آسو جي تعليمي جاکوڙ حڪومتي بااثر ۽ مفت خور اين جي اوز کي ڏکي لڳي، ڌمڪيون

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ رضوان ساند طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2014۔

  1. رضوان ساند

    رضوان ساند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2013
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    رانا انٽرپرائزز
    ماڳ:
    اصل: عمر ڪوٽ _ ويٺل : ڪراچي
    عمر ڪوٽ ۽ ٿر کي حڪومتي سطح تي سهولتون ته نه مليون، پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻارن کي پڙهائيندڙ معذور نياڻي کي به ڌمڪيون ملڻ شروع ٿي ويون. ڪنري لڳ ڳوٺ ميڻان جي ڍاڻي ۾ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ معذور ناري آسو ٻائي ڪولهڻ طرفان سندس اسڪول تي هڪ اين جي او وارن طرفان پنهنجي نالي جو بورڊ لڳائڻ بعد ڳوٺاڻن ۽ آسو ٻائي طرفان بورڊ ڪڍي لاهي ڇڏڻ بعد نام نهاد اين جي اوز جا حامي ماڻهو آسوٻائي جا دشمن بڻجي ويا، کيس روبرو ۽ موبائيل فون تي سخت نتيجا ڀوڳڻ ۽ پنهنجي مدد پاڻ تحت هلائيندڙ اسڪول به بند ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن بعد غريب هاري ڪٽنب جي نياڻي آسوٻائي سخت خوف ۾ مبتلا ٿي ويئي اهي، کيس ڌمڪيون ملڻ بعد سينيٽر عاجز ڌامراهه، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ مخدوم عقيل الزمان ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ عبدالقيوم پتافي نوٽيس وٺندي آسو ٻائي سال رابطو ڪري تفصيلي ڄاڻ ورتي ۽ کيس مڪمل تحفظ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي. عاجز ڌامراهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نيڪ ارادن ۾ هميشه رڪاوٽون اينديون آهن پر آسو ٻائي کي گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي. هن جو ڪير ڪجهه به نٿو بگاڙي سگهي. مون ايس ايس پي عمر ڪوٽ کي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي، کيس تحفظ ڏنو ويندو. آسو ٻائي چيو ته مون هميشه اها خواهش ظاهر ڪئي هئي ته منهنجي اسڪول جو نالو منهنجي والد سرڳواسي ڪانڀو ڪولهي جي نالي سان منسوب ڪيووڃي، پر نام نهاد اين جي اوز وارن پنهنجي من ماني ڪري زوري بورڊ لڳائي پنهنجو نالو ڏنو، انهي تي سڀ ڳوٺ وارا به ڪاوڙجي پيا ۽ بورڊ لاهي ڇڏيو، ان بعد مون کي ڌمڪيون ملڻ جو سلسلو جاري ٿي ويو. گذريل ڏينهن جوابدارن منهنجي ڳوٺ اچي به ڌمڪيون ڏنيون، مون غريب کي تحفظ فراهم ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته مشن تان پوئتي نه هٽنديس. واضح رهي ته ڌمڪين ۾ ايم پي اي تيمور ٽالپر جا ماڻهو ملوث قرار ڏنا پيا وڃن.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو