گوسڙو ماستر ڏانهن موڪليل احساس نوٽيس امر اياز مهر محترم استاد صاحبان: اوهين جنهن پيشي سان وابسته آهيو فرشتا به اهو ٿيڻ جون دعائون ڪندا آهن، اوهين جڏهن ڪلاس ۾ بيهي پنهنجن لفظن جا ٻج معصوم ٻارن مٿان ڇٽيندا آهيو تڏهن فرشتن جهڙن معصوم ٻارڙن جي ذهن جي ڪچڙي زمين مٿان علم، ادب، اخلاق، امن، ترقي، خوشحالي، محبت ۽ انسانيت جا ٻوٽا ڦٽي پوندا آهن، جڏهن اهي ٻوٽا وڌي وڻ ٿيندا آهن تڏهن اوهين، اسين ۽ سموري قوم اُن ثمر جي هُڳاءُ جو واس وٺندي آهي ۽ اُن مٺي ميووي جو ذائقو ايندڙ نسل به چکيندو آهي. محترم استاد صاحبان: اهو سڀ ڪجھه اوهان جي مخلص محنتن جو ئي ثمر آهي جو قوم جا نوجوان زندگي جي مختلف شعبن ۾ پاڻ مڃائي سٺن عهدن تي رسيا ۽ اوهان کي دعائن جا تحفه ڏيندا رهيا. محترم استاد صاحبان: پر هاڻي گھڻي وقت کان اوهان جي علمي درسگاهه ۾ عدم موجودگي مستقبل جي ڪنڌ ۾ ڪهاڙي هڻڻ جيان آهي، اوهين جيڪو سرڪاري ٽڪن سان پنهنجو ڀڀ ڀريندي پنهنجي ذاتي ڌنڌي کي عبادت سمجهي ٻارن جي آئيندي کي قتل ڪري عياشي واري زندگي گذارڻ جو خواب ڏٺو آهي اُهو نج منافقي، لاعلمي، گهڻي پئسي ڪمائڻ جي حوس ۽ قومي غداري تي جڙيل آهي جنهن کي قوم ڪڏهن به ساڀيان ٿيڻ نه ڏيندي. محترم استاد صاحبان: هيءَ قوم نٿي چاهي ته اوهان کي گلن جي ڪنڍين بدران پادرن جي ڪنڍي ڳچي ۾ وجهي ٽنگو ٽالي ڪري گهلي اسڪول پهچائي. اهو سڀ ڪجھه ٿيڻ کان اڳ اوهين اسڪول پهچي پنهنجي پگهار کي حلال ڪيو ته جيئن اڳتي هلي اوهان کي هٿي ڏيندڙن کي اگھاڙو ڪري سگهجي.