ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت فورم جا دوستو السلام عليڪم
دوستو جيئن ته مان توهان کي اڄ ڪنهن به ٿريڊ جي رپورٽ ڪرڻ بابت ڄاڻ ڏيندس سڀ کان پهريائين ته مان اوهان کي اهو ٻڌائيندو هلان ته رپورٽ ڪبي ڇو آهي ؟ رپورٽ ان سبب جي ڪري ڪبي آهي ته فورم تي ڪو اهڙو ٿريڊ پوسٽ ڪيل آهي جنهن سان ڪنهن سان دل آزاري ٿئي يا ان ٿريڊ ۾ ڪو غلط مواد شامل هجي ته توهان ان جي رپورٽ ڪري سگهو ٿا توهان جي رپورٽ ڪرڻ سان انتظاميه جي سڀني رڪنن کي هڪ آٽوميٽڪ اي ميل پهچي ويندي آهي ان کان پو۽ ان تي سنڌ سلامت فورم انتظاميه ڪو ايڪشن کڻي سگهي ٿئي جيڪڏهن ٿريڊ غلط قسم جو هوندو ته انتظاميه ان ميمبر کي ، وارننگ ، بين به ڪري سگهي ٿئي.
سنڌ سلامت فورم جا دوستو اچو ته رپورٽ ڪرڻ سکون
ان لا۽ توهان کي جنهن ٿريڊ جي رپورٽ ڪرڻي آهي ان جي کاٻي پاسي کان هڪ بٽن هوندو آهي ان تي ڪلڪ ڪرڻو آهي

ان بٽن تي ڪلڪ ڪرڻ سان وري هي اسڪرين توهان جي سامهون اچي ويندو

ان پيج ۾ توهان رپورٽ جو سبب لکي ڪري رپورٽ ڪريو جي بٽن تي ڪلڪ ڪري ڇڏيو .
اهڙي نموني توهان ڪاميابي سان رپورٽ ڪري سگهو ٿا .