کان ئي سندن اک پئي آهي، جيڪو اصل ۾ اسان جي مورڙي ميربحر ۽ مائي ڪلاچيءَ جو ڳوٺڙو هو ، جنهن کي پوءِ هندوئن ترقيون ۽ سُڌارا آڻي خوبصورت شهر بڻايو. نئين ٽيڪنيڪل دؤر ۾ اچڻ ڪري هن جي خوبصورتي ۽ رنگ روپ اڃان به نکري پيو جنهن تي هِرکِجي پنهنجو حق جتائڻ خاطر سنڌ کان الڳ قطار ۾ بيهاري ، هميشه 'ڪراچي ۽ سنڌ' ڪوٺيندا پيا اچن، جڏهن ته کين'سنڌ جو شهر ڪراچي' چوڻ گھرجي. هو ان حرڪت سان ڄڻ ڊريڪولا جيان سنڌين جو هانءُ چٻاڙيندا رهيا آهن. اهو ته ائين آهي جيئن ڪوئيٽا کي بلوچستان کان الڳ بيهاري ، ڪوئيٽا ۽ بلوچستان سڏجي ، يا پنجاب صوبي جي سڀني شهرن کي 'اندرون ِ سنڌ' وانگر اندرون ِ پنجاب چئي رڳو 'لاهور ۽ پنجاب' چئجي. پختونن سان پڻ ساڳي ڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ها پر هو ائين نٿي ڪري سگھيا جو اتي سندن هڪ هَٽي نه هلي ها. سنڌين ساڻن چڱائي ڪئي، جنهن جو بدلو “چڱائي کي چار ڳڻي هڻجن موچڙا” جي صورت ۾ مليو هو لاشڪ ته سنڌ جو سڻڀو صوبو حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي نيت جي کوٽ کي لڪائڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ وڌيڪ صوبا ڄاڻائڻ جا مثال ڏيندي ، اُن جي آڏ ۾ سنڌ سميت نوان صوبا ٺاهڻ جا مطالبا ٿا ڪن پر جي سنڌي ، سنڌ کي اڳ جيان الڳ رياست سمجھندي ڳالهه ڳالهه ۾ 'نئين سنڌ' ۽ پاڪستان چوندا رهن ته پوءِ ڏسو ڪيئن نه ٿو سنڌين تي بابُ ٻَري ۽ هيڪاندا احتجاج ٿين. اڄ ٽي - وي چينلن تي صوبن جا سُور پِٽيندي دانهون پيا ڏيندا آهن ته سنڌين ساڻن ڪهڙا ڪهڙا ويئل وهايا، کين مَڪَڙ وغيره ڪوٺيو، بُکيو ننگو سڏيو، ۽ ٻيو به گھڻو ڪجهه جڏهن ته پنهنجيون ڳالهيون نٿا ورجائين ته هُنن سنڌين کي ڇا ڇا نه چيو ، سندن ليڊر لياقت علي خان ته حد ڪري ڇڏي هئي سنڌين لاءِ 'گوهر افشاني' ڪري. رهي ڳالهه 'مَڪڙ' سڏجڻ جي، سنڌين جي اُن مان مُراد سندن دل آزاري ڪرڻ نه هئي..جيئن تُرڪستان مان ايندڙ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ هيڪاندا گھوڙا ڏسي ، سنڌ جي ماڻهن وٺي 'گھوڙا ڙي گھوڙا ڙي ! ' ڪئي تيئن هندستان مان آيل نئين قوم جي ماڻهن جي هيڪاندي يلغار ڏسي 'ماڪڙ ماڪڙ' کڻي ڪئي هئن ، ڇو ته ماڪڙ جتي مارو ڪري اُتي سڄو آسمان انهن سان ڍَڪجو وڃي ۽ جھٽ پٽ ۾ فصلن جا فصل چٽُ ڪيو ڇڏين. باقي چوندا آهن ته پنهنجي عزت ، پنهنجي هٿ ۾ هوندي آهي. انسان ڪمزورين ۽ خطائن جو گھر آهي. سُٺي هلت چلت ۽ همدرداڻي رويي سان هُن جون ڪمزوريون ۽ ٻيون خطائون درگذر ٿيو وڃن پر جتي پنهنجي اوقات تي ايندي، لاهي پاهي بنهه بي حيا ٿي بيهندو ، ته لازمي ان کي پنهنجي