”رقص منهنجي روح جو“ مٺل جسڪاڻي سياڻا چوندا آهن موسيقي روح جي غذا آهي، ته پوءِ ڇو نه چئجي ته ساز موسيقي جي، آواز ساز جي ۽ شاعري آواز جي روح جي غذا آهي. جڏهن شاعري شان واري هوندي، آواز وڻندڙ هوندو، ساز سُر سان وڄندو، ته موسيقي روح کي راحت ئي بخشيندي. جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه آزاد شاعري تمام گهڻي ٿي رهي آهي، جنهن ۾ به رڌم ممڪن آهي، پر گائڪيءَ ۾ اوليت پابند شاعري کي ملندي رهي آهي. پابند شاعري جون انيڪ صنفون آهن. سجاد مهر موجوده دور جو نوجوان شاعر آهي. پاڻ مختلف صنفن ۾ طبع آزمائي ڪندي، دادس حاصل ڪندو رهيو آهي، پر سندس شاعري جو پهريون مجموعو ”رقص منهنجي روح جو“ صرف غزلن تي مشتمل آهي. هيءَ ڪويتا پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 96 آهي. چئن رنگن جي خوبصورت ٽائيٽل سان، ڊيمي سائيز جي 152 صفحن تي مشتمل هن مجموعي جي بئڪ ٽائيٽ تي ادل سومرو لکي ٿو ”سجاد مهر، تخليقي ڪهڪشان جو نئون چمڪندڙ ستارو آهي. هن پنهنجي ڏات جي جيڪا به روشني ڦهلائي آهي. اُها هن جي سڃاڻپ آهي. هن دور جي نئين شاعري، جنهن رنگ رُوپ ۾ اسان جي سامهون اچي رهي آهي، انهي ۾ سجاد مهر جو به حصو آهي. سجاد مهر جي شاعري ۾ اهڙيون خوبيون موجود آهن، جيڪي هُن جي انفرادي سڃاڻپ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هُو هڪ سڄاڻ، وطن دوست، روشن خيال شاعر جي روپ ۾، فڪري محاذ تان، پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جي ڦهلاءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ ادب جي اوسر ۾ پنهنجي ڏات جو حصو شامل ڪري رهيو آهي“. جڏهن ته ساڳئي هنڌ هيٺ اياز گل لکي ٿو ”سجاد مهر تخليقي حوالي سان هڪ پُختو، سمجهدار ۽ محنتي شاعر آهي، جنهن جي احساساتي سَگهه به جاندار آهي. حقيقت ۾ اُهي گُڻَ ئي، سُٺي شاعري جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. ٻوليءَ، تَشبيهن، استعارن وغيره جو دُرست استعمال سجاد مهر جي شاعريءَ کي يقينن اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي رهيو آهي. هُنَ شاعري سان محنت ۽ مُحبت جو رستو رکيو ته، مڃتا هُن جي نالي جو حصو ضرور بڻبي“. ڪتاب جو خوبصورت ٽائيٽل اٿلائيندي نظر پوي ٿي آدرش جي هنن لفظن تي: ”سجاد مهر جو غزل پنهنجي انفراديت رکي ٿو. هن جي غزل ۾ وڇوڙي ۽ اداسيءَ جا رنگ گهاٽا آهن. جنهن جو سبب به شايد وڇوڙو آهي. هن جو وڇوڙو ته جسماني ته آهي پَر مَن مندر ۾ وڇوڙو ڪونهَ ٿيل اٿس“. تنهن کان پوءِ زبير سومرو لکي ٿو ”سجاد، جديد سنڌي شاعريءَ جي اُنهيءَ ساڳئي سفر جو مسافر آهي، جيڪو پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ نه رڳو غير روايتي، سنڌي شاعريءَ جي خوبصورت روايتن جو پاسدار به آهي“. زبير موجب ”شيخ اياز جي جنم ڀوميءَ شڪارپور کي هِن سلڇڻي ۽ سيبتي سرجڻهار تي ناز آهي“. جڏهن ته گوهر شيخ جي خيال ۾ ”سجاد، غزل جهڙي هيئتي صنف ۾ مواد ۽ گهاڙيٽي کي هم آهنگ ڪرائڻ ۾ هڪ ڪامياب شاعر هجڻ جو پختو ثبوت ڏنو آهي. سندس تخيلاتي احساسُ، شعور جي ڪسوٽي تان گذري، پوءِ لفظن جو لباس پائي، پاڻ کي ڪاڳر تي لاهي ٿو، جنهن ڪري سندس شاعري هڪ ڇرڪائيندڙ اظهار سان سامهون اچي ٿي“. رقص منهنجي روح جو“ جي مهاڳ ”بادلن جو حساب ڪير ڪري“ ۾ انور فگار هڪڙو لکيو آهي ته ”نوجوانن جي هڪ چڱي کيپ ۾ سجاد مهر به پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿو، جنهن کي سخن جي مشق ۾ اٽڪل پندرنهن سال ته ٿي چڪا آهن، پر ان عرصي ۾ ڪيل سندس تن جي تپسيا جي رد عمل ۾ چڱا خاصا غزل اظهار جو روپ اختيار ڪري هڪ مجموعي جي صورت وٺي بيٺا آهن، جنهن جو عنوان سندس شاعرانه انداز جو اظهار ته آهي ئي، پر ان تخليق جي محرڪات، اظهار، حسن، حيرت ۽ نتيجي جي نشاندهي به ڪري ٿو“. هڪڙو صاحب لکي ٿو ”سجاد جو غزل نه دقيق آهي نه ان جو ڪو لفظ ثقيل آهي. اهو نهايت آسان پيرايي ۾ عام فهم ۽ آسان پيو محسوس ٿئي. غزل ۾ ربط ۽ رواني هڪ طرف ان جي آهنگ ۾ دلڪشي وڌائي ٿي ته ٻي طرف آمد جو چٽو دليل پيش ڪري ٿو“. هڪڙو صاحب موجب ”سجاد جي غزل تي سماجي صورتحال جا تاثرات به محسوس ٿين ٿا ۽ سماج ۾ مستعمل محاورن جو استعمال ڪري، پنهنجي ادراڪ ۽ احساس جي ترجماني ڪري ڪامياب اظهار جو ثبوت به ڏئي ٿو“. اڳتي لکي ٿو ”سجاد جي غزل جو روپ ۽ رنگ ڏسي چئي سگهجي ٿو ته هو انهن شاعرن جي قطار ۾ چٽو نظر ايندو، جن غزل جي مزاج کي سنڌيت سان رنگي ڇڏيو. انهن ۾ شيخ اياز، وفا ناٿن شاهي، اسحاق سميجو، علي دوست عاجز ۽ ڪي ٻيا به نوجوان آهن، ان سٿ ۾ سائين راشد مورائي جو پورهيو به پڌرو آهي. غزل ۾ عڪسيت قائم ڪرڻ ڏکيو ته آهي، پر هن نوجوان جي غزل ۾ اهو گڻ به موجود آهي“. انور صاحب اها به شاهدي ڏي ٿو ته ”سجاد به پنهنجي ورثي جي ورثي جي ڀرپور ساڃاهه رکي ٿو ۽ ان جي تجلي سندس تخليق ۾ به پسي سگهجي ٿي. ربط ۽ تغزل توڙي خيال ۽ پرواز ۾ پختي هجڻ سان گڏ هر غزل جو هر بند ايترو دلڪش آهي، جو ڄڻ بيت الغزل هجي، سندس سخن جي مشق ۽ فنِ شاعري جي سکيا کيس سنڌ جي وڏن شاعرن جي ساٿ جو ساٿي ضرور بڻائيندي“. مهاڳ کان پوءِ ”غزل جي ماٿريءَ ۾ نوان پڙاڏا!“ عنوان سان ضياءَ شاهه لکي ٿو ”نئين ٽهيءَ جي شاعر سجاد مهر وٽ پڻ غزليه شاعريءَ ڪرڻ وارو مزاج هڪيو تڪيو آهي. هو جڏهن غزل لکڻ لاءَ قلم کڻي ٿو ته سندس قلم جي نب ۾ ڄڻ ته ”ڪن فيڪون“ واري سگهه پيدا ٿي پوي ٿي، ۽ لفظ سندس آڏو ڇيريون ٻڌي نچن ٿا... سجاد مهر جا غزل پڙهي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ سرنهن جي ڦلاريل کيت ۾ ڪو عاشق نامدار هجر جون سَٽون سَهي سَهي رُنو هُجي، ۽ هُن بنسري تي ڪا درديلي تانَ ڇيڙي هُجي... سجاد جي غزلن ۾ اهڙا کوڙ سارا شعر ملن ٿا جيڪي هجر جي حالت ۾ گذاريل راتين جي ياد ڏيارين ٿا“. ڪُنب جي نوجوان شاعر منير پنهيار جي راءِ به ”سونهن، سچ ۽ سادگيءَ جو شاعر“ جي سري سان مجموعي ۾ شامل آهي. هڪ هنڌ لکي ٿو ته ”ادبي کيتر ۾ کوڙا اهڙا ڪوي آهن، جيڪي پنهنجي شاعراڻين صلاحيتن جي بل بوتي آڌار ٿوري ئي عرصي ۾ پاڻ مڃائي وٺندا آهن اهڙن ئي ڀاڳوند شاعرن ۾ هڪڙو نرالو نانءُ ”سجاد مهر“ جو پڻ آهي“. هڪ هنڌ لکي ٿو ”ائين به ناهي ته اها مڃتا کين ”پڇ ٻڌي مهري“ ڪرڻ واري چوڻي جيان ملي آهي پر يقينن اهڙي مڃتا ماڻڻ لاءِ نيڻن نور نچوئڻ درڪار هُجي ٿو. ۽ اُٺ ڪتابن جا اُٿلائڻا ۽ پڙهڻا پون ٿا، جيڪي سجاد مهر به اَوس پڙهيا آهن جِن هِن جي ڪلا کي جَلا بخشي آهي“. شاهدي ڏيندي لکي ٿو ”سجاد مهر به مسلسل لکندو رهيو آهي، ۽ اڄ سندس قلمي پورهيو ”رقص منهنجي روح جو“ اوهان ۽ اسان جي هٿن ۾ آهي“ ۽ سندس راءِ موجب ”سجاد مهر جو پنهنجو مخصوص انداز آهي هُو لکڻ لاءِ جڏهن به قلم کڻي ٿو ته سندس قلم جي نوڪ مان غزل جي صورت ۾ جهڙوڪ رنگين گلدستا جڙي پون ٿام جيڪي سندس شاعراڻي جهان کي حُسناڪيون ارپي وڃن ٿا... سندس غزل فني اعتبار کان تمام پختا ۽ جاندار آهن سندس اظهار بيان بنهه سادو ۽ سليس آهي جيڪو پڙهندڙ جي دل جي پاتال تائين پهچڻ جي سگهه رکي ٿو... سندس شاعري پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته سونهن، سَچَ، سادگيءَ ۽ جدت جو حَسين ڪو سنگم آهي، جيڪو رَوح جي تار کي ڏاڍو بي ساختگيءَ سان ڇُهي ٿو“. ”شاعر پاران“ ”انگوريل احساس!“ عنوان سان سجاد مهر اعتراف ڪري ٿو ته ”ادل سومرو ۽ اياز گل منهنجي خيالن تي حاوي رهيا آهن. ٻين لفظن ۾ ته انهن ٻنهي محترم شخصيتن کان گهڻو متاثر هُجڻ ڪري منهنجن خيالن مان انهن جي خوشبو اڪثر ايندي رهي آهي. ادبي گڏجاڻين ۾ به دوست انهن ٻنهي محترم هستين سان مُشابهت ڏيندا رهيا آهن. پر سچ ته اهو آهي جو مان انهن جي پاڇي تائين به ناهيان پهتو. مون ٻين صنفن تي به طبغ آزمائي ڪئي آهي پر منهنجو غزل طرف ڌيان گهڻو رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي هن ڪتاب ”رقص منهنجي روحَ جو“ ۾ سمورا غزل ڏنا آهن. ڪيترو ڪامياب ٿيو آهيان اهو اوهان جي راين مان معلوم ٿيڻو آهي“. سجاد هي به اقرار ڪيو آهي ته ”عجب شيخ ته عروض جي حوالي سان منهنجي اوسر ڪري ڄَڻ ته مون ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي“. مجموعي جي آخر ۾ چوان يا بئڪ ٽائيٽل جو اندريون حصو، جنهن تي لاڙڪاڻي جي شاعر عجب شيخ جا تاثرات ڪجهه هن ريت لکيل آهن ”سجاد مهر نثر توڙي نظم ۾ پنهنجو هڪ الڳ، منفرد مقام رکي ٿو.... شاعرن جي مقبوليت جو سبب سندن ڪا هڪڙي تخليق بڻبي آهي پر مان سمجهان ٿو ته اسان جي هن سماجهڙي شاعر ”سجاد مهر“ جي شاعري ۾ اهڙيءَ شڪتي آهي جو سندس سٽن کي صدين جي دائميت بخشي سگهي ٿي... سجاد جي هن شعري مجموعي ۾ اهڙا ڪيئي غزل آهن جن جو صرف هڪ اڌ شعر نه پر پورا غزل ڀرپور ۽ سگهارا آهن. مان پوري ويساهه سان چوان ٿو ته ڪتاب ”رقص منهنجي روح جو“ پڙهندڙن وٽ پنهنجي مڃتا ضرورماڻيندو. ۽ سنڌي ادب ۾ خوبصورت واڌارو ثابت ٿيندو“. سجاد مهر سان منهنجي روبرو ملاقات نه سهي، موبائيل تي اسان جون ڪچهريون ۽ بحث اسان تائين محدود ڀلي هجن، پر سوشل ميڊيا جي ”فيس بوڪ“ ذريعي، وقت به وقت سجاد جي شاعري پوسٽ ٿيندي رهي آهي. منهنجا بي ريا رايا ان تي موجود آهن. منهنجو خيال آهي، منهنجي مرضي آهي، منهنجي صلاح آهي ته شاعري ۾ دلچسپي رکندڙ ”رقص منهنجي روح جو“ پڙهن ۽ پنهنجي راءِ کان شاعر سميت مون کي ۽ جنهن جنهن کي به سجاد جي شاعري وڻي ٿي، يا نه ٿي وڻي، ان تائين به پهچائين. مهرباني. (هفتيوار ادبي صفحو ”تخليقڪار“، ترتيب: واحد پارس هيسباڻي، روزاني عبرت، آچر 09 نومبر 2014ع)