• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوسڙو ڊاڪٽر ـ گوسڙو ماستر

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مسٽر عنايت الله ورلڊ سننڌي ڪانگريس ۾ پوسٽنگ ذريعي انڪشاف ڪيو آهي ته ماهوار افيئر ميگزين جي ايڊيٽر ڊاڪٽر علي احمد رند، سنڌي ٽي وي تي انٽرويو دوران گوسڙو ماسترن خلاف هلندڙ مهم تي تنقيد ڪئي آهي جڏهن ته مسٽر عنايت الله انڪشاف ڪيو آهي ته ڊاڪٽر علي احمد رند پاڻ به گوسڙو ڊاڪٽر رهيو آهي ـ
مسٽر عنايت الله اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته ماهوار افيئر جو انچارج ايڊيٽر همسفر گاڏهي به گوسڙو ٽيچر رهيو آهي ـ

سنڌ جو درد رکندڙ دوست ان تي تبصرو ڪن ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
اسان جا سنڌي ٽي وي چينلن ۽ اخبارون جا مالڪ، جيڪي سنڌ ۽ سنڌين جي دک درد ۾ ڳري ڪنڊا ٿي ويا آهن ۽ سندن ننڊون حرام آهن، تن جا چينل ۽ اخبارون گوسڙو ماسترن يعني قومي غدارن جون پناهه گاهون بڻيل آهن ـ هڪ سنڌي ٽي وي چينل جي مالڪ سان اهو بيان منسوب ڪيو ويو آهي آهي ته اسان انهن (گوسڙو ماسترن) کان پورو ڪم وٺون ٿا پر جيڪڏهن سرڪار جو ڪم نه ٿا ڪن ته پوءِ سرڪار انهن خلاف ڪارروائي ڪري (ٻين لفظن ۾ اسين ڇو ڪريون؟) ـ

مون کي اهڙو موقف ٻُڌي، انهيءَ سنڌي ٽي وي چينل جي مالڪ تي کل آئي ـ انهيءَ کي چئبو آهي ته هڪ چوري ۽ ٻي سينا زوري ـ جيڪڏهن اهو موقف کڻي مڃجي ته ٽي وي چينل وارا حڪومت جي نااهليءَ ۾ ڪا مداخلت نه ٿا ڪرڻ چاهين ته پوءِ ٽي وي چينلن ۽ سندن اخبارون کي ڪهڙو حق آهي ته هو حڪومت جي مختلف کاتن ۾ ٿيندڙ بدعنوانين ۽ گھوٻين ۾ مداخلت ڪن؟ جيتوڻيڪ مان انهيءَ موقف جو آهيان ته قومي چورن تي، ڪنهن به صورت مٿي تي هٿ نه ڦيرڻ گھرجي، چاهي اهي ڪهڙي به اداري ۾ ڇو نه ڪم ڪن ـ

ڪالمسٽ سهيل صحافيءَ کي کپي ته هو ڪي ٽي اين، ڪاوش ۽ ٻين سنڌي چينلن ۽ اخبارون ۾ ڪم ڪندڙ گوسڙو ماستر صحافين تي ڪالم لکي، پوءِ اهو مٿس ڇڏيل آهي ته هو ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش وارن سان ذاتي دوستيون ۽ وفاداريون نڀائي يا سنڌ ڌرتيءَ جو فرض ادا ڪري ماستر صحافين کي ٽڪيٽون وٺرائڻ لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون ڪري
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ان تي ڇا تبصرو ڪيون .... اهي جيڪي ميڊيا ۾ ويهي سياستدانن جا ڪپڙا لاهيندا آهن سي پاڻ ئي اگهڙا ثابت ٿيا آهن ته اهي سنڌ سان ڪيڏو درد رکن ٿا.
 
Akser parents chavenda ahin te olad khe job thadhe chhaon men mile te behter thay per afsos insan khe lalch sokh aen taklef je parkh khtm the choki ahe kehro lachar pyio ahe jo government je sothi pay hik trf kre bay pase reporters je job jehen men rogo dhika milnda ahin un men khusg ahin.. halat ahe asan je manhen ji soch te
 
Back
Top