• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت يونٽ نصرپور قائم

khadim ghirano

سينيئر رڪن
نئين لاٽ ادبي تنظيم نصرپور جي گڏجاڻي مهمان ٿي آيل سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊوالهيار جي رابطا سيڪريٽري فقير محمد انڙ جي صدارت ۾ ٿي جنهن ۾ متفقه طور تي نئين لاٽ کي سنڌي ادبي سنگت ۾ ضم ڪري نصرپور يونٽ کوليو ويو . هن يونٽ جون چونڊون سنڌي ادبي سنگت ضلعي رابطا سيڪريٽري فقير محمد انڙ جي نگراني ۾ ٿيون جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت يونٽ نصرپور لا سيڪريٽري ريحان ابڙو جوائنٽ سيڪريٽري خادم گهراڻو خزانچي سميع الرحمان ابڙو آڊيٽر ڍول گهراڻو ڪائونسلر بدرالدين قاضي ڪاروباري ڪميٽي تي اياز عالم انڙ ، ڪريم بخش ساحل جتوئي ۽ امان الله ابڙو کنيا ويا . جنهن بعد ادبي نشست ٿي جنهن ۾ اياز عالم انڙ وائي ، بدرالدين قاضي ٽيڙو ڍول گهراڻو بيت ، ڪريم بخش ساحل جتوئي چوسٽا ، ريحان ابڙو غزل خادم گهراڻو ڪهاڻي محمد علي ميرجت غزل راجيش ڏيوجي سانول جي شاعري ڳائي پيش ڪئي ، انهن تخليقن تي تعميري ۽ اصلاحي تنقيد ڪئي ويئي
 
Back
Top