چانڊوڪي
سينيئر رڪن
ذات برادرين جا جوڙيل ڪوڙا ڪوٽ قلعا!
توهان ڪڏهن ڪنهن چڱي ڀلي ماڻهوءَ کي اهو چوندي ٻڌو ته، ”فلاڻو خان اسانجو قومي سردار آهي“، ته اوهانجي اندر کي باهه لڳندي يا نه؟؟ جي نٿي لڳي ته پوءِ اوهان پڪ سان قوم جي معنيٰ ۽ مفهوم کان به اڻ واقف آهيو. جي توهان کي قوم جي وصف ئي نٿي اچي، ته پوءِ اهو پِٽڪو نه ڪريو. جيڪي ڪجهه توهان سان ٿئي پيو، اوهين انهيءَ کان به وڌيڪ جا حقدار آهيو. منڌرا، چانڊيا، ڪنڀار، ابڙا، سولنگي ۽ قاضي جيڪڏهن قوم آهن، ته پوءِ سنڌي، پنجابي ۽ پٺاڻ ڇا آهن؟؟ مڱڻهار، سما، سومرا ۽ ٻيا سنڌي جيڪڏهن ذات برادريءَ بجاءِ قوم هجن، انهن جا قومي سردار به هجن ۽ باقائده سندن تنظيمون به هجن ته پوءِ سنڌي قوم جي جدا سڃاڻپ هجي ته ڇو هجي؟؟ قوم جي وصف ته اها آهي ته، ”جنهن وٽ پنهنجي زبان، ڌرتي ۽ تهذيب هجي، اها آهي قوم“، هاڻي انهيءَ وصف تحت پنهنجي جوڙيل هن ڪوڙي قومي ڪاڪ محل کي پرکي ڏسو! هڪڙيءَ ذات جا ماڻهو ته سڀني صوبن ۽ ملڪن ۾ رهن ٿا، هاڻي جيڪڏهن انهن کي قوم چئجي ته پوءِ سندن حساب سان انهن جا قومي مفاد ئي ٻيا هوندا. ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪئنال ۽ اين ايف سي ايوارڊ واري معاملي تي اهو ”قومي سردار ۽ ڀوتار“ ڀلا ڇو آواز اٿاري، جنهن جا ذات ڀائي هر هنڌ پکڙيل هجن؟ ۽ جي اهو وري پاڻ کي سنڌ جو قومي اڳواڻ سڏائي ته پوءِ کوڙو ڪٿي لڳندو؟؟ سردار جي تاجپوشيءَ واريءَ تقريب ۾ وري ميارون ڏبيون آهن سنڌي قوم کي ته اها متحده نه آهي، عجيب ٿو لڳي. قومن کي متحد ڪندا آهن ليڊر ۽ اسان وٽ وڏو بحران به ليڊرشپ جو آهي، ڇو ته ليڊرشپ لاءِ بنيادي شئي آهي قومي سڃاڻپ ۽ نظريو! اسانجي اڪثر ليڊرن جو گهڻو زور نظرئي بجاءِ تاجپوشين، پٽڪن ۽ جرڳن تي هوندو، ته پوءِ اخبارون ائين ئي برادرين جي جهيڙن ۽ قتل وارين خبرن سان ڀريل نه هونديون ته پوءِ وري ڪهڙا انهن ۾ گل چٽيل هوندا؟؟ ليڊرشپ جو بحران شروع ئي اتان ٿو ٿئي. سنڌ کي بچائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته قومي سردارن جي نالي ۾ ٺهيل اهي واريءَ جا ڪوٽ ڊاهجن. سنڌ کي جيترو نقصان سامراج ڏنو آهي، ان کان ٻيڻ تي انهن ذات برادريءَ جي بنياد تي جوڙيل تنظيمن ۽ انهن جي اڳواڻن نقصان ڏنو آهي. سنڌ کي سڀ کان پهرين انهن کان آزاديءَ ڏيارڻ جي ضرورت آهي.
امير منڌرو/بدين