شريف زادي نورالهدى شاهه ........... هيءَ ڪهاڻي سنڌي سماج جي هڪ اهڙي طبقي جي ڪهاڻي آهي. جنهن وٽ نياڻين کي پرڻائڻ ڄڻ ته عيب آهي. هي به هڪ اهڙي عورت (فردوس) جي ڪهاڻي آهي جيڪا پنهنجي مڱيندي جو انتظار ڪندي رهي ٿي پر کيس حقيقي شادي وارو سک نصيب نٿو ٿئي ۽ سندس جنسي مسئلن کي ڪير سمجهڻ لا تيار ناهي هوندو. .......... ڀريل شهر اڪيلائپ جو ڏنڀيندڙ احساس، بدن ۾ پکڙجي آيل انيڪ ننڍڙين ننڍڙين اڻپورين خواهشن جو زهر، رڳ رڳ ۾ سمايل اڪيلائپ جي گهٽ ، اکين ۾ چڀندڙ کاري پاڻيءَ جو ذائقو، ڀانءِ اندر ۾ کاري پاڻيءَ جو نيرو سمنڊ ڀرجي آيو هجي. اهڙي سمي اهي سڀ پيڙائون جيڪي زمانن کان من جي ڪنهن سنسان ڪنڊ ۾ دفن هيون، هينئر سندس ئي جنازو ڪلهن تي کنيو آڏو اچي بيٺيون آهن. ”جيجي! ڇا ٿيو؟“ سندس ڪارين ٿڪل ٿڪل اکين ۾ لڙڪن جون قطارون ڏسي زيبوءَ جا زور ڏيندڙ هٿ رڪجي ويا، پر هوءَ ماٺ، موت جي تنها احساس جيان. اکيون پينگهي جي گهوڙيءَ ۾ لڳل آرسيءَ تي اٽڪيل، چهري تي جوانيءَ جا پڇاڙڪا پساهه. ڪارن وارن ۾ پکڙيل چانديءَ جون انيڪ تارون، ڍرڪيل بي ڊولو بدن. اکين ۾ پنهنجي ئي وجود جو آسيب سمايل. تنهن پر پنهنجي گهٽيل خواهشن کان گهٻرائجي اکيون پوري ڇڏيون اٿس. ”جيجي! چاڪ ته آهيو؟“ وراڻيءَ ۾ ٿڌو شوڪارو. جيڪو اٽڪي پيو اٿس بند چپن ۾. ”زيبو!“ کن کان پوءِ بند چپن جو ڀڻڪو. ”جي سائڻ؟“ ”سگريٽ آندو اٿئي؟“ ”هائو سائڻ! پيندؤ؟“ هوءَ ماٺ. سگريٽ دکايو اٿس سائڻ لاءِ ۽ سائڻ جي سڪل ٺوٺ چپن ۾ اٽڪيل سستو سگريٽ . بدن جي پاتال تائين پکڙجي آيو اٿس سگريٽ جو اڇو دونهون. اڪيلائپ جي گهٽ. ”سائڻ! اڄ ته ڪاروءَ به ڏسي ورتو.“ ”پو؟،“ ڀؤ کان ڇرڪ. ”چوڻ لڳو، ڇاڪندي آهين سگريٽن کي؟“ ”تو ڇا چيو؟“ اکين ۾ راز کلڻ جي ڀَو جا پاڇولا. ”چيم، آئون سگريٽ پيندي آهيان.“ ٻنهي جي هلڪڙي کل ڄڻ کنڊرن ۾ تنها سڏجو پڙلاءُ. ”زيبو!“ اهو ئي بند چپن جو ڀڻڪو. ”جي سائڻ.“ ”توکي ڪارو وڻندو آهي.“ ڏاڍو گهرو سوال پر بظاهر رواجي. ”پنهنجا ورَ ڪنهن کي ڪونه وڻندا سائڻ؟“ ”تو کي ڀائيندو آهي؟“ ساڳي گهرائپ سوال ۾. ”سائڻ! هو ته چوندو آهي ته پل به مون کان پري نه ٿي.