قصو لاڙڪاڻي جي چئن درويشن جو.........

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مشتاق انصاري

    ڪجهه عرصو اڳ لاڙڪاڻي ۾ چئن درويشن جو قصو گهڻو مشهور ٿيو هيو. انهن ۾ هڪڙو هيو ذوالفقار علي شاھ راشدي، ٻيو عبدالمنان چانڊيو، ٽيون محمد انور کيتران ۽ چوٿون هيو الهه بخش انيس انصاري، اهي چارئي درويش جڏهن به ڪنهن هڪڙي هنڌ گڏ ٿيندا هيا ته پوءِ انهن جي وچ ۾ ڳالهين جو هڪ اهڙو سلسلو شروع ٿي ويندو هو، جيڪو بند ٿيڻ ۾ ئي نه ايندو هو. انهن مان هر ڪو اها ڪوشش ڪندو هو ته هو ان بحث ۾ وڌ ۾ وڌ حصو وٺي ۽ ڪنهن به طرح سان پنهنجي ڳالهه کي ٻين کان مڃرائي، ذوالفقار علي شاھ راشدي جي اها عادت هوندي هئي ته شروع ۾ ڳالهه کي ڇيڙي هو چپڙي ڪري ويهي رهندو هو ۽ پوءِ ويهي ٻين جي ڳالهين مان مزو وٺندو هو. سائين عبدالمنان چانڊيو وري سڀني کان گهڻو ڳالهائيندو هو ۽ ڪوشش ڪري ٻين کي وارو گهٽ ڏيندو هو. اهي سڀئي پنهنجي ڳالهين ۾ ايتروته محو ٿي ويندا هيا جو نه ته انهن کي ٽائيم گذرڻ جو احساس ٿيندو هو ۽ نه ئي ڪنهن ٻي ڳالهه جو هوش رهندو هو. انهن جي ڳالهين جو اهو سلسلو تڏهن وڃي ختم ٿيندو هو جڏهن انهن مان هڪ کي پنهنجو ڪو ڪم ياد پئجي ويندو هو ۽ هن کي پنهنجي ڳالهه کي مجبورن اڌ ۾ بند ڪرڻو پوندو هو.

    هڪڙي ڏينهن ايئن ئي ڳالهين جي دوران راشدي صاحب کي اوچتو ياد پئجي ويو ته هن کي اڄ ڪنهن ضروري ڪم سان پنهنجي ڳوٺ وڃڻو آهي. تنهن تي هن پنهنجي ان ڳالهه کان سڀني کي آگاھ ڪيو. جنهن کان پوءِ محفل جي پڄاڻي جو اعلان ڪيو ويو ۽ سڀ گڏجي شاھ صاحب کي ڇڏڻ اسٽيشن ڏانهن روانا ٿي ويا. ريل جي اچڻ ۾ اڃا ڪجهه ٽائيم هيو انڪري هي سڀ وڃي ويٽنگ روم ۾ ويٺا جتي ويهڻ سان هڪ ڀيرو وري ٻيهر انهن جي وچ ۾ بحث ڇڙي پيو جيڪو ان وقت تائين جاري رهيو، جڏهن ويٽنگ روم جي بيري هنن کي اچي ٻڌايو ته ”سائين ريل ته آئي به ۽ هلي به وئي“

    اهو ٻڌڻ کانپوءِ هي سڀ حيران ٿي ويا ۽ سوچڻ لڳا ته ريل جي اچڻ جي هنن کي ڪا خبر ئي ڪانه پئي. ريل جي اچڻ ڪري ضرور پليٽ فارم تي ڪو گوڙ ٿيو هوندو. مسافر هيڏي هوڏي ڀڳا ڊڪيا هوندا. گارڊ سيٽيون وڄايون هونديون. ريل ڪوڪون ڪيون هونديون پر ايڏي گوڙ هئڻ جي باوجود به هنن کي ڪا خبر ئي ڪانه پئي ته ڪڏهن ريل آئي ۽ ڪڏهن هلي وئي. اها حالت ڏسي شاھ صاحب افسوس وچان پنهنجي دوستن کي چيو ته ”يار توهان ته ڪي صفا درويش آهيو. توهانجي ڳالهين جي ڪري منهنجي ريل نڪري وئي.“ان ڏينهن کانپوءِ اهي چارئي ڄڻا درويش سڏجڻ لڳا.

    ٻهراڙي جي ڪنهن پوڙهي عورت کي مون حقو پيئيندي ۽ نڪ ۾ ناس ڏيندي ته ڏٺو هو پر جڏهن پهريون دفعو مون ڪنهن شاعر کي ناس جي چپٽي ڏيندي ڏٺو ته مون کي ڏاڍو عجيب لڳو. هونءَ ته چانهن پيئڻ کانپوءِ گهڻا شاعر سگريٽ استعمال ڪندا آهن. پر سائين راشدي صاحب جي معاملي ۾ ايئن نه هو، سگريٽ جي بدران هن کي سدائين ناس جي دٻلي ۽ رومال هٿ ۾ هوندو هو، هو چانهن جو وڏو شوقين هيو. جڏهن به هو اسان وٽ ايندو هو ته سڀ کان پهريان هن جي لاءِ چانهن ٺهي ايندي هئي. ڪچهري جي دوران به چانهه جو دورو پيو هلندو هو. پر جيڪڏهن ڪچهري اڃا به ڪجهه وقت وڌيڪ هلندي هئي ته پوءِ سائين کي اڃا به ٻي چانهن جي ضرورت پوندي هئي. هنن جي ڪچهري هوندي به ڏاڍي وڻندڙ ۽ دلچسپ هئي، جنهن ۾ دنيا جي هر موضوع تي گفتگو ٿيندي هئي ۽ جيڪا پوءِ آخر ۾ ڦري گهري وڃي شاعري تي ختم ٿيندي هئي.

    جڏهن به چانهن پيئڻ جو ذڪر نڪرندو آهي ته ان وقت اسانکي استاد ثروت ڏاڍو ياد ايندو آهي. استاد ثروت کي وارھ ۾ هڪڙو ننڍڙو جنرل اسٽور هوندو هو، جنهن مان هو پنهنجو پيٽ گذر ڪندو هو. ان سان گڏ هن کي شاعريءَ سان به ڏاڍو لڳا هو. هو پاڻ به چڱو شاعر هو، دڪان جي ڪم ڪار مان فارغ ٿيڻ کانپوءِ هو روزانو شام جو بابا سان ڪچهري ڪرڻ ۽ پنهنجي شاعري ٻڌائڻ لاءِ اسانجي اوطاق تي ايندو هو (انهن ڏينهن ۾ بابا جي وارھ ۾ نوڪري هوندي هئي) استاد ثروت ڏاڍو عجيب ماڻهو هو، قد جو ننڍڙو منهن گول ۽ مٿو گنجو هيس. تڪڙو ڳالهائيندو هو، تڪڙ ۾ پهريون دفعو ته هن جو شعر به سمجهه ۾ نه ايندو هو، ٻين شاعرن وانگي هو به چانهن جو وڏو شوقين هو، چانهن جو ايترو ته موالي هو، جو ويٺو هيڏي هوڏي واجهائيندو هيو،هڪڙي ڏينهن چانهن اچڻ ۾ معمول کان ڪجهه وڌيڪ دير ٿي وئي ته هو ڏاڍو پريشان ٿي ويو. هن اسانجي گهر جي دروازي ڏانهن ڏسڻ شروع ڪيو ته ڪڏهن ٿي چانهن اچي. جڏهن هن ڏٺو ته هاڻي گهڻي دير ٿي وئي آهي ته هن کي پڪ ٿي وئي ته اڄ هن کي چانهن نه ملندي، اهو خيال ايندي ئي هن بابا کي چيو ته :

    ”انصاري صاحب آپ ميري چائي بند نه ڪرين“

    چانهن پيئڻ جي معاملي ۾ بابا پاڻ به ڪنهن کان پوئتي نه هو، هن جي عادت هوندي هئي ته هو صبح جو سويل اٿندو هو، چانهن ٺاهيندو هو، ريڊيو کولي ان تي بي بي سي به ٻڌندو هو ۽ چانهن به مزي سان ويهي پيئندو هو. هن جو چوڻ هيو ته جيڪڏهن توهان کي چانهن جو پورو پورو مزو وٺڻو آهي ته پوءِ توهان جي چانهن ۾ ٽن خوبين جو هجڻ تمام ضروري آهي هڪ توهانجي چانهن لب سوز هجي ٻيو لب دوز هجي ۽ ٽيون لب ريز هجي.

    راشدي صاحب جو ڳوٺ نئون ديرو جي بلڪل ويجهو هو، راشدي صاحب جي ان ”پير ڳوٺ“ ڏي اسان به ٻه ٽي دفعا ويا هياسين. هڪڙي دفعي بابا ۽ مان راشدي صاحب جي چاچي ارشد شاھ جي فوت ٿيڻ تي اڏوانهن ويا هياسين، ارشد شاھ جي باري ۾ ٻڌايو ويو ته هو هڪ فقير تن شخص هو. جنهن ساري عمر شادي نه ڪئي هئي. اسانجي اتي پهچڻ کان اڳ ئي ڪافي ماڻهو گڏ ٿي چڪا هئا جيڪي وڏي ادب ۽ احترام سان اتي ويٺا هيا. هر طرف خاموشي ڇانيل هئي. راشدي صاحب پاڻ به ان وقت خاموش ۽ ڏاڍو غمگين ويٺو هو، اهڙي سنجيده ۽ سانت واري ماحول ۾ اتي ويٺل هڪڙي شخص اچانڪ ڳالهائڻ شروع ڪيو. هو شايد ان خاموشي کي ٽوڙڻ پيو چاهي. هن کي ڳالهائيندو ڏسي سڀ ماڻهو ان ڏانهن متوجهه ٿي ويا، هو نهايت ئي نفيس قسم جو سنهڙو سڪڙو ماڻهو هو. پر هن جي ڳالهائڻ ۾ وڏي طاقت هئي. هن جون ڳالهيون وقت جي ماحول مطابق هيون ۽ هو هر موضوع تي وڏي تفصيل سان ڳالهائي رهيو هو. مذهب، سياست، تاريخ، ادب، آرٽ ۽ سائنس وغيره تي، هن کي تمام گهڻي ڄاڻ هئي ان نفيس شخص جو نالو پير نجيع الله شاھُ هيو. جنهنجي ان وقت عمر 110 سالن کان به مٿي هئي. ايڏي وڏي عمر هئڻ باوجود به ان وقت هو بلڪل صحتمد پئي نظر آيو. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنا ڪنهن ٿڪاوٽ جي ڳالهائي رهيو هو.هن جي نظر به اڃا بلڪل ٺيڪ ٺاڪ هئي. اخبار يا ڪنهن ڪتاب مان جيڪڏهن ڪو حوالو ڏيڻو هيو ته هو بنا عينڪ پائڻ جي ان مان پڙهي پيو ٻڌائي، جڏن بابا هن کان سندس صحتمند هجڻ جو راز پڇيو ته هن اهو جواب ڏنو ته هو پنهنجي صحت کي برقرار رکڻ لاءِ ماني گهٽ کائيندو آهي. هن جي ماني گهٽ کائڻ واري اها ڳالهه سڀني کي ڏاڍي عجيب لڳي ڇو جو عام طرح اسان اهو سوچيندا آهيون ته خوراڪ جيتري وڌيڪ کائبي صحت به اوتري ئي سٺي ٿيندي.

    ٻئي دفعي اسان پير ڳوٺ تڏهن ويا هياسين جڏهن راشدي صاحب جي والد سيد محمد امام جي تاج پوشي ٿي هئي. ان موقعي تي مختلف هنڌن تان ٻيا به ڪافي پير صاحب آيل هيا جن سان سندن مريد ۽ عزيز وغيره به ساٿ هيا. ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙاڪو اتي موجود هيو. اتي ويٺل سڀني ماڻهن کي پهريان ته نگر ڪرايو ويو. ننگر ختم ٿيڻ کانپوءِ اسان ڏٺو ته ڪجهه ماڻهو پنهنجي هٿن ۾ هڪڙو سهڻو تاج کنيو مولود چوندا اتي اچي پهتا، هنن جي پهچڻ وقت اتي ويٺل سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاين تي اٿي بيهي رهيا. پير صاحب جي تاج پوشي کان پوءِ کيس هڪڙي تسبيح، مصلو ۽ هڪڙي عمعا پيش ڪئي وئي.جنهن کان بعد مولوي دوست محمد واعظ ڪرڻ لاءِ اٿيو، جنهن ڏاڍي سٺي ۽ اثرائتي انداز ۾ واعظ ڪيو. تاج پوشي وارو اهو سڄو منظر دل کي ڏاڍو ۽ وڻندڙ سڪون ڏيندڙ هو.

    راشدي صاحب جهڙو هو سٺي سلڇڻي طبيعت جو مالڪ، تهڙو هو هڪ سٺو شاعر ۽ هڪ سٺو اديب، هن پنهنجي شاعريءَ ۾ نوان نوان تجربا ڪيا ۽ سنڌي شاعريءَ کي هڪ نئون موڙ ڏنو. جنهنجي ڪري هن کي نئين سنڌي غزل جو علمبردار سڏيو ٿو وڃي، هن جي اهڙي نيئن سنڌي غزل مان ڪجهه شعر هيئن آهن.

    مخمل جهڙو نرم ڇهاءُ، چندن جو ڀرپور هڳاءُ،

    تنهنجي بدن جو نازڪ بار، جهولي منجهه گلن جو هار



    وينس جهڙا تنهنجا انگ، راڌا جهڙا جوان امنگ

    تنهنجي جواني جر ڪيدار، سرسوتي جو روپ نکار

    هن جي هر شعر ۾ رواني ۽ بي ساختگي آهي، جنهن مان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته هن جا شعر هن جي پنهنجي احساسن جي ترجماني ڪن ٿا ۽ هن جي اندر جي اڌمن ۽ جيءَ جي جذبن جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا، هن پنهنجي اندر جي اهڙي ڪيفيت جي باري ۾ ذڪر ڪندي هڪڙي دفعي باباکي ٻڌايو ته

    ”جڏهن منهنجو هانءُ ڪرندو آهي اندر ۾ ڪا لنجهڻ لڳندي آهي يا باطن ۾ ڪجهه جهڄندو، پچندو ۽ ڀرندو آهي ته پوءِ مونکان ڪجهه لکجيو وڃي.“

    هن جا هيٺيان شعر هن جي اندر جي اڌمن جي پوري طرح عڪاسي ڪن ٿا.

    ”اسان ته سوچ جي واهڙ کان پئي پناھ گهري، ڇلن ٿا سمنڊ تفڪر جا تون بچاءِ ڌڻي“

    ”ها اهو درد ڇٺيءَ ڏينهن مليو شاعر کي، سور کي سر سان نه ڳايان ته گهنگهار ٿيان“

    ”سڄي ڄمار اڪيلو ائين گاريندم، ڪتاب، مان ۽ ڪتاب جو تنگ هڪ ڪمرو“

    شاھ صاحب شاعري جي جدا جدا صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي جنهن۾ ڪافي، نظم، غزل، گيت، دوها، هائيڪا، قطعا ۽ آزاد نظم اچي وڃن ٿا. هن جي هڪڙي گيت جون هيٺيون ٻه سٽون ڪيڏون نه وڻندڙ آهن،

    ”تون هوريان هوريان آءُ سڄڻ

    جيئن پرھ جو ٿڌڙو واءُ سڄڻ.“

    هن نثر جي هر صنف تي به گهڻو ڪجهه لکيو آهي جيئن داستانن ۾ طوطي نامه، لوڪ ادب ۾ سسئي جاسور، افسانن ۾ ”خوابن جو مسافر“ ۽ ”سپني جو موت“ سندس شاهڪار آهن. انکان علاوه هن لاڙڪاڻي مان هڪڙي اخبار ”هاري“ ۽ هفتيوار رسالو ”مذهب انسانيت“ جاري ڪيو. سال 1982 ۾ هن جو شعري مجموعو ”سوچ کي لوچ“ شايع ٿيو، ۽ سال 1986ع ۾ سندن ڪتاب ”ڪسوٽي“ شايع ٿيو جنهن ۾ تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون ڇپيل آهن. ان ڪتاب جو مسودو شاھ صاحب ڪافي سالن کان ڇپجڻ لاءِ ڏنو هو، پر پوءِ هن جي اها حسرت سندس زندگيءَ ۾ پوري ٿي نه سگهي ۽ اها حسرت هو دل ۾ سانڍيون هليو ويو.

    ”جيڪو مخلص هو تنهنجي جذبن سان

    آخري شخص ورهه ٿيا وڇڙيو“
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    تمام بهترين ادا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    واه سائين واه هڪ اهڙي ماڻهون جي ڪهاڻي ٻڌائي جو دل نه ٿي چوي ته هٿ ڪڍيان، هن ڪهاڻي کي بار بار پڙهان...
    وري اوهان جي لکڻ جو انداز به پنهنجو جو هنن درويشن واري ڪار اسان به اهڙو محو ٿي وڃون ٿا جو ٽائيم جي به خبر ڪونه ٿي خبر تڏهن ٿي پئي جڏهن اوهان جو مواد ختم ٿي ٿو وڃي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو