• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

روهيت شرما ون ڊي ميچ ۾ 264 رنسون ٺاهي نئون عالمي رڪارڊ ٺاهي ورتو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10394474_735691453133296_2171236063128724566_n.jpg

اڄ ڪلڪتي ۾ ڀارتي رانديگر روهيت شرما سريلنڪا خلاف ون ڊي ميچ ۾ 264 رنسون ٺاهي نئون عالمي رڪارڊ ٺاهي ورتو آهي . صرف 173 بالن تي 9 ڇڪن ۽ 33 چونڪن جي مدد سان هن اهو اسڪور ٺاهيو. روهيت شرما اوپننگ لاء آيو هو ۽ آخري بال تي 264 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڀارت 50 اوورن ۾ 404 رنسون اسڪور ڪيون.

ياد رهي ته ان کان اڳ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ ڀارتي رانديگر وريندر سهواگ جو هيو، جنهن 149 بالن تي 219 رنسون ڪيون هيون. روهيت شرما ان کان اڳ به نومبر 2013ع ۾ بينگلور ۾ صرف 158 بالن تي 209 رنسون ٺاهي چڪو آهي. هن وقت تائين ون ڊي ۾ 4 ڊبل سينچريون ٺهيون آهن جيڪي ڀارتي رانديگرن روهيت شرما. وريندر سهواگ ۽ سچن ٽنڊلڪر ڀارتي ميدانن تي ئي ٺاهيون آهن.

مڪمل رڪارڊ ڏسڻ لاء هن لنڪ تي ٺڙڪ ڪيو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top