اصليت ياد ڏياربي ، ڇو ته سڀ ماڻهو درگذر ڪرڻ وارا نه هوندا آهن . ائين ڪرڻ ته نه گھرجي پر گھٽ برداشت وارا ماڻهو اندر جي باهه ۽ چڙ مان ڪجھه به چئي ويندا آهن. اها صورتحال نه رڳو سنڌ ، پر پوري دنيا جي ماڻهن سان لاڳو آهي. هندستان جي نئين وزير اعظم جو ئي مثال وٺجي جنهن سان اسان جو وزير اعظم به سرخرو ٿيڻ لاءِ وڃي ملي آيو، پر ماڻهو مارائڻ واري پاڪستاني دشمني سبب هڪ اردو چينل تان ان کي به ڪجھه هن ريت نشانو بنايو ويو ته ، “جا ، جاڪي اَپنا جھاڙو پوچا ڪر، تيرا ادهر کيا کام !” سو ائين ته ٿيندو آهي سيٽ ڏيکارڻ وارن سان....هيڏانهن هند وارو وزير اعظم به 'سَت پُڇي' ڪوئي کان گھٽ ناهي، جو اميتاب بچن جهڙي معتبر ايڪٽرن کي به پاڻ واري اوقات تي آڻڻ لاءِ ملڪ جي صفائي جي بهاني ٻُهارا کڻايا اٿس.....اِن سان هن جي احساسِ محروميءَ تي ڪجهه ڇنڊو ته ضرور پيو هوندو ۽ ڦونڊ مان سرحد وٽ ڪجهه ٻيا به فائر ڪرائي ماڻهو مارايا پر قطعي طور وري به ان احساس محرومي مان نڪري نه سگھيو هوندو، ڪٿي نه ڪٿي ۽ ڪنهن نه ڪنهن موڙ تي ٻهارو ڪر کڻي اَچي آڏو بيهندس........ ۽ پوءِ ممڪن آهي ته 'بخشو بي بلي چوها لنڊورا هي ڀلا' وانگر سوچي 'وڏي ڪلنگيءَ تي رَسَڻ کان پوءِ به جي ٻُهاريءَ جو وسڪارو ٿيندو ٿو اچي، تنهن کان ساڳيو ٻُهارو ڏيڻ هجي ها ته چڱو هو. ' 68 سال اڳ جيڪي پناهه گير پنهنجو وطن ڇڏي اسان جي ملڪ کي 'نئون وطن' ڄاڻائي آيا هئا سي ته ڪڏهوڪو کپي پورا ٿيا، اُن کانپوءِ وارا ڪُراڙا ڪُنڊڙي وٺيو ، ڪرونڊڙا ٿيا پيا هوندا، باقي سندن نئين کيپ پُرجوش پيڙهي، جيڪا اڄ سوڌو سنڌ ۾ ضم نه ٿي سگھي آهي ۽ سنڌ ورهائڻ جي سازشن ۾ آئي ڏينهن نت نوان سَٽل سٽيندي ٿي رهي ته ڇو نه اهڙي گُھر هو پنهنجي اصل ماڳن ڏي موٽي وڃڻ لاءِ ڪن، جتي پنهنجي وڇڙيل محبِ وطن هندستاني مسلم مائٽن کان اُتر پرديش يا مڌيه پرديش واري صوبي جي اَڌو اَڌ ورهاڱي جو مطالبو ڪن ، يا سنئون سڌو “رهي راهوجا، بکي باهوجا، ته به ڪُتي ڪوريجن جي” جي مصداق، برطانيه مان هر هر بيان بدلائيندڙ ڀوتار وٽ ڇو نه ٿا وڃي نئون صوبو لَنڊن ۾ ٺاهين ..... پوءِ ڪاوڃي احساس محرومي گھٽ ٿئين. پر محرومي جي ڳالهه بلڪل اجائي آهي هڪڙو ته پرائي وطن کي قربانين جي آڙ ۾ هروڀرو جو پنهنجو ڪوٺيون مٿان وري صوبو ڦرڻ ! پرائي ملڪ تي نوان ٽئگ چُهٽائڻ سان مُلڪ پنهنجو نه ٿي پوندو آهي، خچر کي ڳچيءَ ۾ گھوڙي جو ٽئگ چُهٽائبو ته اُهو گھوڙو ته نه ٿي پوندو نه ، مٽيءَ ته اسان جي وطن جي ساڳي آهي. هو به هند ۾ پنهنجي حصي ۾ خوش ويٺا هجن ها ۽ اتي ئي الڳ 'صوبي' لاءِ اهڙي جدوجهد ڪن ها ته ڳالهه