آخري ڪال !!!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليم رند طرفان آندل موضوعَ ‏8 نومبر 2014۔

  1. سليم رند

    سليم رند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2012
    تحريرون:
    136
    ورتل پسنديدگيون:
    409
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌ ۽ سنڌين سان محبت ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪنده ڪوٽ سنده
    آخري ڪال
    ڪاش! تون انڪار ته اصول سان ڪرين ها
    ڇا اهو مسند اصول آهي ته
    پيار جي بدلي پيار ناهي ڏيڻو ؟
    اري تون ته ڪاٿو به نه ٿي لڳائي سگهين ته،
    مون تنهنجي عڪس سان ڪيترائي سال
    وري ان ۾ اماوس راتيون، تتل ڏينهن
    ڇا ڇا ٻڌائي سگهان ٿو
    ڇا ڇا ٻڌڻ جي سگهه رکين ٿي
    مون کي ته آخري ڪال ساڻو ڪري ڇڏيو آهي
    ياد اٿئي !
    تو ئي قرب ڪيو هو
    بنا ڪنهن سلام جي ..
    وفا ڪيئن آهين ؟
    خوشي ايتري جو آواز
    ڳلي ۾ اٽڪي رهيو
    گهميل آواز ۾ چيو هيئي ته
    اميد ته خوش هوندين
    وفا جي مون سان محٻت اٿئي ته
    مون کي مايوس به نه ڪندين
    آئون سڪل وڻ جيان خاموش رهيس
    ڳالهه جاري رهي
    جيترو ٿي سگهي مون کي وساري ڇڏجان
    ۽ پنهنجي نئين دنيا کي آباد ڪجانءِ
    ڇو ته جيڪا دنيا تو مون سان آباد ڪئي هئي
    اها دنيا صرف تنهنجو خواب هو ،
    هڪ طرفي آس هئي.
    مون مان نڪري پاڻ کي ڏس
    ته زندگي تو کي رنگين نظر ايندي
    جنهن ۾ هڪ همسفر تنهنجي انتظار ۾ هوندو
    ڪيڏي نه جرات سان تو ڳالهائي ڇڏيو هو
    اهي لفظ منهنجي خواب جي تعبير ته نه ها
    جڏهن زبان ساٿ ڏنو ته
    تو اهو چئي ڪال ئي ڪٽي ڇڏي ته
    پنهنجو خيال رکجان پنهنجو خيال رکجان.
    مان هيلو هيلو ڪندو رهيس
    تون منهنجي چاهت جي اڌ سٽ ۾
    زوري فل اسٽاپ ڏيئي ڇڏيو .


    وفا سليم رند
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    واه واه.. خوبصورت لفظ ، دل کي ڇُهندڙ احساس.
    خيال کي سُهڻن لفظن ۾ لکڻ جو ڏانءُ اوهان کي اچي ٿو.
    دل کي ڇُهندڙ احساس.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليم رند

    سليم رند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏29 مئي 2012
    تحريرون:
    136
    ورتل پسنديدگيون:
    409
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌ ۽ سنڌين سان محبت ڪرڻ
    ماڳ:
    ڪنده ڪوٽ سنده
    مهرباني پيارا لک قرب ادا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سهڻا احساس
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    پيارا احساس
    سائين وفا سليم رند صاحب
     
  6. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    تمام بهترين تخليق ادا.
    Tmam behtreen takhleeq ada
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو