ايشيا جو وڏي ۾ وڏو روهڙي ڪيئنال ۽ ريلوي سسٽم کي تباه ڪرڻ جا ذميوار ڪير ؟ سنڌ جي انجنيئر جي نا اهلي ۽ ڪرپشن هن روهڙيء جي لائينگ ۽ پچنگ مان اندازو هڻي سگھجي ٿو ته هو مهراڻ يونيورسٽيء ۾ جيئي سنڌ ترقي پسند اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو تمام بهترين ڪارڪن هيو ، جيڪو آزادي وٺڻ پيو چاهي انهيء سنڌ جي جنهن جي ڪئينال اڄ 21 صديء ۾ ڪمزور ۽ ڪچا هئڻ سان گڏ ڪمزور ترين آهن ، جنهن جا صدين جون شاهديون ڏيندڙ ٽالهين جا خوبصورت ڇانورا ڏيندڙ وڻ ڪرٽ ڪري ڇڏيو . ريلوي جون پٽڙيون ته لاهور جي اسٽيل ملز ۾ ڳري سڙي ” مغل دي ٽيئر تي گاڊر “ اچي اسان جي حويلين جي ڇتين تي لڳي ويا سنڌ جي نالائق وڏيري سياستدان حاڪم کان اهو نه ٿيو جو اهي ڪجھ سو ڪلوميٽر ريلوي سسٽم سنڌ حڪومت سنڀالي ها ، چاهي اها ان کي چين يا ٻئي ملڪ کان مدد وٺي ڇو نه هلائڻ گھرجي ها ڇا نواز شريف جي پهرين دور ۾ بند ڪيل هيء ريلوي ٽريڪ ، سنڌ جي حڪومت يا وفاق جي حڪومت گڏجي هنن کي هلائڻ لاء ڪجھ بندوبست ڪنديون ؟؟؟؟