وعدو رهندو هر سچو ديس پنهنجي سنڌ سان جي هليو ويو جان جند سو به قربان سنڌ تان ، ويا ويري وڌي گهڻا ٿيا ديس منهنجي سنڌ جا ڪر دعا جيجل ڌرتي مٿا گهور ٿيان، آ سفر ڏوکيو مگر يار هلڻو به آ پير ٽانڊن تي رکهي منزل ڏانهن وڌڻو به آ هر دشمن ڌرتي جي شل موت ٿيان وک وڌا اڳتي وفا، ساڻ توسان سنڌ آ جئي سنڌ جا نعرا سليم رند هڻندو آ اڄ آزدي جو علان آ شل ديس تي قربان ٿيان، شاعري وفا سليم رند
سهنــــدو كيـــر ميـــار، او يـار! سندريءَ تي سر كير نه ذيندو جيجل تي سر كير نه ديندو!!! نيت ته هندي، ڪيسين رهندي، دوکـــــي جــــــي ديـــــوار، او يــــــار! سندريءَ تي ســـر كير نه ديندو! گها کڻي گهڙنديون، سَوَ سهڻيون، مرنــــــدا سَـــــوَ ميهـــــار، او يــــــار! سنڌڙيءَ تـي سر ڪير نه ڏيندو! سر جي سين هڻـــي ڏس چـــارڻ، ٻيـــجــــل ٿـــــي ٻيهــــار، او يــــار