راهه مسافر يار سان - نيڻ منهنجا ڪيئن لڳا؟ پٽ پٽيهر بافته، ڪين پائيندس ويس وڳا ساهي ساهي ساهه منهنجي کي، سڪ جا وِڌوَ سڳا لالئون لال لطيف چئي، ڀوءَ مڙوئي ڀڳا ___________
موٽِي مانڊاڻِ جِي، واري ڪَيائِين وارَ؛ وِڄُون وَسَڻ آئِيُون، چَؤڏِس ۽ چَوڌارِ، ڪي اُٿِي ويئِيُون اِسِتَنبولَ ڏي، ڪي مَڻِـيُون مَغرَبَ پارَ؛ ڪي چِمِڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَهَنِ سَمَرِقَندِيُنِ سارَ؛ ڪي رَمِي ويئِيُون رومَ تي، ڪي ڪابُلَ، ڪي قَنڌارَ؛ ڪي دَھلِيءَ، ڪي دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرِنارَ؛ ڪَنھِين جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏنا بيڪانِير بَڪارَ؛ ڪَنھِين ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنھِين ڍَٽَ مَٿي ڍارَ؛ ڪَنھِين اَچي اَمرَ ڪوٽَ تان، وَسايا وَلھارَ؛ سانئِيَمِ! سَدائِين ڪَرِين، مَٿي سِنڌُ سُڪارَ؛ دوسَ! مِٺا دِلدارَ، عالَمُ سَڀِ آبادِ ڪَرِين.