هڪ سک هوٽل ۾ داخل ٿيو ۔۔۔۔ ۽ ٽن چاهين جو آرڊر ڏنو۔۔۔ ~o)~o)~o) هن پاڻ ئي ٽئي چانهن جا ڪپ کنيا ۽ ڪائونٽر جي ڀر ۾ ئي رکيل ميز تي آيو ۽ هڪ هڪ ڪري وقفي وقفي سان ٽئي ڪپ خالي ڪيا۔۔۔ جنهن کان پوءِ خالي ڪپ ڪائونٽر تي رکيا ۽ مينيجر کان بل پڇيو۔۔۔ بل ٻڌائڻ کان اڳ مينيجر جيڪو سک جي سموري عمل کي غور سان ڏسي رهيو هو کيس صلاح ڏيندي چيو۔۔۔ ”سردار ۔۔۔! توهان ٽئي ڪپ هڪ ئي وقت ۾ ڇو کنيا جڏهن ته چاهيو ها ته هڪ هڪ ڪپ ڪري چانهن وٺو ها ۔۔۔ جنهن سان چانهن جا ٻيا ڪپ ٿڌا نه ٿين ها۔۔۔“:-??
سک وراڻيو۔۔۔ ” مون کي ٻه ڀائر آهن۔۔۔۔۔۔ هڪ دبئي ۽ ٻيو ابوظهبي ۾ نوڪري ڪندوآهي۔۔۔ جڏهن اسان الڳ پيا ٿيون ته هڪ ٻئي کي ياد رکڻ لاءِ اهو واعدو ڪيو ته چانهن هميشه اهڙي طرح پينداسين۔۔۔۔“><
هوٽل جي مينيجر کيس تعاريفي نظر سان ڏسندي بل ٻڌايو۔۔۔ سک روزانو ايندو هو ۽ اهڙي طرح چانهن پيئندو هو۔۔۔
هڪ ڏينهن هُو آيو ۽ ٻن چانهين جا آرڊر ڏنا۔۔۔ ٻئي ڪپ هٿن ۾ کڻي هي ميز تي آيو ۽ هڪ کان پوءِ ٻيو ڪپ پي جڏهن بل ادا ڪرڻ لاءِ ڪائونٽر تي آيو ته هن دفعي مينيجر کيس چيو۔۔۔ ”مان توکي وڌيڪ ڏکوئڻ نه ٿو چاهيان پر ۔۔۔ پر مٺا صبر ڪر ۔۔۔ جيڪا رب جي رضا۔۔۔۔“
سک ٿورو پريشان ٿيو :-/ پر پوءِ سندس اکيون چمڪيون ۽ مرڪندي چيائين۔۔۔ ”نه نه ۔۔ منهنجا ٻئي ڀائر زنده آهن۔۔۔ دراصل اڄ کان وٺي مون چانهن پيئڻ ڇڏي ڏني آهي۔۔۔ “ 8-}8-}