عبدالڪريم چانڊيو
سينيئر رڪن
ڪجه ڏينهن اڳ ٻنهي صاحبن ، فرمايو آهي ته وڏيڪ صوبن ٺاهڻ جي گنجائش 1973 جي دستور ۾ موجود آهي ، ان جو سهارو وٌڻ گهرجي . مان ٻنهي صاحبن کان هڪڙو ننڍڙو سوال ڪريان ٿو ته انهن ٻنهي صاحبن ، 1973ع واري دستور کي ڪڏهين پڙهيو به آهي يا نه ؟ جي نه ته پوءِ هڪڙي اهم معاملي تي رڳو ڌڪن کان ڪم ڇالاءِ ٿو ورتو وڃي ؟ ٻيو ٻيئي صاحب مهرباني ڪري اهو ٻڌائيندا ته 1973 واري دستور جي ڪهڙي آرٽيڪل ، شق يا ڪلاز ۾ پاڪستان ۾ ڪنهن به نئين صوبي جوڙڻ يا ٺاهڻ جو طريقو ڏسيل آهي ۽ اهو ڪهڙو آهي ؟