“ ڏاڍي مانَ سان ڏنل جواب ۽ هن جي اندر ۾ نڙيءَ کان هيٺ ڄڻ گرم گرم رت لهي آيو هجي. بدن جي پاتال تائين پکڙجي آيل سگريٽ جو دونهون، هڪ ڊگهو سوٽو، سوچن جو سلسلو.. اڻپورين خواهشن جو زهر. تڏهن من تي هُري آيو اٿس هڪ سانورو چهرو، جيڪو بند دروازي جي سِير مان ليئو پائي ڏسندي هئي. هڪ ڏينهن ڌرتتيءَ مهل بند دروازي جي سِير مان هن ڪڻس ليئا پائيندي پڪڙي ورتو هو. ”ڇا ٿي ڏسين؟“ ڀو کان هن جو ساهه سُڪي ويو. ”ڇا ٿي ڏسين؟، جان!“ هن جي هيسيل وجود جي چوڌاري ٻانهون پکيڙيندي چيائين. هن جي دل سيني مان نڪري اچي رت جي هر ڦڙي ۾ ڌڙڪڻ لڳي. پيار جو ايڏو انبر جيڏو ڦهلاءُ هن جي رڳ رڳ ۾ سمائجي آيو هو. تڏهن زيبوءَ ڪنهن کي ايندو ڏسي کنگهڪار ڪئي هئي ۽ هوءَ ٻانهن جي گهيري مان نڪري اچي پنهنجي ڪمري ۾ لڪي هئي. ننڍي هوندي کان احمد جي نانءِ ٿيل هئي. گهڻو اڳ سج لٿي ويل سندس چاچيءَ ڪڻس جهلمل ڪندي ڳاڙهي پوتي پارائي، ڀاڪرن ۾ ڀريندي چيو هو، ”منهنجي احمد جي ننڍڙي ڪنوار.“ ۽ اهي لفظ زمانن کان سندس ڪنن ۾ گونجي رهيا هئا. تڏهن کان احمد لاءِ انيڪ خوبصورت سپنا ڏٺا هئائين. پوءِ سندس خوابن کي تعبير ائين مليو جو زيبوءَ جي پهري ۾ اونداهين راتين جو ڇت تي ڊگهيون ملاقاتون، خوشبو وارا ڊگها خط، ٻانهن جو انبر جيڏو ڦهلاءُ، تيستائين جو احمد جيڪو پڙهڻ سانگي وٽن حيدرآباد ۾ اچي رهيو هو، وري موٽي اچڻ جو واعدو ڪري ولايت هليو ويو. تڏهن هو هيڏي ڀريل بنگلي ۾ اڪيلي رهجي وئي. ڄڻ مڪليءَ جي مقبرن ۾ ڀٽڪندڙ ڪو تنها بدروح. رنگ هئيڊو پئجي ويو هئس. اندر اندر بدن جي پاتال ۾ احمد جي ٻانهن جو مضبوط وڪڙ. ڪنن ۾ سُرٻاٽ. ”نيٺ به ته منهنجي ڪنوار ٿيندينءَ جان! شرمائين ڇو ٿي؟“ ۽ رت جي هر ڦڙي ۾ اڻڄاتو ڀاري بوجهه سمائجي آيو هئس. ٻئي مهيني ئي پاڻ سمجهي وئي تڏهن ڄڻ چري ٿي پئي. ٻئي هٿ ڪنن تي رکي جا ريهه ڪندي هئي ته ڌرتيءَ کان آڪاش تائين پڙلاءُ بڻجي گونجندي هئي. ماڻس جون تکيون اکيون سڀڪجهه سمجهي ويون هيون. بيهوش ٿي پئي هئي، اکين آڏو اونداهي پکڙجي وئي هئس. اهو سوچي ته ڀاڻس جن جيڪي ايڏا غيرت وارا آهن؛ جيڪر خبر پوين ته ڪڻس اُڦٽ ماري ڇڏين. پڻس جيڪو هيڏي عزت وارو آهي؛ سندس ساهه نپوڙي ڇڏي، پر تن ڏينهن هو سڀ گهر ۾ نه هئا. ڀاڻس جن نيون گاڏيون کنيو شهر جي ڇورين سميت حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي وچ ۾ پيا ڊوڙندا هئا. پڻس ڳوٺ ۾ اڃا تازو هڪڙي مهاڻي بي نڪاحي ويهاري هئي؛ سو ڏينهن جا ڏينهن ڳوٺ هوندو هو. هڪڙي ماڻس هئي جيڪا سارو ڏينهن چرين وانگر پئي سندس پيٽ گهوريندي هئي ۽ هوءَ هئي جا ڪمرو بند ڪيو سارو سارو ڏينهن پينگهي ۾ اونڌو ڪنڌ ڪيو پئي هوندي هئي. پوءِ نيٺ ماڻس زيبوءَ کي موڪلي شهر مان ڊاڪٽرياڻي گهرائي. جڏهن هن جي بدن جي پاتال ۾ لڪل بوجهه گهٽجي ويو، تڏهن ماڻس ٻه هزار ۽ سوني منڊي ڏئي ڊاڪٽرياڻي جو وات بند ڪري ڇڏيو هو. پر هوءَ ته ڪي ڏينهن سڪل ٺوٺ اکين مان ڇت کي پئي گهوريندي هئي. هر احساس ڄڻ پنهنجي موت پاڻ مئو پيو هو. تڏهن اُمالڪ من تي سٽ ڏئي هُري ايندو هئس، رت ۽ گوشت جو ننڍڙو ڳاڙهو ٽڪر، جيڪو زيبوءَ ڪموڊ ۾ هاري فليش هلائي ڇڏيو هو. پاڻيءَ جي هڪڙي تکي لهر آئي ۽ گوشت ۽ رت جي ان ڳاڙهي ٽڪر کي ڌرتيءَ جي پاتال ڏانهن ڇڪي وئي. پر ڳاڙهي رت ۽ گوشت جو اهو بيجان ٽڪر هن جي من ۾ ڪئڪٽس جي ٻوٽي جيان چڀندو رهيو، تڏهن هن کي پنهنجي بدن تي اهو ڳاڙهي رت ۽ گوشت جو ٽڪر سُرندو محسوس ٿيندو هو. ننڍڙيون پتڪڙيون ٻانهون هن جي سموري بدن کي ويڙهي وينديون هيون ۽ پوءِ اندران من جي پاتال مان دانهن نڪرندي هئس، جيڪا سموري ڪائنات کي ويڙهي ويندي هئي. پڻس ڊاڪٽر اچي گڏ ڪيا، ”هسٽريا اٿس، شادي ڪرايوس“ ڊاڪٽرن فتويٰ ڏني. پڻس مڇرجي پيو، ”اسان جي نياڻي لاءِ چون ٿا ته شادي ڪرايوس... دوزخي“. ڊاڪٽرن کي گاريون ڏئي ڪڍيائين، تڏهن هن جون دانهون ويتر وڏي ويون. پنهنجن گهٽيل احساسن کان گهٻرائجي احمد کي خط لکيو هئائين، جيڪو زيبو سٿڻ جي ور ۾ هڻي پوسٽ ڪري آئي هئي. وراڻيءَ ۾ انيڪ ڏينهن کان پوءِ احمد جو خط آيو ته سهي، پر پڻس جي نانءِ: ”آئون فردوس کي وڏن جي ڪيل فيصلن کان آزاد ڪيان ٿو. جو مون به هتي شادي ڪري ڇڏي آهي.“ احمد جي خط ته ڄڻ ڪو ممڻ مچائي ڇڏيو هو، ڀاڻس جن ته مرڳو ٽڪيٽ وٺيو ولايت ٿي ويا، احمد جو خون ڪرڻ (ڄڻ هتي به سنڌ جيان ماڻهو مارڻ ڪو سولو هو)، پر پڻس عقل وارو هو، عزت جو معاملو هو. غيرت وارا هڪ ڀيرو جتي پلاند اٽڪائيندا آهن، اتي نڀائيندا به آهن ۽ اها ڳالهه ڪا ايڏي وڏي به ته نه هئي. ٻه ونيون ته اسان سنڌي مڙدن جو شان آهي. سو احمد کي لکي موڪليائين، ”جيتريون گهڻيون ونيون ۽ ٻنيون اوترو مرد جو شان، پر لکئي جا ليکا ڊاهبا ڪونه آهن. جتي پلاند اٽڪائبو اُتي نڀائبو؛ اهو اسان جي راڄ جو شان آهي، سو فردوس جيستائين جيئري هوندي تولاءِ ويٺي هوندي.“ پر احمد ڪوبه جواب ڪونه ڏنو ۽ جڏهن راڄ ۾ ڳالهه پکڙي ته هن به ٻڌي ۽ من جون بلند عبادتگاهون پل ۾ ڊهي پيون. ڪڻس هڪ وار وري رت ۽ گوشت جو اهو بيجان ڳاڙهو ٽڪر ياد اچڻ لڳو، جيڪو اونداهه ۾ ڪڻس پنهنجي بدن تي سُرندو محسوس ٿيندو هو. انيڪ خط احمد جي نانءِ لکيائين. زيبو جن سٿڻ جي ور ۾ هڻي پوسٽ ڪري ايندي هئي، پر هن پار ڪيڏي ماٺ، ڪابه وراڻي نه، ڪوبه لفظ، ڪوبه خط نه. هوءَ اندر ئي اندر ڀُرندي رهي واريءَ جي وکريل ذرڙن جيان. رت جي هر ڦڙي ۾ زندگيءَ جو زهر پکڙي ويو اٿس، جواني جي ٻڏندڙ سج جو شديد احساس، اڪيلائپ جي گهُٽ. زيبوءَ پوتيءَ جي پلاند مان هڪ ٻيو سگريٽ ڇوڙي دکائي ڏنو اٿس. سڪل ٺوٺ چپن ۾ اٽڪيل سگريٽ، ٻه ٽي لاڳيتا ڊگها سوٽا، سيني مان اٿندڙ هلڪڙي کنگهه جو پڙلاءُ، دل ٿي چويس، انسان جي وستيءَ مان منهن ڪري ڪيڏانهن نڪري وڃي، پر زهريليون سوچون دماغ جي هر ڪنڊ ۾ پکڙجي آيون اٿس. ”زيبو!“ بند چپن جو ڀڻڪو. ”جي سائڻ؟“ ”آئون جيڪر مري پوان ته؟“ ”اوهان جا دشمن مرن، سائڻ!“ ”نه، آئون ڀڄي وينديس.“ هلڪڙي کل. ”ڪو ٻڌي نه وٺي!“ ڀَوَ کان ڇرڪ، ڪنهن جي ٻڌي وٺڻ جو ڊپ. ”تو ڀانيو ته آئون سچ پچ ڀڄي وينديس ڇا؟“ زوردار ٽهڪ، ڄڻ سلهه جي کنگهه جو پڙلاءُ وراڻيءَ ۾ زيبوءَ جو به هلڪڙو ٽهڪ. ”آئون ڀڄي وڃان ته مرڪو ڪُهي ڇڏينم.“ ٽهڪ، پر ٽهڪ ۾ اها ساڳي کوکلائپ، جنهن تي سڏڪي جو گمان. اکين ۾ خوابن جا جنازا سمائجي آيا اٿس. من ۾ پڻس ۽ڀاڻس جن جو ڊپ، جن جون غيرتون ۽ عزتون صليب جيان سندس ڪلهي تي ٽنگيل آهن، تنهن پر بند اکين ۾ تري آيون اٿس انيڪ ساروڻيون. سليم، جيڪو برقعي جي ڪاري نقاب مان ريشمي گهٽيءَ جي هڪ زيورن جي دڪان تي ڏٺو هئائين، زيبوءَ سان گڏ هن جي بيحد ويجهو زيور ڏسندس الائي ڇو هن جي دل ڌڙڪڻ لڳي هئي. ”اوهان نقاب ته کڻو.“ منڊيون ڏيکاريندي هن فردوس جي ڪنن ۾ سرگوشي ڪئي. نقاب جي اندر هن جو چهرو پل اپل لاءِ ڳاڙهو ٿي ويو. ۽ جڏهن هن منڊي آڱر ۾ پائي ٿي ڏٺي، تڏهن اُمالڪ هن سندس هٿ پڪڙي ورتو. ”ايڏن نازڪ هٿن ۾ ايڏي بيدرديءَ سان منڊي نه پايو.“ هوءَ هن جي هٿن مان پنهنجا هٿ ڇڏائي نه سگهي، هو ڪڻس ديسي فلمن جو هيرو محسوس ٿيو هو، جنهن سان ڪنهن زماني ۾ ڪڻس عشق ٿي پيو هو، جنهن جا فلمي اخبارن ۽ رسالن مان ڪٽيل ڏيڍ سؤ کن فوٽا هئا سندس ڪٻٽ ۾ رکيل. منڊي وٺي جڏهن هو دڪان مان نڪتيون ٿي، تڏهن فردوس جي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪيو هئائين.“ وري اچجو، مان اوهان جو انتظار ڪندس.“ ۽ پوءِ سڄي واٽ هو ۽ زيبو هن جون ڳالهيون ڪنديون رهيون هيون. اها سڄي رات ڪڻس ننڊ نه آئي. ان رات ڪڻس نه احمد جو سانورو چهرو ياد آيو نه ئي گوشت ۽ رت جو اهو ڳاڙهو ٽڪر، ڪڻس پنهنجي بدن تي سُرندو محسوس ٿيو. سندس اکين آڏو اهو چهرو گهمندو رهيو جنهن منڊي پارائيندي سندس هٿ پڪڙي چيو هو، ”اوهان جا هٿ ڪيڏا نه نازڪ آهن، چمڻ تي ٿي دل چوي.“ اها سڄي رات هوءَ اونداهه ۾ پنهنجا اُهي خوبصورت هٿ گهوريندي رهي هئي، جن تي اڃا تائين ڪڻس سليم جي هٿن جو ڇهاءُ محسوس ٿي رهيو هو. ڪڻس ٻئي ڏينهن ئي اها منڊي آڱر ۾ سوڙهي محسوس ٿيڻ لڳي. ماڻس کي چوڻ لڳي، ”منڊي سوڙهي ٿي پئي اٿم، ڀانيان ته مٽائي اچان.“ ۽ پوءِ شام جي اُداس ويلا ۾ جڏهن هوءَ چهري تي نقاب ڍاري زيبوءَ سان گڏ دڪان ۾ گهڙي تڏهن هو ڄڻ ٽڙي پيو. زيبو سندس چوڻ تي در وٽ ئي بيهي رهي ۽ هوءَ اڪيلي اڳتي وڌي آئي. هن جي بيحد ويجهو برقعي جي ڪاري نقاب ۾ لڪل سندس چهرو گهوريندي هو مرڪي پيو. ”مون کي پڪ هئي ته تون ايندينءَ.“ ”ڇو؟“ ڪيترا سوال انهيءَ هڪ ڇو ۾ سمايل هئا. ”مون تنهنجو انتظار پئي ڪيو.“ هن جو هٿ پڪڙي هن ڏاڍي ويساهه سان چيو. تڏهن هن جي دل سيني مان نڪري اچي ڀانءِ پيرن ۾ ڌڙڪڻ لڳي، پر بظاهر ڏيکاءَ لاءِ هن جي هٿ مان هٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.جيتوڻيڪ سندس دل ڪيڏي شدت سان پئي چاهيو ته هو ائين ئي سندس هٿ جهليو بيٺو رهي ۽ زندگي ان لمحي ساڪت ٿي وڃي، پر هو انهيءَ معاملي ۾ ڏاڍو تجربيڪار هو. هن اتي ان دڪان ۾ انيڪ ڇوڪريون ڦاسايون هيون. هو شريفزادين جي اندر ۾ لڪل انيڪ ننڍڙين اڻپورين خواهشن کان اڻڄاڻ نه هو. هو پاڻ انهن خواهشن جي تڪميل ڪندو هو، سو هن جو هٿ بيحد مضبوطيءَ سان جهليو بيٺو رهيو. ”تنهنجا هٿ چمڻ تي ٿي دل چوي.“ هن سُرٻاٽ ڪيو ۽ هوءَ ائين شرمائجي وئي ڄڻ پهريون ڀيرو اهي لفظ ٻڌا هجنس، نه ته احمد ته سندس سڄو وجود چميو هو. احمد کان اڳ، سندس اسڪول جي ڪلارڪ به ته سندس چپ چميا هئا. پر هوءَ شرمائجي وئي، ڪنهن ڪنوار جيان. ”منڊي سوڙهي اٿم، سا مٽائڻ آئي آهيان.“ ”پهرين نقاب ته کڻو.“ هن فردوس جو نقاب کڻڻ چاهيو، پر هو ڊپ کان ڇرڪي پئي. ”نه، نه، ڪوئي ڏسي وٺندو.“ ”هڪ جهلڪ ته ڏسڻ ڏيو.“ هن هيٺ ٿيل نقاب مان ليئو پائي، فردوس جو چهرو ڏٺو، هن جي دل سيني مان نڪري اچي پيرن ۾ ڌڙڪڻ لڳي. ”ڪيڏي حسين آهين، دل ٿي چوي تنهنجو چهرو به چمي ڇڏجي.“ هن جي آواز ۾ الائي ڇا هو، جو فردوس کي پنهنجو پاڻ پگهرندو پئي محسوس ٿيو. منڊي سوڙهي ته ڪانه هيس، پر ماڻس کي ڏيکارڻ لاءِ ڪڻس منڊي به مٽائڻي پئي. تڏهن دڪان ۾ ٻيا گراهڪ اچي ويا، جنهن جي ڪري ڪڻس موٽڻو پيو. موٽر ۾ واٽ تي زيبوءَ کي هوءَ هوريان اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائيندي رهي، جيڪي سليم هن سان ڪيون هيون. ۽ پوءِ اتي به ٽپاليءَ جو ڪم زيبوءَ ڏنو. خوشبودار ڊگها روماني خط (جيڪي اردو شعرن سان ڀريل هوندا هئا)، ڀرت ڀريل ريشمي رومال. ملڻ لاءِ نياپا ۽ ملاقاتون، جيڪي گهڻو ڪري سليم جي دڪان جي اندرينءَ ڪوٺيءَ ۾ يا سندس دوستن جي گهرن ۾ ٿينديون هيون. گهران ساهيڙين جو بهانو ڪري نڪرندي هئي، ڪڏهن ميلاد شريف، ڪڏهن درزي، ڪڏهن دعوت جو بهانو، ماڻس اٻوجهه، ڀانءِ ته ڀلي احمد جو ڏنل دک گهٽجي وڃيس. پوءِ برقعو پائي زيبوءَ سان نڪرندي هئي. ٻه ٻه موٽرون در تي بيٺل هيون، ڪوبه فاصلو نه هو، سندس ۽ سليم جي وچ ۾. هڪ ڏينهن سليم جي ڪلهي تي مٿو رکندي چيائين، ”مون سان شادي ڪندين؟“ ۽ هو ڇرڪي پيو. ”تنهنجا مائٽ وڏا ماڻهو آهن، فردوس مون کي تنهنجو سڱ ڪڏهن به ڪونه ڏيندا.“ بهانو ڪيائين. ”پاڻ لڪي شادي ڪنداسون.“ هن جي ڳالهه ٻڌي سليم جو منهن هئڊو پئجي ويو. هن ڪنهن به ڇوڪريءَ سان شادي ڪانه ڪئي هئي. هن جي پنهنجي زال هئي، بيحد خوبصورت ۽ هن کي بيحد پياري، سندس ٻه پٽ به هئا. فردوس ۽ ٻيون انيڪ هن جي زندگيءَ ۾ آيون ۽ هليو ويون. هو هڪ تجربيڪار رانديگر هو. ”پنهنجي شادي جائز ڪانهي.“ ”ڪوڙ ٿو چوين.“ ”سچي، قرآن ۽ حديث کولي ڏس.“ هن قرآن ۽ حديث جو ڪوڙو حوالو ڏنو. فردوس مان جند ڇڏائڻ لاءِ ۽ هوءَ چپ ٿي وئي. موت جي تنها احساس جيان اها ماٺ هن جي من ۾ دور دور تائين زهر جيان پکڙجي وئي. ٻئي ڀيري انيڪ ڏينهن دک ڀوڳڻ کان پوءِ زيبوءَ سان اوچتو وڃي سليم جي دڪان تي پهتي. سليم ڪونه هو، هڪ ٻيو ننڍيءَ عمر جو ڇوڪرو ويٺو هو. هن جي پڇڻ تي چوڻ لڳو، ”ادا سکر هليو ويو آهي، هاڻ اتي ئي رهندو، جو هاڻ هو سکر وارو دڪان سنڀاليندو.“ ان هڪ لمحي سندس من جون ڪچيون پڪيون عبادتگاهون ڊهي پيون. هوءَ ڀريل شهر ۾ اڪيلائپ جو ڏنڀيندڙ احساس کڻي گهر موٽي آئي. ڪڻس هڪوار وري هسٽريا جا دورا پوڻ لڳا. ڊاڪٽرن فتويٰ ڏني، ”شادي ڪرايوس.“ پڻس مڇرجي پيو، اها به ڪا ٿيڻي هئي، هن کي پڇاڙڪن پساهن تائين احمد جو انتظار ڪرڻو هو، جيڪو هن ڪرڻ نٿي چاهيو. ڪارين ٿڪل ٿڪل اکين ۾ هڪ لڙڪ نه چاهيندي به لڙي آيو اٿس هڪ ٻيو سگريٽ ٻن آڱرين جي وچ ۾ اٽڪيل ڊگهو سوٽو، آرسيءَ ۾ سندس چهري جو عڪس، جيڪو انيڪ چپن جي ڇهاءَ ڪاڻ ڪوماڻل. اندر ٻاهر اڪيلائپ جو احساس ڀرئي ڀڪلي شهر ۾ موت جي احساس جهڙي اڪيلائپ انيڪ ساروڻيون، رت جي هر ڦڙي ۾ سمايل ڪيترا چهرا، ٻانهن جو ڦهلاءُ، چپن جو ڇهاءُ، ڪلهن تي زندگيءَ جو صليب، ننڍڙين اڻپورين خواهشن جو هجوم، بدن جي پاتال تائين پکڙجي آيل زهر زندگيءَ جو. ”زيبو!“ بند چپن جو ڀڻڪو. ”جي سانئڻ؟“ ”پاڻي“ اُڃ ڪنڊا بڻجي نڙيءَ ۾ پئي چڀيس. پاڻي جا لاڳيتا ٻه ٽي ڍُڪ، ٿڌو شوڪارو، ٿڪجي اکيون پوري ڇڏيون اٿس. ”زيبو!“ اوچتو ڪجهه ياد اچي ويو اٿس. ”جي سائڻ؟“ ”تون فيملي پلاننگ واري اسپتال وئينءَ؟“ ”ها سائڻ وئي هيس.“ ”گوريون مليون؟“ ڪجهه هٻڪندي پڇيو اٿس. ”ها سائڻ! پنهنجي نالي تي وٺي آئي آهيان. ڏاڍي مشڪل سان مليون اٿم.“ پلاند مان فيملي پلاننگ جي گورين جو پاڪيٽ ڇوڙي ڏنو اٿس سائڻ کي. ”سائڻ! ڊاڪٽرياڻي چوڻ لڳي ته جيترا ڏينهن اهي گوريون کائبيون اوترا ڏينهن خير هوندو.“ ٻنهي جي هلڪڙي کل، پر هن جي کل ڄڻ تنها سڏجو پڙلاءُ. پاڻيءَ سان گوري نڙيءَ کان هيٺ لاٿي اٿس، ڄڻ زندگيءَ جو زهر نڙيءَ مان هيٺ لاٿو هجيس. پل اپل لاءِ ڪڻس گوشت ۽ رت جو اهو ڳاڙهو ٽڪر پنهنجي ڪومايل بدن تي سُرندو محسوس ٿيو آهي، جيڪو گهڻو اڳ، زيبوءَ باٿ روم جي ڪموڊ ۾ وجهي، فليش هلائي، وهائي ڇڏيو هو. گورين جو پيڪيٽ ويهاڻي هيٺ رکي ڇڏيائين. ويهاڻي هيٺ رکيل خط ڪڍي زيبوءَ کي ڏنائين، ”هي جميل کي ڏئي اچجئين، چئجانس آئون سڀاڻي شام جو اينديس.“ زيبو هلي وئي خط کڻي. هوءَ اڪيلي موت جي احساس جيان، پينگهي جي تکي لوڏ، سگريٽ جا ڊگها سوٽا، ازل جو عذاب رت جي هر ڦڙي ۾ سمائجي آيو اٿس ڊگهو ساهه کڻي اکيون پوري ڇڏيائين.