سنڌ ۾ تعليم جي تباهي جا ڪارڻ ۽ انهن جو حل!!!! ظفر منگي سنڌ جيڪا تعليم جي حوالي سان پنهنجي هڪ شاندار ۽ شاهڪار تاريخ جي مالڪ رهي آهي اڄ انهيءَ سنڌ جي تعليم تي آڱر کڄي پئي، ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته ڌرتي ڌڻي پنهنجي قوم کي تعليم جهڙي روشني کان محروم رکي پنهنجو ڌيان اجاين ڳالهين توڙي مشغلن تي مرڪوز ڪندا پيا اچن، صوبي جي اڄوڪي تعليم جيڪا ڪيترن ئي سوالن کي اٿاري رهي آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ معاشري پنهنجي بقاءَ لاءِ تعليم جهڙي هٿيار کي ڇو وساري ڇڏيو آهي ؟، اڄ سنڌ جو شاگرد معياري تعليم کان ائين وانجهيل آهي جيئن ڪو يتيم ٻار والدين جي سهاري کانسواءِ جيئرو هجي _ سنڌ جي تعليم تي ماضي کان وٺي حملا ٿيندا رهيا ۽ اهي حملا بظاهر تي اسانجي نظرن کان اوجهل رهيا پر انهن حملن جا اثر مغلن ، ارغونن توڙي ڌارين جي سنڌ تي حملن کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ ڀيانڪ آهن جيڪي وقت سر ظاهر ٿيندا رهيا ۽ انهن کي ڏسندي سنڌ جي باشعور ماڻهو کي ڏندين آڱريون اچي ويون . وڌيڪ افسوس اهو آهي ته اڄ جي ميڊيا جون ترجيحات پڻ حيران ڪن آهن ۽ ميڊيا معاشري جي مثبت رجحانن کي پٺي ڏئي پنهنجي توڙي انفرادي مفادن کي عظيم رکيو آهي ، ميڊيا جي اهڙي روش جا پڻ مختلف پهلو ذهنن ۾ ترن ٿا جيئن يا ته ميڊيا سان لاڳاپيل فرد صحافتي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪنهن هٿ گهڙي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن يا ته وري انهن صحافين ۾ مثبت شين تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ئي نه آهي _9 محرم واري ڏهاڙي شام جو 5 وڳي ڌاري اطلاعات کاتي حيدرآباد جي ڊائريڪٽر خورشيد علي شيخ هڪ ميسيج موڪليو جنهن ۾ شهيد بينظير آباد جي ڊويزنل ڪمشنر جمال مصطفيٰ سيد طرفان نوابشاهه ۾ هڪ تعليمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جي دعوت ڏنل هئي جنهن بعد ڊائريڪٽر صاحب فون ڪري مونکي ان جو پابند بڻايو ته آئون ساڻس گڏ 6 نومبر تي نوابشاهه هلان ۽ ان ڪانفرنس جي رپورٽنگ ڪريان ،خيرن سان 6 نومبر تي صبح جو ساڍي اٺين وڳي ڌاري اسان شهباز بلڊنگ ۾ واقع پنهنجي آفيس مان نواب شاهه لاءِ نڪتا سين ۽ واٽ تي ڊائريڪٽر صاحب سان تعليمي ڪانفرنس ۽ صوبي جي تعليمي صورتحال تي بحث مباحثا ٿيندا رهيا آخر ڪار مون ڏاڍو چڙ ۽ ڪاوڙ مان ڊائريڪٽر صاحب سان مخاطب ٿيندي چيو ته سائين ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي اسان جا اڳواڻ توڙي عملدار صرف بند ڪمرن ۾ ڪانفرنسون ڪوٺائي سرڪاري پيسو خرچ ڪري رهيا آهن پر عملي قدم کڻڻ ڄڻ ته سندن وس ۾ ناهي جنهن تي ڊائريڪٽر صاحب ڪجهه دير لاءِ خاموشي اختيار ڪئي ۽ وراڻيو ته حقيقت ۾ اڄوڪي معاشري جي انيڪ اوڻائين واري صورتحال ۾ عملي قدم کڻڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ مونکي اميد آهي ته اڄوڪي ڪانفرنس نه فقط شهيد بينظير آباد ڊويزن پر سنڌ جي تعليم لاءِ هڪ انقلابي قدم ثابت ٿيندي ڇاڪاڻ ته سندس مطابق هڪ سنجيده شخص جيڪو صوبي جي تعليم سان محبت رکي ٿو ان جو هٿ هن ڪانفرنس پٺيان آهي ۽ اميد آهي ته سندس اها ڪوشش رائيگان نه ويندي. اسان نوابشاهه پهتاسين ته تعليمي ڪانفرنس جيڪا ڊويزنل ڪمشنر جي آفيس جي درٻار هال ۾ ٿيڻي هئي ان کي ڏسي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ ملڪ جا وي وي آءِ پيز هتي اچڻا آهن ۽ ڪو اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيڻو آهي بهرحال ڪانفرنس ساڍي يارهين وڳي کانپوءِ شروع ٿي جنهن جي صدارت شهيد بينظير آباد جي ڊويزنل ڪمشنر جمال مصطفيٰ سيد ڪئي ، سڀ کان پهرين جمال صاحب جهڙي ريت پنهنجي ڊويزن جي صورتحال ۽ ماضي ۾ جڏهن هو حيدرآباد جو ڪمشنر هو ان وقت گوسڙو ماسترن خلاف هلايل مهم بابت ڪانفرنس کي آگاهي ڏني ته ان وقت سندس جذبو ڏسڻ وٽان هو ڇاڪاڻ ته هن شخص جي دل واقعي تعليم دوست آهي ۽ ان ڪم لاءِ هو سنجيده پڻ آهي _ جمال مصطفيٰ سنڌ جي نئين قائم ٿيل ڊويزن شهيد بينظير آباد جو پهريون ڊويزنل ڪمشنر آهي جنهن اڄڪلهه جي افراتفري واري ماحول ۾ جهڙي ريت سوين ٻرندڙ مسئلن جي باوجود تعليم جي بهتري جي چونڊ ڪئي آهي ان تي هي شخص واقعي جس لهڻي ، ڇاڪاڻ ته اڄ تائين اسان صرف بيان ، ڪانفرنسون ، سيمينار ۽ ريليون ئي ٻڌيون آهن پر عملي طور ڪنهن به قدم کڻي اهو ثابت نه ڪيو آهي ته هو واقعي سنڌ جي تعليم جي بهتري ۾ حب رکي ٿو آئون يقين سان اهو چوان ٿو ته جمال مصطفيٰ جي اها ننڍڙي ڪوشش سنڌ جي موجوده تعليم ۾ اهڙو هڪ انقلابي قدم آهي جنهن جا اثر مستقبل ۾ ظاهر ٿيندا ۽ ان ڳالهه تي پڻ فخر آهي ته هن دور ۾ تعليم دوست اهڙيون شخصيتون انهن عهدن تي فائز آهن جيڪڏهن اهي چاهين ته سنڌ اڄ به پنهنجي ماضي واري تعليمي حيثيت ماڻي سگهي ٿي _ جمال مصطفيٰ صوبي کي اميد جو هڪ نئون ڪرڻو ڏنو آهي ۽ سنڌ جو هر باشعور ماڻهو سندس اهڙي قدم جي آجيان ڪري ٿو ۽ ساڻس هر وک تي گڏ آهي ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو ٻين ڪيترن ئي معاملن سان گڏوگڏ تعليم ۾ محرومي جو شڪار رهيو آهي ۽ قوم کي ان محرومي ۽ غير يقيني واري صورتحال مان ڪڍڻ لاءِ ان قسم جا قدم کڻڻ واقعي سنڌ ڌرتي جو قرض لاهڻ برابر آهي ، ڪانفرنس جي وچ ۾ مونکي هڪ خاص فون آيو ۽ آئون ڪانفرنس هال کان ٻاهر هليو آيس جنهن تي پڇيو ويو ته توهان ڪٿي آهيو؟ مون کين ٻڌايو ته آئون نوابشاهه آيو آهيان ته سوال ٿيو ته ڇو … جواب ڏيڻ ته لازمي هو سو کين ٻڌايو ته تعليم بابت هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ آيو آهيان جنهن تي مونکي وڏا ٽهڪ ٻڌڻ ۾ آيا ۽ بعد ۾ اهو به ٻڌڻ لاءِ مليو ته هن ملڪ ۽ خاص طور تي سنڌ جي تعليم بهتر ٿي … جو توهان هليا آيو حيدرآباد مان نوابشاهه ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ … اهو ٻڌڻ مون لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي پر هڪ اميد آهي ته سنڌ پنهنجي تعليمي عروج جو دور واپس ماڻيندي پر ان لاءِ ان طرح جا انقلابي قدم کڻڻا پوندا …هاڻي ٿورو احوال ان تعليمي ڪانفرنس جو جنهن ۾ جمال مصطفيٰ هڪ هفتي اندر گوسڙو ماسترن خلاف پوري ڊويزن ۾ مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو . ۽ چيو ته تعليم ۾ اعليٰ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن کي ايوارڊ ۽ پنهنجن فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ استادن کي سخت سزا ڏني ويندي ڇاڪاڻ ته جيڪي پنهنجي شعبي سان سچا آهن انهن کي مڃتا ملڻ گهرجي ۽ جيڪي پنهنجي روزي تي لت هڻي رهيا آهن انهن کي سبق ڏنو وڃي ته اهي قوم جي مستقبل سان کيڏڻ جي جرئت نه ڪري سگهن -ڪانفرنس ۾ سنڌ جي تعليمي ماهرن صوبي جي تعليم جي تباهي جو ذميوار گوسڙو استادن، معاشري ۽ بااثر ڌرين کي قرار ڏيندي چيو آهي ته تعليم جي بهتري لاءِ گوسڙو استادن خلاف اثرائتي مهم هلائڻ، استادن جي جديد تربيت، وقت سر پروموشن، ثقافتي سرگرمين ذريعي تعليمي جاڳرتا پيدا ڪرڻ، اسڪولن جي سخت نگراني لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙڻ، تعليم بابت قانونسازي ۽ ترميم آڻڻ، 16 سالن تائين تعليم مفت ڪرڻ جڏهن ته 10 سالن لاءِ تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي_ هنن تعليم کاتي مان سياسي مداخلت ۽ گوسڙو استادن جي بااثرن طرفان پٺ ڀرائي جي خاتمي جو مطالبو ڪندي چيو تـه فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ استادن توڙي ڪاپي ڪندڙ شاگردن خلاف سخت کان سخت سزا مقرر ڪئي وڃي جڏهن تـه اهليت جي بنياد تي استادن جي ڀرتي کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ تعليم کاتي مان سفارش ڪلچر جو پاڙ کان خاتمو آندو وڃي ۽ سنڌ جي تعليم کي معياري بڻائڻ لاءِ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏيل طور تي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڪانفرنس کي صدارتي خطاب ڪندي ڊويزنل ڪمشنر شهيد بينظيرآباد جمال مصطفى سيد ڊويزن ۾ هڪ هفتي اندر گوسڙو استادن خلاف اثرائتي مهم هلائڻ جو اعلان ڪندي ٻڌايو تـه ان مهم جي نگراني ضلعي انتظاميـه ۽ تعليم کاتي جا عملدار ڪندا ۽ ان مهم جو هر ٻن مهينن بعد جائزو ورتو ويندو ۽ غير حاضر استادن جي حاضري ۽ تعليم سان لاڳاپيل ٻين معاملن کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم پڻ کنيا ويندا. جمال مصطفيٰ سيد جڏهن حيدرآباد جو ڪمشنر هو ته ان دوران پڻ هن شخص گوسڙو استادن خلاف هڪ مهم هلائي جنهن دوران هن ڊويزن جي مختلف ڏهن ضلعن ۾ نه فقط پاڻ اوچتا دورا ڪيا پر اتان جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي پڻ اسڪولن جا اوچتا دورا ڪرڻ جو پابند بڻايو جنهن دوران حيدرآباد ڊويزن جي 1650 اسڪولن جا دورا ڪيا ويا جتي هڪ هزار 64 غير حاضر استادن کي شوڪاز نوٽيس ڏنا ويا ۽ 629 استادن تي ڏنڊ مڙهيو ويو جڏهن ته 436 استادن کي معافي ڏني وئي _ هن مهم دوران آئون پاڻ اطلاعات آفيسر جي حيثيت سان گڏ ڊويزنل ڪمشنر جمال مصطفيٰ سيد سان هر وقت رابطي ۾رهيس مونکي ياد پوي ٿو ته ان دوران رات جو 12 وڳي کانپوءِ ڪمشنر هائوس تان هڪ فون آيو ۽ آپريٽر چيو ته ڪمشنر صاحب توهان سان ڳالهائيندو ڪجهه وقت لاءِ منهنجي ذهن ۾ مختلف ڳالهيون آيون ته رات جو هن وقت ڪمشنر صاحب جو رابطو مطلب ته ڪا اهڙي حساس شئي ٿي رهي آهي جيڪا ميڊيا تي آڻڻي آهي خير جڏهن ڪمشنر صاحب ڳالهايو ته سندس پهريون لفظ اهو هو ته ظفر توهان کي خبر آهي ته اسان گوسڙو استادن خلاف مهم شروع ڪئي آهي ۽ اسان هن وقت تائين صرف ٽن ڏينهن اندر ساڍا چار سئو غير حاضر استادن خلاف نوٽيس جاري ڪيا آهن پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ان بابت ميڊيا تي ڪا به رپورٽ نه اچي رهي آهي _سندس رويي ۾ هڪ فخر ته هو پر ٻئي پاسي سندس رويي ۾ هڪ شڪايت پڻ هئي جنهن جو مطلب هي هو ته سندس اهڙي قدم کي ميڊيا تي اچڻ گهرجي ۽ ماڻهن توڙِي استادن کي اها خبر پوڻ گهرجي ته سنڌ جي مستقبل سان ويساهه گهاتي ڪندڙ استادن تي نظر رکڻ وارو ڪو ته آهي ، ان وقت منهنجي ذهن ۾ هڪ شئي آئي ته آئون ان مهم جو حصو بڻجان ڇاڪاڻ ته تعليم جي بهتري لاءِ ڪو هڪڙو فرد اڪيلي سر وڙهي نٿو سگهي ان لاءِ معاشري جي هر فرد کي انفرادي طور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ اهو فرد پنهنجي پنهنجي حصي يا پنهنجي پيشي جي صورت ۾ نڀائي سگهي ٿو .خير هڪ ٻئي ڳالهه جيڪا آئون پڙهندڙن سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو اها هي ته جڏهن حيدرآباد ڊويزن ۾ گوسڙو ماسترن خلاف مهم مڪمل ٿي ته جمال مصطفيٰ سيد سوشل ميڊيا تي ان بابت ڪجهه پوسٽ رکيا جنهن تي مان هڪ شهري جي حيثيت سان ساڻس سوال ڪيو ته سائين ان مهم جو انجام صرف گوسڙو استادن کي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ هو ؟، جنهن تي سائين انتهائي پرخلوص جواب ڏنو ته گهڻو ڪجهه نه ڪرڻ کان بهتر ڪجهه ڪرڻ آهي ۽ توهان تنقيد بجاءِ ان جي اصلاح ڪريو جنهن بعد آئون سندس سچائي مان وڌيڪ متاثر ٿيس ۽ کيس واقعي ئي تعليم دوست محسوس ڪيو جنهن جو ثبوت هن شخص اها ڪانفرنس ڪرائي ڏنو آهي ۽ اميد آهي ته جمال مصطفيٰ سيد جي سنڌ جي ننڍي ڊويزن ۾ ٻاريل ان ڏيئي جي لاٽ سڄي سنڌ کي روشن ڪندي . ڪانفرنس ۾ شهيد بينظيرڀٽو يونيورسٽي نوشهروفيروز جي وائيس چانسلر ارشد سليم چيو تـه گوسڙو استادن ۾ مختلف نوعيت جا استاد اچي وڃن ٿا جن مان ڪجهـ ڪاغذن ۾ موجود آهن پر اسڪولن ۾ پهتائي ناهن. جڏهن تـه ڪجهـه نوڪرين تان غير حاضر آهن ۽ ڪجهـه تـه وري پرڏيھه ۾ ترسيل آهن_ هن ٻڌايو تـه استادن جي غير حاضري پٺيان ڪيترائي سبب آهن جن ۾ دلچسپي جي کوٽ، پروموشن ۾ سست رفتاري ڪرپشن، سياسي ڀرتيون ۽ ٻيا ڪيترائي سبب آهن جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ استادن جي رهنمائي ڪندي هڪ بهتر ماحول پيدا ڪرڻو پوندو_ ان کان علاوه اسڪولن جي سخت نگراني ۽ معاشري جي اسڪولي سرگرمين ۾ شموليت پڻ لازمي آهي_ ان موقعي تي خطاب ڪندي پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل هيلٿ سائنسز شهيد بينظيرآباد جي وائيس چانسلر اعظم حسين يوسفاڻي چيو تـه سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ استادن سان گڏ والدين جي اولين ذميواري ٿئي ٿي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قائدعوام يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالڪريم بلوچ چيو تـه ماضي ۾ استاد مرضي سان اهو پيشو جوائن ڪندا هئا پر هن وقت استادن مان اها سچائي ختم ٿي وئي آهي ۽ اهي پنهنجي عزت ۽ احترام پڻ وڃائي چڪا آهن_ لائيو اسٽاڪ کاتي جي وائيس چانسلر ڪي بي مير بحر چيو تـه تعليم جي بهتري لاءِ شفافيت کي يقيني بڻائي ڪرپشن جو خاتمو آڻڻ لازمي آهي_ ان موقعي تي ڳالهائيندي غلام نبي مورائي چيو تـه سنڌ جي تعليم لاءِ سرڪار سان گڏ معاشري جي هرفرد کي انفرادي طور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو_ نوجوان ليکڪ جامي چانڊيو چيو تـه هن وقت سنڌ جا 62 سيڪڙو ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن تـه 10 لک ٻارن جي آبادي مان صرف 48 سيڪڙو ٻار اسڪولن ۾ داخل آهن+ هڪ اندازي مطابق سنڌ ۾ 49 هزار اسڪول آهن جن ۾ 5 هزار سيڪنڊري ۽ 44 هزار پرائمري اسڪول آهن_ هن ٻڌايو تـه جن مان 92 سيڪڙو اسڪولن ۾ لائبريريون ئي ڪونـه آهن _هن ٻڌايو تـه هن وقت سنڌ تعليم جي حوالي سان فاٽا ۽ بلوچستان جي 9 ضلعن سان مقابلي ۾ آهي جڏهن تـه سنڌ جي تعليم جي اهڙي حالت آهي جو اسان پنجاب سان مقابلي جي صف ۾ بـه شامل نـه آهيون _ هن ٻڌايو ته هن وقت سنڌ جي 82 سيڪڙو ٻارڙن کي پنج جملا انگريزي جا به نٿا اچن جڏهن ته 70 سيڪڙو سنڌي توڙي اردو ٻار پنهنجي