پاڪستان ۾ پير کوڙيندڙ داعش

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رضوان ساند طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2014۔

  1. رضوان ساند

    رضوان ساند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2013
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    رانا انٽرپرائزز
    ماڳ:
    اصل: عمر ڪوٽ _ ويٺل : ڪراچي
    اولهه ۽ اوڀر ۾ ويڇن ۽ نفرتن جو ٻج ڇٽيندي مضبوط اسلامي ملڪن، انهن جي نظام، معيشت، امن امان ۽ هم آهنگيءَ کي تباههُ ڪندڙ انتهاپسنديءَ واري سوچَ اطلاع آهن ته نوان روپ ۽ رخ ڌاري، نئين سِر، نئين نموني ۽ نئين نانءَ سان پَرَ پکيڙي رهي آهي. جيئن القاعده ۽ طالبان يا انهن جون ماتحت تنظيمون دنيا لاءِ ”خطري“ طور اڀريون هيون، بلڪل ائين ئي عراق ۽ شام ۾ خلافت جو اعلان ڪندڙ اسلامڪ اسٽيٽ آف عراق اينڊ ساريا (آءِ ايس ايس)، جنهن کي عام طرح داعش طور به ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، تنهن چيو وڃي ٿو ته عراق ۽ شام ۾ پنهنجي مذهب ۽ ملڪ جي ماڻهن کي نشانو بڻائڻ، شهرن جا شهر تباهه ۽ ڀڙ ڀانگ ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان جو رخ ڪيو آهي.

    اولهه کي خطري جي نالي ۾ جيڪي به انتهاپسند ۽ شدت پسند تنظيمون پيدا ٿيون آهن يا ڪيون ويون آهن، تن سڀ جو سڀ نقصان مصر، شام، عراق، لبيا، تيونس، افغانستان، پاڪستان ۽ ٻين اهڙن ملڪن کي پهچايو آهي. جيڪي سڀئي اسلامي ملڪ آهن. افغانستان مان سويت فوجن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ جنهن سوچ کي اُڀاري انتهاپسنديءَکي هوا ڏني وئي، سا سوچ اڄ به جئين جو تيئن موجود آهي ۽ مختلف سماجن ۽ معاشرن لاءِ سنگين خطرو بڻيل آهي. ”لوڪ وهي لهنوارو، اسين وهون اوڀارو“ وانگر سڄي دنيا ترقيءَ جا نت نوان رڪارڊ قائم ڪري ۽ ٽوڙي رهي آهي، ترقين جي بلندين کي ڇُهي رهي آهي، پر اسلامي دنيا جا اڪثر ملڪن جي مضبوط معيشتن جو رهيو کُهيو نورُ به چَٽ ٿي رهيو آهي.

    لبيا جنهن کي اڳي ڪنهن به پرڏيهي امداد جي ضرورت نه پئي هئي، اڄ اهڙي ته گهرو ويڙهه جو شڪار آهي جو ان جو سمورو نظام تباهه، ڪاروهنوار ڊانواڊول ۽ امن امان ماضيءَجو خواب بڻيل آهي. عالمي سامراجي سازش ۽ سوچ جي ڪري لبيا اڄ مالي توڙي فوجي ٻنهي امدادن لاءِ دنيا خاص ڪري اولهه ڏانهن نهاري رهيو آهي ته جيئن پنهنجي معيشت کي ٽيڪو ڏيڻ سان گڏوگڏ گهرو ويڙهه تي به ضابطو آڻي سگهي. ساڳيو ئي حشر عراق جو به آهي ته افغانستان جو به، افغانستان مان عالمي فوجون ته واپس وڃي رهيون آهن پر هن ملڪ اندر مستقل امن، بنيادي ڍاچي توڙي معيشت جي مڪمل بحالي اڃا به هڪ خواب بڻيل آهي.

