khadim ghirano
سينيئر رڪن
نئين لاٽ ادبي تنظيم نصرپور جي گڏجاڻي مهمان ٿي آيل سنڌي ادبي سنگت ضلع ٽنڊوالهيار جي رابطا سيڪريٽري فقير محمد انڙ جي صدارت ۾ ٿي جنهن ۾ متفقه طور تي نئين لاٽ کي سنڌي ادبي سنگت ۾ ضم ڪري نصرپور يونٽ کوليو ويو . هن يونٽ جون چونڊون سنڌي ادبي سنگت ضلعي رابطا سيڪريٽري فقير محمد انڙ جي نگراني ۾ ٿيون جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت يونٽ نصرپور لا سيڪريٽري ريحان ابڙو جوائنٽ سيڪريٽري خادم گهراڻو خزانچي سميع الرحمان ابڙو آڊيٽر ڍول گهراڻو ڪائونسلر بدرالدين قاضي ڪاروباري ڪميٽي تي اياز عالم انڙ ، ڪريم بخش ساحل جتوئي ۽ امان الله ابڙو کنيا ويا . جنهن بعد ادبي نشست ٿي جنهن ۾ اياز عالم انڙ وائي ، بدرالدين قاضي ٽيڙو ڍول گهراڻو بيت ، ڪريم بخش ساحل جتوئي چوسٽا ، ريحان ابڙو غزل خادم گهراڻو ڪهاڻي محمد علي ميرجت غزل راجيش ڏيوجي سانول جي شاعري ڳائي پيش ڪئي ، انهن تخليقن تي تعميري ۽ اصلاحي تنقيد ڪئي ويئي