• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

واٽس ايپ جي وصول ٿيندڙ پيغامن کان هاڻي بچڻ وڌيڪ ڏکيو

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
nrm_1415360792-screen_shot_2014-11-07_at_114617.jpg

مقبول ترين موبائيل ميسينجنگ ايپ واٽس ايپ جي استعمال ڪندڙن جو هاڻي وصول ٿيندڙ پيغامن کان بچڻ ناممڪن ٿي چڪو آهي.. ڇو ته اڄ صبح کان واٽس ايپ پيغامن سان نيري رنگ جا ٻه ٽڪ مارڪس ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن.. جن جو مطلب اهو آهي ته هي پيغام پڙهجي چڪا آهن.. ان کان اڳ رڳو ٻن طرحن جا ٽڪ مارڪس موجود هئا.. هڪ ٽڪ مارڪ جو مطلب هوندو هو ته پيغام موڪلجي چڪو آهي.. جڏهن ته ٻن ٽڪ مارڪس جو مطلب هو ته پيغام وصول ڪندڙ جي موبائيل تي ڊليور ٿي چڪو آهي..
پر هاڻي نئين فيچر تحت جڏهن پيغام پڙهجي چڪندو ته ٻئي ٽڪ مارڪس نيري رنگ جا ٿي ويندا.. ان طرح گروپ چيٽ ۾ جڏهن سمورن ميمبرز کي پيغام وصول ٿي وڃي ته هاڻي ٻه ٽڪ مارڪس نظر ايندا آهن ۽ جڏهن سمورا ميمبرز پيغام کي پڙهي وٺن ته انهن جو رنگ نيرو ٿي ويندو آهي.. ان کان علاوه هاڻي ايپ استعمال ڪندڙ ڪنهن به پيغام تي آڱر دٻائي رکندا ته اهي ڏسي سگهندا ته مختلف ميمبرز اهو پيغام ڪنهن وقت پڙهيو ...
خير انهن سمورين تبديلين کي ڏسڻ لاءِ واٽس ايپ ميسينجر کي اپڊيٽ ڪرڻو پوندو...
انهن تبديلين اچڻ تي سوشل ميڊيا تي مليل جليل ردِ عمل ڏسڻ وٽان مليو... گهڻن جو خيال هو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پيغام جو جواب ڏيڻ تي دل نه چوندي هئي.. اهڙي صورت ۾ جڏهن اڳئين ماڻهونءَ کي خبر پئجي ويندي ته سندس پيغام پڙهيو ته ويو آ پر جواب نه ڏنو ويو آهي ته خواه مخواه غلط فهمي پيدا ٿي سگهجي ٿي..
ياد هجي ته واٽس ايپ ميسينجر ڪجهه مهينا اڳ فيس بوڪ خريد ڪيو هو...
 
واٽس ايپ جي وصول ٿيندڙ پيغامن کان هاڻي بچڻ آسان
واٽس ائپ پاران صارفين جي مطالبي تي اهيو فيچر هاڻي توهان پاڻ ختم ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي.
هن فيچر کي فعال يا غير فعال ڪرڻ لا۽ پرائيوسي آپشن ۾ وڃي ڪري اتي read receipts لکيل هوندي ان کي ان چيڪ ڪريو

Disable-whatsapp-read-receipt-screenshot.png
ان لا ائندرائيڊ واتس ائپ جو نئون ورزن ڊائونلوڊ ڪرڻو پوندو
 
Back
Top