مادري ٻولي جا سڌا سنوا لفظ پڙهي نٿا سگهن. هن وڌيڪ ٻڌايو تـه رينڪنگ جي حوالي سان 144 ضلعن مان ڪراچي 56 هين نمبر تي آهي مطلب ته ملڪ جي ريڪنگ جي حوالي سان پهرين 50 ضلعن ۾ سنڌ جو ڪو به ضلعو شامل نه آهي جڏهن ته نوشهروفيروز 80، شهيد بينظيرآباد90 ۽ سانگهڙ 105 نمبر تي آهي اهڙي ريت سنڌ جي ريڪنگ ۾ نوشهرفيروز 4 نمبر ، شهيد بينظير آباد 7 ۽ سانگهڙ 11 نمبر تي آهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو سنڌ تعليم جي ميدان ۾ ڪيتري پوئتي آهي _ هن ٻڌايو ته هڪ اندازي مطابق استادن جي حاضري جي حوالي سان ريڪنگ تي شهيد بينظير آباد 12 ، سانگهڙ 13 ۽ نوشهرفيروز 9 نمبر تي آهي _هن وڌيڪ ٻڌايو تـه تعليم جي 134 ارب روپين بجيٽ مان 118 ارب روپيا صرف پگهارن ۾ خرچ ٿين ٿا جيڪو هڪ وڏو الميو آهي_ هن مشورو ڏنو تــه ڊويزن جي اسڪولن جي سروي ڪري ريڪنگ فهرست ٺاهي وڃي ۽ استادن جي ٽريننگ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي جڏهن تـه ضلعي ۽ تعلقي سطح تي تعليمي ميلا ڪرائي ٻارن جي همٿ افزائي ڪئي وڃي . جامي چانڊيو وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جي 43 سيڪڙو اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ سئو سيڪڙو اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر جي سهولت ناهي جڏهن ته 36 اسڪولن ۾ پاڻي جي سهولت نه هجڻ ۽ 72 سيڪڙو اسڪولن ۾ راندين جا ميدان ئي نه آهن . جامي چانڊيي تجويز ڏني ته سنڌ ۾ نوان اسڪول قائم نه ڪيا وڃن ڇاڪاڻ ته جيڪي اسڪول موجود آهن انهن کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي ۽ اسڪولن جي نگراني لاءِ ٽي ڌر مطلب ڪنهن ساک واري اداري کي ذميواري سونپي وڃي گڏوگڏ سنڌ جي هر ضلعي ۾ اسڪولن جي ريڪنگ تيار ڪئي وڃي ۽ انهن جي سروي ڪئي وڃي ته جيئن اسڪولن لاءِ مختص وسيلا شفافيت سان ڪتب آندا وڃن_ هن چيو ته اسڪولن ۾ معياري تعليم ۽ شآگردن جي حاضري کي يقيني بنائڻ لاءِ ٽن شين کي نظر ۾ رکڻو پوندو جنهن ۾ معياري تعليم ، سيڪيورٽي ۽ محفوظ مستقبل جي ضمانت شامل آهي جنهن سان والدين جو اسڪولن تي اعتماد وڌندو ۽ شاگرد پڻ پڙهائي ۾ دلچسپي وٺندا_ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ليکڪ انعام شيخ چيو تـه تعليم جي بهتري لاءِ معاشري جي قدرن کي هٿي وٺرائڻ، سياسي مداخلت ختم ڪرڻ ۽ نااهل عملدارن جو احتساب ڪرڻ گهرجي ۽ گوسڙو استادن خلاف سخت قدم کنيو وڃي .