• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سَسُئِي آبِرِي اُٿِيَو ۽ اُٿِيَاڪُ، ڪَالهَوڪَو ڪَاڏَي گَيَو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
7596_10204900255164361_322603593793412115_n.jpg


اُٿِيَو ۽ اُٿِيَاڪُ، ڪَالهَوڪَو ڪَاڏَي گَيَو
وَيَو جَاڳَائَي جَيڏِيُون، بِرِهُه، هِي بَيبَاڪُ
چُرُ ڦُرُ ڪَارِي چَاڪُ، سُورُ سُمَهَارَي ڪِينَ ڪِي


سُرُ سَسُئي آبري

اُٿيَو = جاڳيو _ درد، سور
اُٿيَاڪُ = جاڳيل، اٿيل – عشق
گَيَو = ڪاڏي ويو، ڪاڏي گم ٿي ويو، ڪاڏي هليو ويو
بِرهُه= نينهُن، عشق
بَيبَاڪُ = بي پرواهه، بي ڊپو، بي خوف
چُرُ ڦُرُ = آنڌ مانڌ، لُڇَ پُڇَ، ولوڙ، بيچيني، بيقراري، لڳت
چَاڪُ = وڍي وجهڻ، ڪپي وجهڻ، ڦٽيل، زخمي، وڍيل

بيت جو پس منظر

~ هي جنهن ڪالهه دل ۾ درد ۽ اندر ۾ عشق جاڳائيو هو سو ڪاڏي هليو ويو؟ ڪاڏي گم ٿي ويو؟ ڪاڏي وڃائجي ويو؟

~ هي عشق جيڪو ڪنهن جي به پرواهه ناهي ڪندو، ڪنهن کان ڊڄندو ناهي، سو ته اندر ۾ اڌما، سور ۽ درد ڏئي نيڻن کان ننڊ کسي ويو آهي.

~ هن عشق ته اندر اڌ ڪري ڇڏيو آهي. ڪپي ۽ وڍي ڇڏيو آهي. سو اهي زخم ۽ ڦٽ ته هاڻي سمهڻ ئي نٿا ڏين.

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ پنهونءَ جي وڇوڙي ۽ جدائيءَ کان پوءِ سسئيءَ جي سورن، دانهُن، دردن، اذيتن، اوسيئڙن ۽ اوجاڳن جو ذڪر ڪيو آهي. سسئي پئي چئي ته اڃان ڪلهه جي ڳالهه آهي جڏهن هن دل ۾ پنهونءَ جو پيار جاڳيو هو ۽ عشق آڙاهه ٻاريا ها. پنهون ته مون کي ماري، وڍي، ڪپي ويو پر هاڻي هي درد ۽ سور ته سمهڻ ئي نٿا ڏين.

هي عشق جنهن وٽ ايندو آهي تنهن کان سک، آرام ۽ چين ڦري وٺندو آهي. هن عشق ته ڪيئي گهر اجاڙي ڇڏيا، ڪيئي زندگيون تباهه ڪري ڇڏيون. ڪي ڪهاڙين ۽ بندوقن جو بک ٿيا، ڪي جيلن، کولين گولين جو بک ٿيا ۽ ڪن کي وري جيئري ئي جلائي ساڙي ماريو ويو پر عشق جي منزل اڃان اڳتي آهي.

سو اچو اسان به سوچون ته اسان جنهن محبوب ۽ منزل کي پنهنجو آدرش بڻايو هو، جيڪا commitment ڪئي هئي، واعدا ۽ وچن ڪيا هئاسين، ڪي خواب اڻيا هاسين ۽ انهن کي پسڻ جا سپنا ڏٺا هئاسين انهن کي ساڀيان ملي الائي نه...!!!؟

_____
چونڊ، تحقيق ۽ تشريح محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top