• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گوسڙو ماستر !

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10295118_844624628922715_3094879974188794082_o.jpg


غزل

مظهر ابڙو

توکي سنڌ جو قسم گوسڙو ماستر،
ٿورڙو ڪرِ شرم گوسڙو ماستر!


ڪيتري تو تباهي ڪئي قوم جي،
ڪونه توکي رحم گوسڙو ماستر!

پنهنجي منصب ۽ عزت جو دنيا اندر،
ڪجهه ته رکُ تون ڀرم گوسڙو ماستر!

تنهنجا ٻچڙا به توکي پِٽيندا پيا،
ڏيندا توکي زخم گوسڙو ماستر!

ڪونه اسڪول وئين، پر پگهارون ورتئي،
ڪونه ٿيندئي هضم گوسڙو ماستر!

ڪو خدا جو قهر ڪڙڪندو تو مٿان،
کڻُ سنڀالي قدم گوسڙو ماستر!

هنج ڌرتي به توکي نه ڏيندي ڪڏهن،
ٿيندين آخر ڀسم گوسڙو ماستر!


(سوشل ميڊيا تي گوسڙو ماسترن خلاف هلندڙ مهم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 14 نومبر 2014ع تي لکيل غزل)
 
توهان صرف گوسڙو ماستر ڏٺا. پر جيڪي گوسڙو پوليس وارا ۽ تعيليم آفيسر آهن انهن جو ڇا ؟؟

ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ٽنڊي آدم ۾ اهڙا به اسڪول آهن جن ۾ استاد گھڻا شاگرد گھٽ. تقريبن 10 کان 15 استاد ۽ شاگرد وڌ ۾ وڌ 50 . هاڻي ٻڌايو ته تعليم جو ٻيڙو ٻڏندو نه ته ترندو ؟ اها لاپرواهي ماسترن جي نه پر اعليٰ تعليمي آفيسرن ۽ اسڪول هيڊ ماستر جي آهي. الله ساڃاھ ڏين باقي ڪم لٿا پيا آهن.
 
10295118_844624628922715_3094879974188794082_o.jpg


غزل

مظهر ابڙو

توکي سنڌ جو قسم گوسڙو ماستر،
ٿورڙو ڪرِ شرم گوسڙو ماستر!


ڪيتري تو تباهي ڪئي قوم جي،
ڪونه توکي رحم گوسڙو ماستر!

پنهنجي منصب ۽ عزت جو دنيا اندر،
ڪجهه ته رکُ تون ڀرم گوسڙو ماستر!

تنهنجا ٻچڙا به توکي پِٽيندا پيا،
ڏيندا توکي زخم گوسڙو ماستر!

ڪونه اسڪول وئين، پر پگهارون ورتئي،
ڪونه ٿيندئي هضم گوسڙو ماستر!

ڪو خدا جو قهر ڪڙڪندو تو مٿان،
کڻُ سنڀالي قدم گوسڙو ماستر!

هنج ڌرتي به توکي نه ڏيندي ڪڏهن،
ٿيندين آخر ڀسم گوسڙو ماستر!


(سوشل ميڊيا تي گوسڙو ماسترن خلاف هلندڙ مهم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ 14 نومبر 2014ع تي لکيل غزل)
 
سائين تمام سٺو لکيل آهي الله ايمان ڏيندو گوسڙو ماستر کي اسان جي سنڌ جي تعليم سٺي ٿيندي انشاالله..
 
Back
Top