ڀرتين بابت وفاقي سرڪار جي نئين پاليسي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رضوان ساند طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2014۔

  1. رضوان ساند

    رضوان ساند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2013
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    رانا انٽرپرائزز
    ماڳ:
    اصل: عمر ڪوٽ _ ويٺل : ڪراچي
    وزيراعظم جي هدايتن تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن وفاقي ادارن، خودمختيار ادارن ۽ ڪارپوريشنن لاءِ ڀرتين جي نئين پاليسي جاري ڪئي آهي. پاليسي موجب گريڊ 16 ۽ ان کان مٿي جون سموريون جايون فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي ذريعي ڀريون وينديون. گريڊ هڪ کان ٻه جون جايون کاتا پاڻ ڀري سگهندا، جڏهن ته باقي نوڪرين لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏئي قانون ۽ قاعدن موجب ڀرتيون ڪيون وينديون. پاليسيءَ موجب نوڪرين لاءِ مقرر ڪيل ڪوٽا تي عمل ڪيو ويندو، جڏهن ته سفارش ڪرائيندڙ اميدوار نااهل ٿي ويندو.

    ڏٺو وڃي ته نوڪرين تان پابندي هٽائڻ کانپوءِ نئين ڀرتي پاليسي جاري ڪرڻ وفاقي سرڪار جو سٺو قدم آهي. هن قدم سان هڪ ته مختلف ادارن ۾ ورهين کان خالي پيل ننڍيون توڙي وڏيون جايون ڀرڻ ۾ مدد ملندي، ٻيو ته عملي جي کوٽ سبب جن ادارن جو معمول جو ڪاروهنوار متاثر ٿي رهيو هو، تنهن کي سڌارڻ ۾ پڻ مدد ملندي. اصل مسئلو نوڪرين تان پابندي هٽجڻ يا ان سلسلي ۾ پاليسي جاري ڪرڻ جو ناهي پر اصل مسئلو ڀرتين ۾ شفافيت ۽ حقدارن ۽ اهلن کي حق جو ملڻ يقيني بڻائڻ آهي. بدقسمتيءَ سان سفارش ۽ رشوت ڄڻ ته اسان جي ملڪ جو اڻٽٽ حصو بڻجي ويا آهن. ڪاٿي به، ڪنهن به اداري ۾ ڪو به ڪم شل پئي، سو ڄاڻ سڃاڻ ۽ سفارش کان سواءِ ٿيڻ ناممڪن آهي. ساڳي طرح نوڪري، جيڪا هڪ خاندان جو آڌار بڻجي ٿي، تنهن جو به بنا ڪنهن چئهُ چوا ۽ سفارش جي ملڻ اسان جي سماج ۾ ڄڻ ته هڪ خواب بڻجي ويو آهي.

    بهتر ٿيندو ته حڪومت مختلف کاتن ۾ ڀرتين لاءِ جنهن پاليسي يا ائين کڻي چئجي ته مڪينزم جو اعلان ڪيو آهي. تنهن تي بنا ڪنهن سوديبازيءَ جي عمل يقيني بڻايو وڃي.ماضيءَ ۾ نوڪرين تي سفارشي ڪلچر حاوي هئڻ سبب حقدار حقن کان محروم ۽ غير حقدار اهم نوڪرين ۽ عهدن تي براجمان ٿيندا رهيا آهن. ان ڏس ۾ هيٺين کان مٿي سطح تي هن سموري عمل کي شفاف بڻائڻ جي اشد ضرورت آهي. ڇو جو ميرٽ تي عمل سان سماج به ميرٽ وارو جنم وٺندو جنهن ۾ سفارش ۽رشوت جي ڪابه گنجائش نه هوندي. سو ملڪ کي ترقي وٺرائڻ، مهذب لاڙن کي هٿي وٺرائڻ ۽ باصلاحيت توڙي ذهين افرادي قوت پيدا ڪرڻ لاءِ ”ميرٽ“ واري سماج جي جوڙ جڪ حڪومت جي پهرين ترجيح هئڻ گهرجي. اميد ڪري سگهجي ٿي ته ڀرتين جو هيءُ عمل صاف ۽ شفاف بڻايو ويندو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو