سَسُئِي آبِرِي عُمِرِ سَڀِ عِشِقَ سِين، پُنُهُون جَي پُڇَنِ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10393933_10204853883285093_1513522318842601137_n.jpg

عُمِرِ سَڀِ عِشِقَ سِين، پُنُهُون جَي پُڇَنِ
رِيسَ رَيذَالِيُون تنِ سِين، ڪُڄَاڙَي کَي ڪَنِ
مَارَڳَ جَي مَرَنِ، وَڏَو طَالِعُ تنِ جَو


سُرُ سَسُئي آبري

رَيذَاليُون = هلڪڙيون، ڪميڻيون، سڌڙيون، بي همٿ
ڪُڄَاڙَي = ڪنهن لاءِ، ڇالاءِ، ڇا جي ڪري، ڇو
مَارَڳ = منزل، واٽ، راهه، گس
طَالعُ = بخت، سڀاڳ، نصيب

بيت جو پس منظر


~ جيڪي سڄي زندگي محبوب جي عشق ۾ گذاري ٿيون ڇڏين ۽ وتن پنهون پنهون ڪنديون.
~ انهن سان اهي ڪميڻيون ۽ هلڪڙيون ڀلا ڇاجي لاءِ ٿيون ريسون ڪن ۽ سڙن.
~ نصيبن ۽ ڀاڳن واريون ته اُهي چئبيون جيڪي پنهنجي محبوب جي تلاش ۽ ڳولا ڪندي ڪندي ساهه سِر گهوريو ڇڏين.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ اسان کي درس ٿو ڏئي ته پنهنجي مقصد، محبوب ۽ منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ آخري دم تائين ڳولا، ويڙهه ۽ جدوجهد جاري رکو. ڇو ته محبوبَ ۽ منزلون ملڻ ڪو سولو ۽ آسان ڪم ناهي. ان لاءِ سچائي، اورچائي ۽commitment جو هجڻ لازمي آهي.
جيڪي اڌ پنڌ م ٿڪجي ويهي ٿا رهن ۽ وڪامجي ٿا وڃن، انهن کي اهو حق ناهي ته هو الزام تراشيون ڪن، مايوسيون ۽ نا اميديون ڦهلائين.
محبوبَ ۽ منزلن جي ڳولا ۽ جدوجهد م جيڪي ماڻهون ماريا وڃن ٿا، شهادتون ماڻن ٿا اهي ئي امرتا ماڻن ٿا.

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top