سَسُئِي آبِرِي مُنڌَ مَ مَنَهَنِ وَيهُه، اُڀي اَوسِرُ اُسَ ۾

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏13 نومبر 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    مُنڌَ مَ مَنَهَنِ وَيهُه، اُڀي اَوسِرُ اُسَ ۾
    تَو سَيِئي سَيڻَ ڪَيَا، ڏُورِ جَنين جَو ڏَيهُه
    پَاڙَي پَاڙَي پَيهُه، وَتُ پُڇَندِي پِرِينءَ کَي


    سُرُ سَسُئي آبري

    مَنَهَن = ڪکاون گهرن - پر هتي مطلب ٿيندو ڇانوَ، ڇانورَو
    اُڀي = هل، لوچ، جاڳ، لوڙ، ولوڙ، غفلت ڇڏ
    اَوسرُ = اڳتي وڌندي هل، ڪاهيندي هل
    سَيڻَ = دوست، محبوب، مٽ مائٽ، عزيز، پنهنجا ويجها
    پَيهُه = رُلُ، جاکوڙ، جدوجهد، ڳولا، تلاش

    بيت جو پس منظر

    ~ او سسئي ڇانوَ ڏسي ويهي نه رهه پر اُٿي. ڪاڙهي، گرمي، اُسَ ۽ تتل ڏينهن کان گهٻراءِ نه. پنهونءَ جي ڳولا ۽ تلاش جو ڪم جاري رک.

    ~ تو سڱ ۽ دوستي ئي اهڙن ماڻهن سان ڪئي، جيڪي هتان تمام گهڻو پري آهن.

    ~ شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، وستي وستي، واهڻ واهڻ ۽ پاڙي پاڙي وَتُ پنهونءَ جون پڇائون ڪندي.

    سمجهاڻي

    ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي هدايت ٿو ڪري ته سُک، سڪون، آرام ۽ آسائشون نه طلبيو. پنهنجي محبوب ۽ منزلن جي تلاش، ڳولا ۽ جدوجهد جاري رکو. حالتون ڀلي ڪهڙيون به هجن ماٺ ڪري خاموشي اختيار ڪرڻ اوهان کي نٿو جڳائي. توهان جو محبوب ۽ منزلون ته اوهان کان ڪوهين ڏور آهن. هار مڃي هاڻي ئي ويهي رهيا آهيو.
    اٿو لوڙيو، لوچو، سوچيو، ويچاريو، غور ڪيو. ڪي نيون حڪمت عمليون ۽ رٿابنديون جوڙيو. اڻ ٿڪ محنت، ولوڙ ۽ مسلسل جدوجهد سان ئي ڪاميابيون پلئهپونديون آهن.

    _____
    چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 نومبر 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    Thanks for sharing.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    بيت ۾ لکيل لفظ" مَنَهَنِ" ٻيو لفظ "مَنَهَن" آهي جنهن جي معنى ڪکاون گهر - پر هتي مطلب ٿيندو ڇانوَ، ڇانورَو
    اُڀي = هل، لوچ، جاڳ، لوڙ، ولوڙ، غفلت ڇڏ.........
    سهي ڪهڙو لفظ آهي
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏23 نومبر 2015

هن صفحي کي مشهور ڪريو