سراهي منهنجي تيار ٿيل صنف سراهي ........................................ دوستو مون ميلي ۾ حسن بازار ۾ ڪنهن دڪان جي سودي جيئان وڪامندي ڏٺم مان اتي جو ڪجھ به ڏٺو منهنجا به ڇا جزبات ها اوهان جي اڳيان رکان ٿو وڪامندي عشق بازار ۾ هائي ڏٺم اولاري اکيون هو ته ماري پئي ڪجلي اکڙين سان جام پياري پئي عقل حوش مان به وڃائي ڏٺم وڏا معوتبر به هتي ٿا رلن پيا اکين سان مان پنهنجي ڦرندي ڏٺا پنهنجي پاڻ کي مان ڦرائي ڏٺم وڏي چال جو هتي ڪو خمار هو صرف دوکو ئي دوکو نه پيار هو وڇيل حسينن جو وڏو ڄار هو هيلا ڪوڙ مان به هلائي ڏٺم نگاه ناز ڪنهنجي جا جلالي هئا کيسا عاشقن جا به خالي ٿيا جلوي جادوگري تي ڪيئي مٺآ مست مدهوش هتي ها سڀ ڪٺآ ڪنڌ ڪاتي سان مان به ڪپائي ڏٺم گل جھڙين جو رقس به عجيب هو طاقت ڪنهن ۾ نه وڃي ڪريب ڪو ويهڻ ڏوه هتي هو ڪنهن غريب جو حسن جي هجوم ۾ اکڙيون اڇلائي ڏٺم هو نظر ناز جي بيوس چڍڙ ڏي کڻي ڄڻ تکا تير جيري اندر ٿي هڻي هن نارنين سان مان به ڳالهائي ڏٺم