    افغان جنگ جي ڪري پاڪستان تي، ان جي معيشت، امن امان ۽ باقي ملڪن سان سفارتي لاڳاپن تي جيڪي ناڪاري اثر پيا هئا تن جا پاڇا جيئن جو تيئن هن ملڪ تي موجود آهن. پاڪستان جي معيشت ايتري ته ڪمزور ٿي چُڪي آهي جو ان کي وقتن به وقتن آءِ ايم ايف، عالمي بينڪ توڙي ايشيائي ترقياتي بينڪ جهڙن عالمي مالياتي ادارن جي امداد جي آڪسيجن جي ضرورت به پئي پوندي رهي آهي. ڪالهوڪين اخبارن ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيو آهي، جنهن موجب شام ۽ عراق ۾ خلافت جو اعلان ڪندڙ ويڙهاڪ ۽ انتهاپسند تنظيم ”داعش“ جا پاڪستان ۾ مجموعي طور 370 ڪمانڊر موجود آهن، جڏهن ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ وري ان جي 70 ڪمانڊرن جي موجودگي ٻڌائي وئي آهي.ڪراچي جيڪا اڳ ئي بدامنيءَ جي باهه ۾ ٻري ۽ سڙي رهي آهي، تنهن ۾ ايڏي تعداد ۾ شدت پسند ويڙهاڪ گروپ جي ڪمانڊرن جي موجودگي ڪنهن به طرح شهر، صوبي ۽ ملڪ جي مجموعي امن لاءِ سٺو سنوڻ ناهي. ڪراچي جيڪا اڳ ئي لساني، مذهبي ۽ فرقيوار نفرت جو ٻرندڙ جبل بڻيل آهي، تنهن جي امن لاءِ ڪا خوشيءَ جيڪا خبر ملي، سا ته ٺهيو ويتر اهڙا اطلاع اچي رهيا آهن، جيڪي ڄڻ ته نالي ماتر ئي سهي شهر جي امن لاءِ سنگين خطرو آهن.

    ملڪ اندر هڪ ڌر جي سياسي سوچ طاقتور ڌرين جي سرپرستيءَ هيٺ پلجندي رهي آهي، جنهن جي ڪري لبرل، سيڪيولر ۽ ترقي پسند ڌريون لاڳيتو خطري هيٺ رهيون آهن، نتيجو جيڪي نڪتو آهي، سو اسان ۽ اوهان سڀني جي سامهون آهي. ڪنهن به سماج ۾ جڏهن انتهاپسنديءَ جا لاڙا جنم وٺن، چاهي اها مذهبي انتهاپسندي هجي، لساني انتهاپسندي هجي، نسلي انتهاپسندي هجي يا سياسي انتهاپسندي، ان جي ٽوڙ لاءِ اهڙي سوچ لاءِ موقعو فراهم ڪيو ويندو آهي جيڪا انتهاپسنديءَ واري سوچ کي رد ڪندي، ان جي هاڃن کي روڪي سماج کي نئين دڳ لائي پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ چرخوئي الٽو آهي. هتي انتهاپسندن ڏانهن جھڪاءُ ۽ لاڙو رکندڙ سياسي جماعتون ته پنهنجي پرچار، مهم ۽ تحريڪن ۾ آجيون آهن ۽ آزاديءَ سان بنا ڪنهن خوف خطري جي ميدان ۾ آهن پر ترقي پسند سوچ وارين جماعتن لاءِ انهن انتهاپسند دهشتگردن جو خطرو جيئن جو تيئن موجود آهي.

    اڃا به وقت نه ويو آهي، سٺي ۽ خراب جي چڪر ۾ پوڻ بدران انتهاپسندن خلاف اثرائتي ڪارروائيءَ جي سخت ضرورت آهي. رڳو قبيلائي علائقا يا اتر وزيرستان ئي ڇو ملڪ ۾ جتي به، جنهن هنڌ به انتهاپسند ويڙهاڪ موجود هجن، اتي سندن مٿي چٿَ ٿيڻ گهرجي، جي اڃا به رياستي سطح تي مذهبي ۽ سياسي انتهاپسندن ڏانهن نرم رويو روا رکيو ويو ته اهو ملڪ ۽ ان جي مستقبل لاءِ ڪو سٺو سنوڻ نه هوندو.گڏوگڏ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي، جنهن ۾ هر قوم، نسل ۽ ٻولي ڳالهائڻ وارا ماڻهو رهن ٿا، تنهن ۾ هر قيمت تي امن يقيني بڻائڻ ۽ نفرتن جو خاتمو ان ڪري به ضرور آهي جو ڪراچيءَ ۾ امن هوندو ته ملڪي معيشت تي ان جا مثبت اثر پوندا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو