پراڻي زماني ۾ جڏهن سائنس ٽيڪنولاجي اڃان ان سطح تي پير به نه رکيو هيو جنهن تي اڄ آهي، ان وقت سامونڊي ٻيڙن تي مسافرن سان گڏ، چوپايو مال ۽ ٻيو سامان ڳوڻين جي حساب سان رکڻ لاءِ جدا جدا خانا ٺهيل هوندا هئا. انهن وقتن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو هئو جو ٻيڙي نڪرڻ جي وقت مسافر پورا هوندا هئا، سامان به پورو يعني مقرر ڪيل وزن تحت پورو هوندو هيو پر چوپايو مال پورو نه اچي سگھندو هئو ته ان جي وزن جي حساب سان ۽ ٻيڙي جي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ چوپائي مال واري خاني ۾ ”وزني پٿر“ رکي ڇڏيندا هئا. ته جيئن سمنڊ جي تيز لهرن يا طوفان ۾ ٻيڙو پنهنجو توازن برقرار رکي سگھي. عربيءَ ۾ انهن خاص وزن وارن پٿرن کي ”صبور“ جو نالو ڏنو ويندو هئو. يعني توازن قائم ڪرڻ وارو. اهو جيڪو اسان صبر جو لفظ استعمال ڪندا آهيون درحقيقت اهو صبور وارو ئي صبر آهي. معني توازن قائم ڪريو. درحقيقت صبر معني ”خاموش ڪري ويهڻ يا سڀ ڪجھ سهڻ“ ڪڏهن به نه آهي پر توازن قائم ڪرڻ آهي.
جي ادا صبر جي جيڪا قرآن مان اصطلاح ورتي ويندي آهي ان مان مراد ثابت قدمي آهي باقي اوهان بهتر ٿا ڄاڻو قبلا سائين.