ٿر ۾ وڌيڪ چئن مائرن جون جهوليون خالي، امدادي چيڪ ڪيش نه ٿيا، زڪوات جيالن حوالي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ رضوان ساند طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2014۔

  1. رضوان ساند

    رضوان ساند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2013
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    رانا انٽرپرائزز
    ماڳ:
    اصل: عمر ڪوٽ _ ويٺل : ڪراچي
    ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو نه آيو، وڌيڪ 4 جيجلن جون جهوليون خالي ٿي ويون. زڪوات ۽ عشر به ورهائجي نه سگهي، جڏهن ته حڪومت جا ڏنل معاوضي وارا چيڪ سنڌ بينڪ به ڪيش ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ٿر جي ڏڪار متاثر مختلف علائقن ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن. ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ لکياڙو ۾ 5 مهينن جو غلام محمد پٽ راهب نهڙيو ۽ ڇاڇري جي شانگي اسپتال ۾ 7 ڏينهن جي ٻارڙي لڇمي ڌي گلاب ڀيل موت جو کاڄ بڻجي ويئي. هوڏانهن حڪومتي دعوائن باوجود ٿر جي ٻهراڙي ۾ ڊاڪٽرن جون موبائيل گشتي ٽيمون پهچي نه سگهيون آهن. مٺي اسپتال ۾ ڳوٺ مالڻهور جو تازو ڄاول ٻارڙو فوت ٿي ويو ۽ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ جيتراڙ ۾ 8 ورهين جو ستار ولد يونس فوت ٿي ويو، جنهن بعد فوتي ٻارڙن جو انگ 68 ٿي ويو. سنڌ حڪومت پاران ڏڪار متاثر فوتي ٻارڙن جي وارثن کي جاري ڪيل معاوضي وارا چيڪ مٺي سميت ضلعي جي مختلف شهرن ۾ قائم سنڌ بئنڪ جي عملي پاس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري فوتي ٻارڙن جا وارث دربدر ۽ پريشان ٿي ويا آهن. هوڏانهن اهڙي اطلاع بعد ڊي سي ٿرپارڪر آصف جميل معاملي جو نوٽيس وٺندي سنڌ بئنڪ جي مئنيجر کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڊي سي آصف جميل چيو ته سنڌ حڪومت پاران فوتي ٻارڙن جي وارثن کي ڏنل چيڪن واري رقم سنڌ بينڪ کي جاري ڪري ڇڏي آهي. ان باوجود سنڌ بئنڪ وارن متاثرن کي تنگ ڪيو ته سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته معاملي جي جاچ ڪرائينداسين ۽ ڏوهه ثابت ٿيو ته عملي کي معاف نه ڪبو. هوڏانهن متاثر ٻارڙن جي وارثن بينڪ عملي پاران چيڪ پاس ڪرڻ کان کين کتو جواب ملڻ بعد صحافين آڏو احتجاج ڪيو ۽ چيو ته بينڪ عملي چيڪ پاس ڪرڻ کان ۽ اڪائونٽ کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ٿرپارڪر ضلعي جي 44 يونين ڪائونسلن جي ڏڪار متاثرن لاءِ سنڌ حڪومت جي عشر زڪوات کاتي سنڌ پاران سهائتا لاءِ رليف پئڪيج طور منظور ڪيل 5 ڪروڙ رپين جي رقم جي ورهاست ٿي نه سگهي آهي. عشر زڪوات کاتي پاران في ڏڪار متاثر بي پهچ ۽ غربت جي زندگي گذاريندڙ ٿرين لاءِ 5 هزار رپين جي حساب سان ورهاست ڪرڻي هئي، پر انهي رقم کان اڃا تائين ڏيپلو، ننگرپارڪر ۽ مٺي تعلقن جا ڏڪار متاثر اڃا تائين محروم بڻيل آهن، جڏهن ته ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ڇاڇرو تعلقي جي 40 ديهن ۾ رقم جي ورهاست ڪئي ويئي آهي، جيڪو تعلقو صوبائي وزير دوست علي راهمون جو آهي، جيڪو صاحب عشر زڪوات جو وزير آهي. اعتبار جوڳن ذريعن موجب تعلقي ڇاڇرو جي ديهن ۾ ضلعي چيئرمين سياسي مداخلت سبب 5 هزار رپيا جا چيڪ اصل حقدارن بجاءِ من پسند ماڻهن کي ڏنا آهن. ضلعي چيئرمين شهمير سميجو جي آفيس مان بار بار صحافين تفصيل وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر ضلعي چيئرمين شهمير سميجو صوبائي وزير دوست علي راهمون جي پٺڀرائي هجڻ ڪري تفصيل ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن ذريعن موجب ضلعي جي 166 ديهن تي پراڻن چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن کي هٽائي جيالن کي ڄاڻايل عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو