رضوان ساند
سينيئر رڪن
ٿر ڏانهن پ پ حڪومت جو رويو ائين آهي جيئن ڪنهن لاوارث ڪالونيءَ ڏانهن سامراج جو هوندو آهي. انهيءَ حوالي سان مون کي 1942 ۾ بنگال ۾ آيل خوفناڪ ڏڪار ٿو ياد اچي. اهو انگريزن جو دور هو. بنگال جا گدام اناج سان ڀريا پيا هُيا پر انتظامي مشينري اها خوراڪ ورهائي نه سگهي هُئي. اڃا به ائين چئجي ته ان کي ورهائڻ ۾ سندن ڪا دلچسپي ئي نه هُئي. سو جيڪو رويو انگريزن جو بنگال ڏانهن هو ساڳيو رويو پ پ حڪومت جو به ٿر ڏانهن رهيو آهي.
ٿر ۾ برابر هر سال ڏڪار ايندو آهي پر هيل ڏڪار کان وڌيڪ پ پ حڪومت جي بدانتظاميءَ ٿر کي نقصان رسايو آهي.منهنجي خيال ۾ ٿر جي موجوده تباهي جو ذميوار نه وڏو وزير قائم علي شاهه ۽ نه ئي منظور وساڻ آهي. اصل ۾ مان ان جو ذميوار مخدوم جميل الزمان کي سمجھان ٿو جنهن کي حڪومت پاران ٿر ڄڻ ته ٺيڪي طور ڏنو ويو آهي. يعني ٿر ان جي حوالي ٿيل آهي. سو انڪوائري اصل ۾ ان خلاف ٿيڻ گهرجي.