ناهن پر موجود آهن منهنجي دعا آهي ته وري ڪڏهن نه ڪڏهن هن دنيا منجهان نسلي پيشوائيت وارن ڪسريٰ فارس جي دلالن ڪي مات ڪري موت جي واديء ۾ هميشه لاء غرق ڪندا جنهن سان سنڌ جو وجود وري جرڪي نکري پوندو ۽ سنڌ به عدل واري ڏيهاڙي ”يوم القيامت“ تائين هن سنڌ ۾ ۽ دنيا ۾ چوڏينهن جي چنڊ جيان چلڪي چمڪي مرڪي پوندي. 2- سنڌ تي جن قبضو ڪيو هو سو اڄ تائين نسلي پيشوائيت وڏين مڇن جي صورت ۾ هلندو اچي، جن سنڌ کي هڪ نسلي برتريء ۽ ٻن نعرن جي آڙ ۾ تباهه ڪري ختم نيست نابود ڪري ڇڏيو، يعني سنڌي قوم هوندي به غير موجود زندهه لاش ٿي چڪي آهي، ڀينگ ڀنگ جي روڳ ۾ ڀڙڀانگ پر اهي عرب جيڪي نسلي پيشوائيت ۽ ٻن نعرن سان اڄ سنڌ جي سڀ ڪجهه زن، زر، زمين جا مالڪ ٿي لک لک ايڪڙن زمين جا ڀوتار بڻجي ويٺا آهن، پر سنڌي ماڻهو اڄ به اسپين وانگر موحد سجاڳ نه ٿيا آهن نه ٿيندا، گهٽ ۾ گهٽ مونکي ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. نوٽ: - اسپين ۽ سنڌ جو موازنو هئن ٿا ڪريون ته اسپين ۾ دنيا جا شاهڪار ۽ عجائبات علم ادب سائنس ٽيڪنالاجي ميڊيڪل ترقي ڪئي جيڪي اهڃڻ پاڻ ئي پنهنجي شاهدي ٿا ڏين، پر سنڌ ڇا هئي ۽ ڇا ٿي وئي -ڪنهن ڪئي جيڪڏهن آئون نالو ڳنهندس ته؛ سنڌي جيڪي اڄ به عربن جا غلام آهن، جن جا رهبر اڄ به عرب آهن جيڪي قومپرستي جو نالو وٺي ڪڏهن سنڌ کي هندو مسلم دوقومي نظريه جي ترار سان سنڌي قوم هندو مسلم کي رت سان وهنجاري وري سنڌ جي سڄڻ ۽ قومپرست ليڊر ٿي ويا. تنهن جي ڪري آئون رحيم، اسپين وارن عربن جو مداح آهيان.