به ٺهي ٿي. چوندا آهن ته وري به کڻي اسان جا ڪلمي گو ڀائر آهن پر انهن کي پنهنجي هم وطنين هندستاني ڀائرن کي ڇڏي نه اچڻ کپندو هو هيڏانهن اصلي سنڌي به سنڌ ۾ پنهنجي هندو ڀائرن سان خوش ويٺا هجن ها. اُهي ته انگريزي راڄ ۾ به خوش هئا، جنهن ۾ هنن سان اڄ جھڙا ڪُلورَ ته ڪونه هئا هي سنڌ اردوئن جي نسلن جي صرف ان حالت ۾ ئي ٿي سگھي ٿي جنهن ۾ هو سنڌ ۾ ضم ٿي وڃن، بلڪل ائين جيئن سيد، بلوچ، پٺاڻ، مغل يا عرب هن ڌرتيءَ تي پاڻ کي سنڌي سمجھندا ۽ سڏرائيندا اچن باقي ذات ته جيڪا هوندي سائي سڏبي. اهي ته ائين نٿا چون ته صدين کان سنڌ ۾ رهڻ ۽ سنڌي ڳالهائڻ ڪري انهن مان هر هڪ کي الڳ صوبي ٺاهڻ جو اختيار ملڻ گھرجي جنهن ۾ سنڌ اندر بلوچستان ، سرحد يا پختون ۽ ٻيا صوبا کڙا ڪرائجن. پاڻ کي 'اردو ڳالهائيندڙ' يا 'اردو اسپيڪنگ' قوم سڏائڻ به ڏاڍو عجيب ٿو لڳي. سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌي ، صرف سنڌي ئي ڪوٺبو ، 'ڳالهائيندڙ' جو پُڇ يا اضافو ڇا لاءِ ؟ اهو ته تڏهن ، جڏهن ڪير پُڇي ته 'ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندا آهيو' ؟ جنهن جي جواب ۾ ظاهر آهي ته ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائيندڙ هوندو تنهن جو ئي نالو کڻندو. باقي پاڻ کي اُردو اسپيڪنگ يا نوان سنڌي سڏائڻ اهو ڄڻ پنهنجو پاڻ سان مذاق آهي. تنهن کان ته 'سنڌي' جيان 'اُردي' سڏائڻ به ڪو عيب ناهي پاڻ ڪافيو به ملي ٿو. يا پوءِ جيئن 'سنڌي پٺاڻ '، 'سنڌي هندو'، 'سنڌي مسلمان' يا 'اردو سنڌي' نه ته به، 'هندستاني مسلمان' سڏائڻ به ٺيڪ آهي. سنڌي سڏائڻ ته کين پسند ئي ناهي. ڇو جو ڪنهن اردودان هڪ ڀيري ائين به چيو هو ته 'هندستان مان اسين هت سنڌي ٿيڻ ڪونه آيا آهيون' مطلب ته سنڌين جي سچي محبت جو مشاهدو ماڻڻ ۽ جيءَ ۾ جايون پائڻ کان پوءِ به کين سنڌين کان اندروني طور شديد نفرت آهي، جنهن جي ڪري ئي هو الڳ صوبي جي ڳالهه ڪن ٿا تنهنڪري پرڏيهي ملڪن اندر ڪيئي صوبا ٺاهڻ جا دليل ڏيندي سنڌين کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش جاري رکندا پيا اچن ، پر سنڌي اهڙا پر متڙا ناهن جو پرايا محل ڏسي پنهنجي ڀونگي ڊاهي ، جُهڳو ئي جَھڻ ڪن ! هيڏانهن اردو دان ، ڪراچي ءَ تي پنهنجي گرفت رکڻ ۽ حق جتائڻ لاءِ وڏي دعوى مان ميڊيا آڏو چوندا پيا اچن ته ان شهر کي خوبصورت ۽ صاف سٿرو رکڻ سندن ئي ڪمال آهي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ 'اندرونِ سنڌ ' جي روڊ رستن جو مذاق اُڏايو آهي. 