هن مطالبو ڪيو ته سياستدان توڙي بيوروڪريسي کي تعليم جهڙي حساس معاملي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي_ هن جمال مصطفيٰ سيد جي ان ڪوشش جي ساراهه ڪندي چيو ته جهڙي ريت جمال صاحب ماضي ۾ گوسڙو استادن خلاف هڪ ڪامياب مهم هلائي آهي ان طرز تي سڄي صوبي ۾ آپريشن ڪيا وڃن ۽ تعليم جهڙي شعبي مان ڪارين رڍن جو خاتمو آندو وڃي _ هن چيو ته استاد جو اسانجي معاشري ۾ عظيم رتبو آهي ڇاڪاڻ ته اسان صرف ماستر کي نه پر هر هنرمند کي استاد چوندا آهيون ۽ کيس وڏي عزت ۽ احترام ڏيندا آهيون پر هن وقت استادن جي رويي سبب استادن جو احترام گهٽيو آهي _ هن تجويز ڏني ته پنهنجي پيشي سان سچائي ڏيکاريندڙ استادن مان غير يقيني واري صورتحال جو خاتمو آڻي سندن تڪڙا پروموشن ڪيا وڃن ۽ انهن جي احتساب جو هڪ نظام جوڙيو وڃي جڏهن ته معاشري جي هرفرد کي تعليم جي سڌاري لاءِ شروع ڪيل مهم ۾ شامل ڪيو وڃي _ استادن جي بهتر تربيت ۽ تعليم بابت مناسب قانونسازي ڪري ڪاپي ڪيس کي ڏوهه قرار ڏنو وڃي جڏهن ته اسڪولن جي نگراني لاءِ خصوصي ٽيمون جوڙي تعلقه سطح تي ڀتيون اڏايون وڃن جن تي گوسڙو استادن جا نالا لکي انهن کي معاشري آڏو وائکو ڪيو وڃي _ ان کان علاوه انعام شيخ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته والدين ، استادن ، صحافين توڙي سياستدانن تي ٻڌل ڪاميٽيون تعلقه سطح تي جوڙيون وڃن ۽ مختلف علائقن ۾ قومي تعليمي ڪانفرنسون منعقد ڪرائي عوام ۾ تعليم بابت جاڳرتا پيدا ڪئي وڃي _ ڪانفرنس کي مختلف تعليمي ماهرن ليکڪن، علي پلھه ، ناز سهتو، گسٽا پي ٽي الف جي نمائندن ڊائريڪٽر اسڪولز، ڊي او ايجوڪيشن ڊپٽي ڪمشنر شهيد بينظيرآباد عبدالعليم لاشاري، ڊي سي نوشهروفيروز مرزا ناصر علي، ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن آغا سهيل ۽ ٻين خطاب ڪندي تعليم جي بهتري ۽ استادن جي غير حاضري تي پنهنجا ويچار ونڊيا، ان موقعي تي استاد تنظيمن تي جي نمائندن ڊويزنل ڪمشنر جمال مصطفى سيد جي گوسڙو ماسترن خلاف مهم جي آجيان ڪندي يقين ڏياريو تـه سندس تنظيمون تعليم جي بهتري لاءِ کنيل هر قدم سان گڏ آهن ۽ صوبي جي تعليم کي معياري بنائڻ لاءِ پڻ سنجيده آهن.بحرحال ڪانفرنس جي پڄاڻي تي جمال مصطفيٰ سيد سمورن معززين ۽ خاص طور تي استاد تنظيمن جي نمائندن پاران ساڻن هر سهڪار جي خاطري تي سندن ٿورو مڃيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته سندن ڊويزن ۾ تعليم جي سڌاري لاءِ نه فقط هڪ مهم پر هڪ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي جنهن دوران ڪنهن به استاد توڙِي عملدار جي ڪوتاهي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ هر حالت ۾ تعليم کي بهتر بڻائي نوجوان نسل کي هڪ محفوظ مستقبل مهيا ڪيو ويندو ۽ سنڌ جو هر باشعور فرد ان ڪانفرنس توڙي جمال مصطفيٰ سيد جي عزم مان اميدون وابستا ڪري ٿو ته اڄوڪي نفسانفسي واري دور ۾ ڪنهن فرد تعليم جي سڌاري جو نعرو هنيو آهي جنهن سان معاشري کي هڪ اميد جو نئون ڪرڻو مليو .