رضوان ساند
سينيئر رڪن
محترم جناب ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ صاحب جيڪو گذريل چئن ڏهاڪن کان وٺي ٿر،بر، ڪاڇي ڪوهستان، لاڙ ۽ اتر جي علائقي ۾ رهندڙدلت ذاتين جو اڪيلو اسيمبليين تائين پهچندڙاڳواڻ آهي، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي سياست جو سفر ڍاٽ جي راڻي چندر سنگهه جي روين کان تنگ اچي شروع ڪيو هو، پر محترم جناب ڊاڪٽر کٽو مل جي ماضي جا قصا ته اسان خوب ٻڌندا پيا اچون ۽ واهه واهه ڪندا پيا اچون، پر هاڻي گذريل ستن سالن جي پ پ واري دور ۾ دلتن خاص طور ميگهواڙن برادري سان ڪيترائي ٿر ۽ اتر جي علائقن ۾ ڪيڏا نه وڏا هاڃان ٿي رهيا آهن، جنهن جو تازو مثال ڏهرڪي جي معصوم نياڻي انجلي ڪماري آهي، جنهن جي حق ۾ قومپرست، سماجي توڙِي برادري سميت ڪيتريون ئي ڌريون پاڻ ملهائي رهيون آهن اتي، ماضي جو چي گويرا سڏجندڙ ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ صاحب الائي ڇو ايم پي اي هاسٽل جي ڪنڍ جهليو ويٺو آهي، نه ڪنهن ماڻهن جي ميڙ ۾ ٿو نظر اچي نه ئي وري ڪنهن جو ڀرجهلو ٿيندو ٿو نظر اچي، پر ڊاڪٽر صاحب توهان کي ياد هجڻ گهرجي ته توهان هڪ پنهنجي تقرير ۾ واضع چيو آهي ته ميگهواڙ برادري جي ماڻهن جا آڱوٺا ڪپي ڇڏجن ته به اهي پ پ کان علاوه ڪنهن کي ووٽ ڪونه ڏيندا ته ڊاڪٽر صاحب اڄ ميگهواڙن کي نوڪريون نٿيون گهرجن، ڪا امداد نٿي گهرجي پر جيڪڏهن گهرجي ٿو ته بس عزت سان رهڻ ۽ انجلي ڪماري جنهن لاء توهان جو نه ڳالهائڻ توهان کي ميان طوطي سان گڏ يبهاريو آهي ۽ مان سمجهان ٿو جيتري قدر ته ميگهواڙ برادري توهان کان اهو اسيمبلي ۾ وڃڻ جو حق واپس وٺڻ جو چتاء ڏئي رهي آهي۔۔۔! توهان هميشه ميگهواڙ برادري جي آدمشماري کي ڪيش ڪرائيندا رهيا آهيون هاڻي هن جي احتساب جو وقت اچي ويو آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!