ڪارو ڏُڪار

دين محمد مھر

سينيئر رڪن
“جنت ۽ دوزخ“

پڇيو مانس تہ جنت ڇا کي چوندا آھن ؟
وراڻيائين ؛ ابا چون ٿا جنت ۾ ڏڪار ڪو نہ ايندو آھي ، اتي سڀ ڪنهن کي ڍوَ تي ماني ملندي آھي ، پاڻي ڀرڻ لاءِ ٽاڪ منجهند جو پري پري تائين ڪونهي وڃڻو پوندو !

وري پڇيو مانس ،
ڀلا دوزخ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌاءِ ؟
اکين ۾ لڙڪ تري آيس ، ڳلو خشڪ ٿي پيس ، لفظ ٻير جي ڍنگهريءَ وانگر نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس ، سڪرات جهڙي ڪيفيت تاري ٿي پيس ، ٿر جي واريءَ ڏانهن اشارو ڪندي آخري لفظ چيائين “ ڪارو ڏڪار
 
Back
Top