آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل پاڪستاني بجيٽ تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته حڪومت اميرن جي کيسن مان ٽيڪس وصول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چُڪي آهي. وال اسٽريٽ جنرل جي رپورٽ موجب پاڪستاني امير طبقو سڄي دنيا مان سڀ کان گهٽ ٽيڪس ادا ڪري ٿو. ناڻي واري وزير عبدالحفيظ شيخ بجيٽ تقرير ۾ ٻڌايو ته حڪومت 23 لک اميرن جي انفارميشن حاصل ڪئي آهي جيڪي ٽيڪس ادا ڪونه ڪندا آهن، پر هنن اميرن کان ٽيڪس وصول ڪرڻ جي باري ۾ ڪجهه به ناهي ٻڌايو ويو. اخبار موجب آءِ ايم ايف، امداد ڏيندڙ ادارن ۽ ملڪن پاران لاڳيتو دٻاءُ وجهڻ باوجود اميرن کي ٽئڪس جي دائري ۾ آڻن ۽ هنن کان ٽيڪس وصول ڪرڻ لاءِ پاليسي تيار ناهي ڪئي نه ئي هنن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.