'اندرونِ سنڌ' ائين ٿا ڳاٽ اُوچو ڪري اُوچارين ڄڻ اها ڪنهن تحت الصرا يا پاتال ۾ پيهي ويل ڪو لاوارث ننڌڻڪو ڳوٺڙو هجي ! ڪراچي کي صاف سٿرو رکي ، سُر ۾ آڻڻ جو مطلب اهو ناهي ته سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿجي! صفائي سُٺائي ڪندڙ عملو، مالڪن جي محل ماڙين يا بنگلن کي چمڪائيندا ته ڇا ان جي مالڪيءَ يا دعويدار بڻجي پوندا؟ کين ته محنت جو اجورو يا عيوضو ملندو آهي. سنڌين ته اُردين بنيا ڪنهن لوڀ لالچ خيرمخدم ڪيو ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون جنهن جو صلو اڄ اهو ٿو ملي جو سنڌ کي اَڌو اَڌ ڪرائي اُن صاف سٿري شهر جا اڪيلا والي وارث ٿيڻ جا خواب ٿا ڏسجن! پر دل ڌوئي دکيءَ ۾ رکن ، سندن اهو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. ڪراچي ته هندن جي ڏينهن ۾ به خوبصورت حقيقت هئي. سنڌ جو پئرس سڏجندڙ، هيرآباد جا روڊ رستا گلاب جي پاڻين سان ڌوپبا هئا، سنڌ سموري ڊسپلن ۽ سٺي مئنيجمينٽ جو مثال هئي، هڪ غير مذهب جا سنڌي هوندي به هُنن وٽ سنڌ ويراهي، سنڌي مسلمانن کان ڌار ٿي رهڻ جو تصور ئي نه هو.... پر اڄ جيڪي پاڻ کي وڏو معتبر ڄاڻائي سنڌ ويراهڻ جي ڳالهه ٿا ڪن، اُنهن کي سنڌ ۾ باقي رهيل اصلي وارثن هندو سنڌين کان ڇو خوف ٿو ٿئي ته جي اِهي اِتي رهيا ته ڪٿي وري اڳ جيان اصلي وارث نه ٿي وڃن، لاشڪ ته ان ڪري ئي هندوئن کي تمام گھڻو تنگ ڪيو پيو وڃي. چڱا مٺا ماڻهو هر قوم ۾ هوندا آهن پر هندن ڪڏهن به سنڌي ملسمانن کان نفرت نه ڪئي، بلڪه اُنهن جي هر خوشي ، عيدبرات توڙي محرم ماتم ۾ وڏي عقيدت مان شامل رهيا، باسون باسيون، ولين بزرگن جي عزت ڪئي، اُنهن جي درگاهن تان دعائون حاصل ڪيون، شاهه لطيف سائين کي پنهنجو مرشد لطيف ڪوٺيو، 'سنڌ ون – سنڌ ٽو' جو راڳ ڪڏهن به نه الاپيو! هُندن جا جوتا پالش ڪرڻ جو طعنو پڻ اڄڪلهه سنڌ ويراهڻ جي حوالي سان گونججي پيو ته ڇا ٿي پيو؟ غريب مسلم پٺاڻ به ته اڄ سوڌو آئي وئي جا جوتا صاف ۽ پالش ڪندا رهن ٿا...ساڳي ريت غريب هِندُن به امير مسلمانن جي چاڪري ڪئي هوندي ان ۾ ڪهڙو عيب عجب! جيڪر مسڪين ۽ بي پُهچ سنڌين ، هِندُئن جا جوتا صاف ڪيا هوندا ته 'نئون وطن' حاصل ڪندڙن ته ماڳهين حد ڪري ڇڏي جيڪي ڪليمن ۾ ڦٻيل انهن جي محل ماڙين ۾ رهڻ جا به لائق نه هئا تڏهن ته سندن ٽائلز وارن چَمڪندڙ بيت الخلا جي چُلهن کي رڌي پڪي ڪرڻ واري چُلهه سمجھي استعمال ڪندا آيا. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو سٻاجھڙن جي ڀيٽ ۾ منافقيءَ جي حد تائين حرفتي آهن، تڏهن ته سنڌ ويراهڻ واري مطالبي سان سنڌين کي مڇرائي انهن جو هانءُ ساڙڻ کان پوءِ اُن تي ٿور ي دير ٿڌو ڇنڊو هڻڻ خاطر وڏيءَ رساڪشيءَ مان چِنگھندي ڪِنجھندي سنڌيءَ ۾ منٽ اڌ جي ڳالهه ٻولهه ڪري ۽ شاهه سائين جو هڪ اڌ بيت سُڻائي سنڌين کي خاطري ڪرائيندا آهن ته اُهي سنڌ ڄاوا، پاڻ به سچا سنڌي ۽ سندن ڀرجھلا ڀائر آهن! رڳو مصلحتي تقريرن مهل پاڻ کي 'سنڌي' سڏائڻ سان ڪو سنڌي ته نه ٿي پوندو ، تنهنڪري ئي ته هيءَ چواڻي آهي، 'من نٿيو مسلمان ته ڪلمو پڙهي ڇاڪبو! ' ڪاش، سنڌ جي اصلي وارثن ، اسان جي هندو ڀائرن ڀينرن کي اڄ ڏينهن تائين هتي تحفظ حاصل هجي ها ته هو اڄ سنڌ ڇڏي اسان کي اڪيلو ڪري ڪڏهن به هتان نه وڃن ها. اسين گڏجي سنڌ کي اهڙو عرج ڏيون ها جو سارو ڏيهه ڏسي ها... هونءَ ان ڳالهه کان انڪار ڪونهي ته هندستان مان هِت لڏي آيلن ۾ ٿورائيءَ ۾ ئي سهي پر چڱا ۽ خانداني ماڻهو به شامل هوندا آهن، جن جو نفاق ۽ نفرتون وجھائيندڙ سياسي پارٽين چاهي انهن جي ٻولڙين سان ڪو واسطو ئي ناهي ، جيڪي اڄ به اسان کي اوترائي عزيز ۽ ويجھا آهن جيترا سنڌ ڌرتيءَ جا محبِ وطن سنڌي. انهن سان اسان جا رت جا رشتا سيڻپي جا سڱ سُٻنڌ دائم قائم آهن، هو هرگز احسان فراموش ناهن ۽ نه ئي وري ڪج بحثي، کين هر ڳالهه جو احساس آهي، هو سنڌين جي روح ۾ جھاتي پائي اهو درد محسوس ڪري سگھن ٿا جيڪو سندن هم زبان قوم جي ماڻهن ، سٻاجھي سنڌين کي ڪڏهن به نه ڀرجندڙ زخم جي صورت ۾ ڏنو آهي، پر افسوس جو پارٽين جا ليڊر ۽ چيئرمين پنهنجي گمراهه ڪيل ڇاڙتن سميت، پنهنجون پنهنجون سياستون چمڪائڻ'مقصد' ماڻڻ لاءِ 'ڊوائيڊ اينڊ رول' تحت ڌُرين ۾ جھيڙا ڪرائيندا پيا اچن. هي ولين اوليائن ۽ بزرگن جي ڌرتي آهي ، انهن جي روح کي رنجائڻ جو انجام ڪنهن به بدنيت جي حق ۾ بهتر نه ٿيندو. سنڌين جون پاڙون اڄ کان نه ، صدين کان سنڌ ڌرتي ماءُ ۾ کُتل آهن، تنهن ڪري پنج ڪروڙ سنڌيو پاڻ سان هرگز ناانصافي نه ٿيڻ ڏجو ، ايم .ڪيو .ايم ۽ ان جي پوءِ لڳن جا سنڌ دشمن رويا قطعي طور بند ڪرايو . اسان کي نئين صوبن ، يونٽن ۽ سنڌ، ون ٽو ٿِري جا ڪي به سبق ناهن پڙهڻا. سنڌ هن ڌرتيءَ تي هڪ ئي آهي ۽ هڪ ئي رهندي، جنهن جي ورهاڱي جو ڪو به دليل هرگز قابلِ قبول نه هوندو. پهريان سڄي مُلڪ جو ورهاڱو ، وري ان ورهاڱي جو به ورهاڱو ٿيو ۽ اِيسٽ پاڪستان تان هٿ ڌوئڻا پيا، هاڻ وري باقي بچيل ٽُڪر مان به سنڌ جو ورهاڱو!! ڪيڏي نه عبرت ناڪ ۽ سبق آموز ڳالهه چئبي بهرحال وري به جيڪر نه مڙيو ته اُن کي سنڌ جي بهادر عورت جيجي زرينه بلوچ جي لفظن ۾ چونداسين جنگ جنگ جنگ آ ، منهنجي تو سان جنگ آ... پليت پير ڪر پري، هي ڌرتي منهنجو ننگ آ... هي ڌرتي منهنجو سنگ آ....جنگ جنگ جنگ !
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو