ڪهڙا ماڻهو ! تنهنجا ماڻهو ! (ثاقب ابڙو) لڳي ٿو ته تو دعائن سان گڏ هاڻي بد دعائون اَگھائڻ به ڇڏي ڏنيون آهن. مالڪ سائين ! هي مصيبتن جا ماريل محڪوم ماڻهو هاڻي تنهنجي نظرِڪرم لاءِ تو کان پنهنجي آسودگيءَ لاءِ دعائون گُھرڻ بدران ظالم ۽ جُڙتوُ حڪمرانن مٿان ڏمر ۽ غضب جا سُوالي آهن. تو هنن ماڻهن کي جتي به، جيئن به ۽ جيترو به عطا ڪيو آهي؛ تنهن تي شُڪر ڪن ٿا پر ناخدائن جي رَسِي ايتري ڍري آهي جو هاڻي صبر هارائي ويٺا آهن، داڻي داڻي جا محتاج ٿي پيا آهن. جڳَ جا ڌڻي ! موڪِل کڻي، ڪو اهڙو حڪمران جيڪو اٻوجهن جي ڏکن زخمن تي پَها رکي ... ربَ ! بنائي سبَبَ ، ته مِسڪينن جي بُک ، بدحالي ۽ غربت تي بيان بازي ڪرڻ وارا باز اچي وڃن ۽ ڳِجهون بڻجي پنهنجو پرايو هڙپ ڪرڻ وارن جو حساب ڪتاب جو محشر هتي ئي بپا ڪر. سائين ! هي ماڻهو آهن ته ماڻهپو ڪٿي اٿن ؟ تنهنجي تخليق انسان هئي جيڪي هاڻي ماڻهو سڏجن ٿا هنن ماڻهن ۾ انسان ڪهڙا آهن !؟ نه ٿي خبر پوي !!!! ڇو جو ؛ ”... ... هڪڙا ماڻهو ننڍڙا ماڻهو هڪڙا ماڻهو وڏڙا ماڻهو ڪهڙا ماڻهو تنهنجا ماڻهو پنهنجن تي نشان هڻي وڃ مون کان هڪڙي ڳالهه پڇي وڃ منهنجي هڪڙي ڳالهه ٻڌي وڃ اي خدا... ..."