ايم ڪيو ايم ، سنڌ حڪومت سان ٿر ۽ اسين !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ايم ڪيو ايم ۽ ان جو منسٽر صحت ڊاڪٽر صغير احمد
    اتر سنڌ ۾ 600 کان مٿي معصوم ٻارن جو ارڙيء جي ڪري موت جو ذميوار آهي
    ٿر ، بلڪه سموري سنڌ جي صحت جي تباهيء جو ذميوار ايم ڪيو ايم ۽ حڪومت وقت جي نا اهلي هئي جو ايم ڪيو ايم جي ڪنهن به وزير کان پڇاڻو معاف هوندو هيو ، چاهي هيء دور هجي يا گذريل دور هيو
    ايم ڪيو ايم اهو ٻڌائي ته
    هيلٿ منسٽر سنڌ
    نوشهرو فيروز ۾ هيپاٽائيٽس جي ڪوڙين رپورٽن ۽ اسان جي ماڻهن جي قتل عام تي وزير اعلي سنڌ يا وزير صحت ايم ڪيو ايم ڪو ڪردار ادا ڪيو جنهن ۾ هنن هزارين بيوس اٻوجھ ماڻهن جو 3 سالن کان خون ڪندا آيا پئي ، جيڪي ذميوار هن وقت ڪورٽ مان انٽريم بيل تي هلي رهيا آهن .
    2 سال ۽ 4 مهينن کان سول اسپتال نوشهرو فيروز ۾ بغير پيٿالوجسٽ جي ٽيسٽون رپورٽون ڪهري قانون تحت جاري ڪيون ويون ۽ ڪيون وڃن پيو ، انهيء غير قانوني قتل عام کي ڪنهن کي ڏوهاري ، ڪري پڪريون ؟
    سول اسپتال نوشهرو فيروز ضلعي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٻارن جي انتهائي نگھداشت جو وارڊ ڇو ناهي ،
    ڪو هڪ به انڪيوبيٽر ڇو ته ناهي ؟
    هن شهر ۾ روزانه گھڻا ٻار ڃمن ٿا ۽ گھڻا ڄ۾ڻ کان اڳ يا پوء مري وڃن ٿا انهيء جو روزانه جي حساب سان ڇو رڪارڊ ناهي ؟
    ايم ڪيو ايم کي ڊاڪٽر صغير کي هٽائڻ سان گڏ نئون وزير سنڌ هيلٿ طئه ڪري ڇڏيو هئو
    انهن کي صرف وقت جو طئه ڪري وقت جو انتطار ڪرڻو هيو ۽
    انڪل الطاف جو ڏنل نالو ” هيلٿ منسٽر ڊاڪٽر صغير “ جو ڪراچيء جي جلسي ۾ نالو کڻڻ به ”اسڪرپٽ“ ۾ هيو
    هاڻي اهو سمورو ڊرامو
    سيد خورشيد شاه جي الطاف حسين مهاجر سان ملاقات تائين رڪيل آهي
    جلد حل ٿيڻ جي اميد اها آهي ته
    صرف خورشيد شاه لنڊن مان واپس موٽي اچي ته
    ايم ڪيو ايم جون ٻئي وزارتون نوان وزير حلف کڻندا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو