منصور سرور
سينيئر رڪن
مهتاب اڪبر راشدي
’صوفين جي هن سرزمين ۾، نئين سر اسلام جي ترويج جو ڪم زور شور سان جاري آهي، جيئن ته، سنڌ ۾ بهترين حڪمراني سبب، ايتري ته شانتي ۽ امن و امان آهي جو شينهن ۽ ٻڪريون هڪ ئي (سُڪل) تلاءَ تان پاڻي پيا پيئن. منصف هٿ ۾ تارازيون کنيون در در تي سين پيا هڻن، آهي ڪو انصاف جو طلبگار! صوبي ۾ ايڏو سُک ۽ انصاف جي ايڏي تڪڙي فراهمي ڏسي، ٻين مذهبن وارن کان رهيو نه ٿو ٿئي. بس ڪلمي پڙهڻ لاءِ هڪ ٻئي پٺيان قطار ۾ بيٺا آهن. ڏاڍي دير سان کين وارو ٿو ملي. پر ترسو! ايتري تڪڙ به نه ڪريو. رڳو ان تي غور ڪريو ته اسلام جا هي ”متاثر“ ڪندڙ پهلو، رڳو عورتن تي آشڪار ڇو ٿا ٿين؟ ايترو جلد ۽ ايترو تڪڙو جو ڇوڪريون، اسلام قبول ڪرڻ لاءِ ماءُ پيءُ ڦٽي ڪري. اباڻا ڪک ڇڏي، زندگيءَ جو ايترو وڏو فيصلو ٿيون ڪري وٺن، جو پنهنجو اهو مذهب، جيڪو پيدائشي کين مليو، جنهن کي به هو پوري ريت سمجھي ۽ پرکي نه سگهيون هونديون. سي کن پل ۾ ان کي ڇڏي اسلام جي گهرائيءَ ۾ لهي وڃي اسلام قبولڻ شرط، شادي ڪري وڃي ڪورٽ ۾ ٿيون پهچن. اهي ڇوڪريون خوش نصيب وري ايتريون آهن جو، هو ڏانهن هنن جو ڪلمو پڙهڻ، ته ٻئي پاسي هنن لاءِ سڱ تيار! هُنن جي اسلام قبول ڪرڻ جي خوبيءَ کان متاثر ٿي، ڪو ڳڀرو نوجوان پاڻ کي اسلام جي راهه ۾ پيش ڪري، ان نوجوان، اڀلا ناريءَ کي تحفظ ڏيڻ خاطر بنا دير شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي.
’سنڌ جي ڪيترن ئي نام نهاد پيرن جون درگاهون ڇوڪرين کي اسلام قبول ڪرڻ واري هن نيڪ ڪم کي انجام ڏيڻ لاءِ چوويهه ڪلاڪ کُليون پيون آهيون. تڪڙي ثواب ڪمائڻ لاءِ ان کان وڌيڪ بهتر ته ڪو طريقو ئي ناهي. بس ڪلمو ئي ته پڙهائڻو آهي؟ ڪهڙو وري ڇوڪريءَ کان امتحان وٺڻو آهي ته هوءَ اسلام کي ڪيترو سمجھي ٿي؟ هن مذهب جون اهڙيون ڪهڙيون خاصيتون ڏٺيون آهن جو ماءُ پيءُ کي پٺي ڏيئي اچي ڪلمو ٿي پڙهي؟ پر حقيقت هي آهي ته دين اسلام جي ان کان وڌيڪ ڪا ٻي گهٽتائي ٿي نٿي سگهي، جيڪا اڄ اسان پنهنجين اکين آڏو ٿيندي ڏسي رهيا آهيون.
”جي اسلام جو قبول ڪرڻ شخصي مفاد لاءِ آهي ته اهو ڪنهن صورت قابلِ قبول ناهي. پوءِ ڇو نه ان کي مذهب، خدا، پيغمبر جي نالي ۾ پيش ڪيو وڃي. ڇو ته الله جي پاڪ ڪتاب جو ته موضوع ئي ”انسان“ آهي“ جي ايم سيد جا اهي اکر، اُهو سمجھائڻ لاءِ ڪافي آهن ته هر اهو عمل، جيڪو انسان ذات ۾ نفاق، فتني، فساد يا شخصي مفاد لاءِ هجي سو سراسر غلط آهي. ان کي نه صحيح ٿو چئي سگهجي ۽ نه ئي وري ان جي پٺڀرائي ٿيڻ گهرجي.
’ان جو به ڪو جواب ڪٿان اچڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڪو غير مسلم نوجوان، ڪنهن مسلمان ڇوڪريءَ جي عشق ۾ گرفتار ٿي پنهنجو مذهب مٽائڻ لاءِ تيار هجي ته پوءِ مسلمان ڇوڪريءَ جا مائٽ ”ثواب“ ڪمائڻ لاءِ ان ڇوڪري کي پنهنجي ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا؟ وڏين ٽوپين وارا پير، ان غير مسلم مرد کي ڪلمو پڙهائي، مسلمان ڪندا ۽ ان مسلمان ڇوڪريءَ کي به اوترو ئي تحفظ ڏيندا؟! ڇا اسان جون ڪورٽون اهڙي صورتحال ۾ به اوتري ئي فراخ دليءَ جو مظاهرو ڪري، غير مسلم مرد جو مسلمان ٿيڻ قبول ڪندي مسلمان ڇوڪريءَ کي بنا دير هن جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪنديون؟ اهڙي معاملي۾ به ته ٻئي ڌريون وات وڪيل ٿي سگهن ٿيون نه؟ اسلام جا پرچارڪ رڳو هندو عورتن تي ئي، اسلامي تعليمات جي ترويج جو ڪم ڇو پيا ڪن، هندو مرد هنن جي تبليغ جو مرڪز ڇو ناهن؟ ’لڳي ٿو ته اسان اسلام ۽ ”ملائيت“ جي فرق کي سمجھڻ کان عاري آهيون ملائيت جيڪا پهرين رڳو مذهب سان منسوب هئي، هاڻي ان محبت ۽ سياست کي به پنهنجي نرغي ۾ آڻي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هنن وٽ محبت جو جواب نفرت ۽ سياسي توڙي نظرياتي اختلاف جو جواب گوليءَ سان ڏنو وڃي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو انسان ۽ انسانيت کان ڏور ٿيندو ٿو وڃي. ’اسان جي معاشري ۾ بي انصافي ۽ انڌپائي ڪاهي پئي آهي، اسلام جي نالي ۾ ملائيت پير پختا ڪندي پئي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو رنڪل ڪماريءَ کان وٺي انجليءَ تائين، تلسلسل سان ٿيندڙ، ساڳي نموني جي واقعن کي مذهب کي تماشو بڻائڻ کان وڌيڪ ٻيوڪجهه نٿو چئي سگهجي. ’اسلام جي نالي ۾ قائم ٿيندڙ هن ملڪ ۾، ٻين مذهبن وارن سان هي ورتاءُ ٿيندو، اهو ته هن ملڪ ٺاهڻ وارن سوچيو به نه هوندو. پر اسان حيران ڇو ٿا ٿيون؟ هتي تحفظ آخر ڪنهن کي حاصل آهي؟ قانون ڪٿي آهي؟ انصاف ڪنهن کي ٿو ملي؟ انصاف ڪرڻ وارن جو پنهنجو ڪردار ڇا آهي؟ حضرت علي (رضه) جو ئي قول آهي ته ”جيڪڏهن منصف جو آواز، طالبِ انصاف کان بلند ٿي وڃي ته پڪ ڄاڻو ته اُتي انصاف نه ٿو ٿي سگهي“.
’سو اسان ڪهڙي معاشي جي ڳالهه ٿا ڪيون. جتي نه حڪمران عوام ڏانهن جوابده آهن ۽ نه ئي مذهب جي ٺيڪيدارن کي ڪو خوفِ خدا رهيو آهي. هن جاهل معاشري ۾ ”ٻاهتر حورن“ جي حصول جي شوق ۾ جيڪو شخص پاڻ کي بم سان اُڏائي، سوين بي گناهه انسان جو قتل ٿو ڪري. اهو مرڻ کانپوءِ الله جي ديدار جو ته طلبگار نه آهي. هو ته، جنت ۾ داخل ٿي پاڻ کي حورن جي هجوم ۾ ڏسڻ جو خواهان آهي. بي سمجهه انسانن کي الله جي راهه ۾ جان وڃائڻ لاءِ ترغيب وري به جنت ۽ حورن کي حاصل ڪرڻ ئي آهي. جنس مونث ته هتي به سندن حواسن تي سوار آهي. رنڪل ڪماريءَ جو قصو هيڏو چوٽ چڙهيو، سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ۽ سماج سڌارڪ طبقي گوڙ ڪيو ۽ احتجاج ٿيا. هاڻي به ساڳي ڪار آهي. هاڻي وري انجلي ڏاگهه چڙهي آهي. ياد نٿو اچيوَ ته رنڪل ڪماري ڀيري حڪومتي ڪارندن به ڪو موقف اختيار ڪيو هو. هاڻي به ”پارٽي پاليسي“ کين ڪجهه به چوڻ کان روڪيندي هوندي. مٿين کان وٺي هيٺين تائين سڀني جا وات بند آهن. انجليءَ جا مائٽ ڀل پيا ٻاڪارين، کين آٿت ڪٿان ناهي ملڻي. جيڪا انجلي، پنهنجي مرضيءَ سان اسلام قبولي، رياض نالي مسلمان جي ڪُلهي چڙهي آهي، تنهن جي اکين مان جھاتي پائيندڙ خوف کي ڪنهن پڙهڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي. پنهنجي جنسي تسڪينن کي مذهب جي نالي ۾ جائز بڻائڻ وارن جو ڪو پڇاڻو ناهي. اسان، ايڏا اسلام تان فدا ٿين وارا ٿي ويا آهيون، جو رڳو ٻُڌ سُڌ تي، ته ڪنهن اسان جي پاڪ ڪتاب جا ورق ڦاڙيا يا ساڙيا آهن. بنا تصديق جي جيئرن جاڳندن انسانن کي الله اڪبر جي نعرن سان باهه ۾ اڇلائي ڪوئلو ڪري ٿا ڇڏيون ۽ خوش ٿا ٿيون ته الله اسان سان ڏاڍو راضي ٿيندو. ’مون کي ته تعجب آهي ته، الله اسان کي اڃا به ڊگهي رسي ڇو ڏيون ويٺو آهي؟ اهو مِٺو رب، جيڪو اهو ٿو چوي ته توهان پنهنجا فرض پورا ادا نه ڪيو، ته مان انهن جي ته توهان کي معافي ڏئي سگهان ٿو، پر جي توهان منهنجي مخلوق کي آزاريو، ته توهان کي ان جي معافي نه ٿي ملي سگهي.
’اسان انفرادي ۽ اجتماعي طور تي تباهيءَ جي ڪناري پهتل آهيون، اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون جتان نڪرڻ جي ڪا صورت نه ٿي نظر اچي. شاهه سائين جي پٽيل مُلن کي، حڪومت منهن نه ٿي ڏئي سگهي. وڏين درگاهن ۽ وڏين ٽوپين وارن پيرن کي به حڪومت نه ٿي پهچي سگهي، جو اتان به کين ووٽن جو آسرو آهي. اُهي عقيدتمنديءَ ۾ وڪوڙيل مريدن جي ووٽن جي زور تي کٽي اچي اسيمبلين ۾ به پهچن ٿا ۽ اسيمبليءَ ۾ ويهي، پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ هڪ ٻئي جي ها ۾ ها ملائيندا ٿا رهن. هڪ عجيب تماشو چئني پاسي جاري آهي، جمهوريت لفظ جو جيڪو استعمال ۽ استحصال اسان وٽ ٿيو آهي، ان کان پوءِ جمهوريت اسان وٽان ته لڏي وڃي چڪي آهي، البته ”موروثي جمهوري آمريت“ وڏي لاڏڪوڏ سان پروان پئي چڙهي. ’هر اداري ۾ مٿي کان وٺي هيٺ تائين ساڳي ڪار آهي. ڦرلٽ، نااهلي، ناانصافي ۽ بدعنواني جي انتها آهي، جيڪي ڪجهه چڱا ماڻهو، چڱائيءَ جي ڳالهه ڪرڻ وارا معاشري ۾ موجود آهن ته انهن جو ڳاڻيٽو انهن بيوقوفن ۾ ٿو ٿئي. جيڪي موقعي جو فائدو وٺڻ بجاءِ رڳو پنهنجو دامن بچائڻ ۾پورا آهن. پر اهڙائي ”بيوقوف“ تباهه ٿيل معاشرن ۾ اميد جو ڪرڻو ٿي ظاهر ٿيندا آهن. هن مهل ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مذهب جي نالي ۾ هٿ ٺوڪيل قانونن کي چئلينج ڪجي. حُدود آرڊيننس ۽ توهين رسالت جي قانون جي اوٽ ۾ جيڪي قهر پيا ٿين، در اصل اهي پاڻ توهين رسالت آهي. اسان جو پيارو پيغمبر ته ظالمن ۽ ڪافرن لاءِ به رحمت بڻجي آيو. جيڪو پنهنجي راهه ۾ ڪنڊا وڇائڻ واريءَ جي عيادت ڪري اسان جاهلن لاءِ مثال قائم ڪري ويو. جنهن پنهنجي پياري چاچي حمزه (عليه السلام) جي هيانوَ چٻاڙن واري هنده کي فتح مڪه کانپوءِ فاتح هئڻ جي باوجود ان جو قتل معاف ڪري ڇڏيو. اسان ان پياري نبيءَ جي نالي جي آڙ ۾ ماڻهن کي جيئرو پيا ساڙيون؟!
’جيستائين اهڙن قانونن جو خاتمو نه ٿو اچي جنهن جي پاڇي ۾ مجرم پنهنجو تحفظ ڳولهين ٿا، تيسين عدالتن مان انصاف جي اميد بيڪار آهي، اڃا انجليءَ جو قصو تازو ئي آهي ته نواب شاهه مان هڪ ٻي هندو نينگريءَ جي اغوا جي خبر آئي آهي. اميد ته جلد ئي، ان جي به مسلمان ٿيڻ جي خبر ملندي ۽ يقينن ڪو سلڇڻو مسلمان ڇوڪرو هن سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار بيٺو هوندو. ’عام طرح سان هر غلط ڳالهه تي رد عمل ڏيکاريندي اهو چيو ويندو آهي ته بابا، هتي ته جھنگل جو قانون آهي، پر زهره نگاهه جنهن نموني جھنگ جي قانون جي تشريح ڪئي آهي. دل ٿي گهري ته اهڙوئي ڪو قانون اسان وٽ به لاڳو ٿي وڃي.
سُنا هي!
جنگلون کا بهي کوئي دستور هوتا هي!
سُنا هي!
شير کا جب پيٽ بهر جائي
تو وه حمله نهين کرتا،
سُنا هي!
هوا کي تيز جھونکون مين،
مينا اپني گهر کو بهول کي
کوي کي انڊون کو پيرون مين
تهام ليتي هي،
سُنا هي!
گهونسلي سي جب کوئي بچه گِر جائي
تو سارا جنگل جاگ جاتا هي،
سُنا هي!
سيلاب آجائي تو
لکڙي کي تختي پر
سانپ، چيتا اور بکري
ايک ساٿهه هوتي هين.
منصفو!
ميري ملک مين بهي (ب) جنگلون کا هي کوئي دستور لي آئو…