ٽنڊو محمد خان ضلعي جي امڪاني طور ٽٽڻ خلاف عوام سراپا احتجاج بڻيل !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ غلام علي شاهه طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2010۔

  1. غلام علي شاهه

    غلام علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2009
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    I m Cameraman in KTN News
    ماڳ:
    Tando Muhammad khan
    سنڌ صوبي ۾ ملڪ جي قيام عمل کان وٺي نون ضلعن جي ٺهڻ وارو سلسلو جاري رکيو ويو آهي. نون ضلعن جي قيام عمل سان علائقي جي عوام کي وڌيڪ سهوليت ملي سگھي آهي. پر سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم جي دور اقتدار ۾ عوامي مفادن بجا۽ سياسي مفادن تحت نون ضلعن جي قيام عمل سنڌ جي عوام جي دل آزاري ڪئي هئي. جنهن ۾ سنڌ جي راجڌاني واري ڪراچي ضلعي کي پنجن ضلعن مان هڪ ضلعو بڻايو ويو. ان جي ابتڙ وري سنڌ جي تاريخي ، تهذيبي ماڳ واري ضَلعي حيدرآباد کي چئن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو. ضلعي جي تقسيم ٿيڻ سان ضلعي جي اصل اهميت ختم ٿي وئي. ضلعي کي ڪهڙي مقصد سبب الڳ ڪيو ويو. ان بابت سنڌ جو عوام باخبر آهي. ته ضلعي کي ٽوڙڻ سان سنڌ جي عوام جي ڪيئن دل آزاري ڪئي وئي. پر نون ضلعن جي قيام عمل ۾ انهن علائقن جي اندر وري ترقي وارو سلسلو شروع ٿي ويو. جيڪو انهن علائقن جي عوام لا۽ وڌيڪ فائديمند ٿيڻ لڳو. اڳوڻي حيدرآباد ضلعي ۾ شامل هاڻوڪي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي عوام ضلعي جي قيام عمل سان اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻو فائدو حاصل ڪري ورتو. ماضي ۾ تعلقي جي حيثيت اندر صرف اڍائي کان 3 ڪروڙ تائين بجيٽ ملندي هئي. جيڪا ضلعي ٺهڻ سان 7 ارب روپين تائين وڌي وئي. ضلعي ٽنڊو محمد خان کي 5 سالن دوران 16 ارب روپين کان وڌيڪ لاڳت سان گرانٽ ملي چڪي آهي. جنهن دوران ضلعي جي اندر نون روڊن ، رستن ٺهڻ سان گڏ ضلعي جي سرڪاري آفيسن ۾ تمام گھڻو اضافو اچي ڇڪو آهي. ضلعي جي اندر پهريون ڀيرو ڊسٽرڪٽ ڪامپليڪس ، سوڪ سينٽر جون وڏيون عمارتون به ٺهيون آهن. ته ايڊيشنل سيشڻ جج جي ڪورٽ به ان وڏي عمارتن مان هڪ خوبصورت عمارت آهي. ضلعي جي اندر عوامي تفريح لا۽ 2 پارڪ ٺهيا آهن. جنهن ۾ شهيد بينظير ڀٽو پارڪ ۽ مير غلام علي ٽالپر پارڪ به ضلعي جي ترقياتي اسڪيمن جا وڏا منصوبا آهن. ضلعي جي اندر شاگردياڻين ، شاگردن لا۽ 7 بوائز ۽ گرلز ڪاليجن جون عمارتون به قائم ٿي چڪيون آهن. ضلعي جي ترقي ۽ خوشحالي لا۽ عوام کي جيتريون به سهوليتون مليون آهن. ان ۾ ضلعي جي ايراضي جي قيمتن ۾ به اضافو آيو آهي. جنهن سان علائقي جي وڻج واپار ، تجارت کي فائدو رسيو آهي. علائقي جي تعليم يافته نوجوانن کي روزگار جا موقعا مليا آهن. کين يونيورسٽين ۾ آساني سان داخلا ملي سگھي آهي. بازارن ۾ ٻين علائقن جي واپارين به واپار ڪرڻ کي ترجيع ڏني آهي. اهڙي صورتحال کان پو۽ وري تازو وزير اعظم پاڪستان يوسف رضا گيلاني پنهجي ڪراچي واري دوري دوران حيدرآباد ضلعي کي اڳوڻي حيثيت ۾ بحال ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. جنهن بعد وري ان ڳالهه جي ترديد به ڪري ڇڏي آهي. ته هن ڪو به اعلان ڪيو آهي. جيڪو به فيصلو ڪيو ويندو. اهو اتحادين جي صلاح مشوري بعد ڪيو ويندو. اهڙي ڳالهه کانپو۽ جتي سنڌ حڪومت شامل اتحادي ڌر متحدو قومي موومينٽ پنهجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي اهي. اهڙي طرح ٽنڊو محمد خان ضلعي جي عوام به پنهجو احتجاج روڊن رستن تي اچي ظاهر ڪيو آهي. ضلعي جي اندر ضلعو بچايو ايڪشن ڪاميٽي به ٺاهي وئي آهي. ته شهري روڊن رستن تي اچي احتجاجي جلوس ڪڍي مظاهرا به ڪري رهيا آهن. احتجاجي مظاهرن ۽ جلسن ، جلوسن وارو سلسلو ضلعي جي تعلقي ٽنڊو محمد خان ، تعلقي ٽنڊو غلام حيدر ۽ تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي علائقن ۾ به پهچڻ شروع ٿي ويو آهي. ماضي ۾ اڳوڻي حڪومت جيڪي به فيصلا ڪيا. اهي صحيح هئا. يا غلط هئا. ان بابت هن علائقي جي عوام صرف اهو صحيح سمجهي ٿي ته هاڻي هن قائم ڪيل ضلعي کي ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ڪيو وڃي. ڇو ته ماضي ۾ ٺهيل تعلقي مان علائقي جي ترقي واري راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل هئي. پر ضلعي جي ٺهڻ سان علائقي جي عوام کي رليف ملي رهيو آهي. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي. ته موجوده حڪومت کي عوام جي مرضي جو احترام ڪرڻ گھرجي. ڇو ته موجوده حڪومت جمهوريت جي دعويدار آهي. جمهوريت جو مقصد عوام جي حڪمراني آهي. حڪومت کي جيڪو به فيصلو ڪرڻو آهي. اهو عوام ريفرنڊم ذريعي ڪرڻ گھرجي. جيئين ماضي جيان عوام جي دل آزاري نه ٿي سگھي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو