پاڪستاني انتظامي ڍانچي ۾ رڳو عدالتن ۽ ججن تي حملا ڇالاءِ ؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالڪريم چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 نومبر 2014۔

  1. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تازو سنڌ اسيمبيليءَ جي اجلاس ۾ سنڌ جي هڪڙي نامي گرامي وزيرشرجيل ميمڻ، پنهنجي بد اعمالن کي لڪائڻ جي لاءِ رڳو عدالتي نظام ۽ ججن تي ڇو ڇنڊيدي الزام لڳايا ته ،جيڪڏهين هو فيصلا نه ٿا ڪري سگهن ۽ دهشتگردن کان ڊڄن ٿا ته پوءِ عهدا ڇڏي وڃي گهر ويهن ، اهڙن جملن تي ڪيترن ئي ميمرن وات پٽي ويٺي تاڙيون وڄايون .
    اعلى دماغ رکندڙ ان وزير کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ڪنهن به ڏوهاري معاشري کي سڌارڻ جو ڪم رڳو عدليه اڪيلي سر نه ٿي ڪري سگهي ،پر مقننه ۽ انتظامي جي به وڏي ذميداري ٿئي ٿي جنهن جو صاحب موصوف پاڻ به ميمبر آهي .پاڪستاني ججن ۽ عدالتن کان وڌيڪ ڏوهاري انتظاميه ۽ مقننه آهي ،کيس ججن تي الزام لڳائڻ کان اڳ پنهنجي گريبانن۾ جهاتي پائي ڏسي ته پاڻ ڪيترا بهادر آهن ، پاڻ سنڌ کي سواءِ ڪرپشن ،مفلسي ، بيمارين ،بدانتظامي ، غربت ۽ جهالت کان سواءِ ڇا ڏنو اٿن .پاڪستان جي سڀ کان وڏي دهشت گرد مافيا جو رڳو نالو کڻندي ڊڄن ٿا ،رڳو ٿورڙي اک ڏيکارڻ تي سندن سربراه لنڊن وڃي وڏي دهشت گرد کي ڀاڪر پائي پرچائڻ ۾ پورو آهي .
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    چاچا وڏي ڪاوڙ آئي اٿئي ..... پر ڪجه سوال ڪندس ته اوهان ڪاوڙجي ويندا

    يار اهو ٻڌايو ته فيصلا ايڏو دير سان ڇو ٿا اچن ..... هاڻي اوهان ڪراچي جي ايس ايل ٽي استادن واري سنڌ هاء ڪورٽ جي فيصلي کي ئي ڏِسو ..... 9 مهينن کان ڪيس محفوظ آهي فيصلو ڪونه پيو اچي ..... ڀلا اهو فيصلو ڪنهن ٽجوڙي يا الماڙي ۾ محفوظ ڪرڻ لاء ڪا مشينري گهرائي وئي آهي ڇا؟

    ڀلا هي جو ڪيس 30 30 سال ٿا هلن ۽ پيء کانپوء پٽ پيو ڪيس جي پيروي ڪري ..... ڀلا ٻڌايو ته وڪيل ڪيتري فيس ٿا وٺن .... ڇڏيو سائين.

    اوهان مونسان گڏ هليا هيا ضمانت وارا ڪاغذ واپس وٺڻ لاء .... اتي گهڻا پيسا ڏيڻا پيا ۽ ڪنهن جي ذريعي ڏنا هيا .... ؟؟؟

    بس سائين گهڻو ڪونه لکبو جو وري ڪنهن ڪانٽيمپٽ جي ڪيس ۾ نه ڪٿي سوگهو ڪيو ... !!!!!

    اهڙا حال هوندا ته اهي سوال ۽ الزام به لڳندا ... انڪري ڪاوڙ نه ڪندا ڪيو، اڳ ئي بلڊ پريشر جا مريض آهيو. ڪو پاڻي پيو، آرام ڪيو ۽ بلاگ جوڙڻ جي ڪوشش ڪيو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    ادا حال سڀني جو پورو آهي
     
  4. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ننڍڙي ڀاءُ محمد سليمان وساڻ ڪجه سوال ڪيا آهن يا اٿاريا آهن ، ان جي ڄاڻ لاءِ جواب ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان .
    1.... پهريون جواب ته مون اهو ڪونه لکيو آهي ته سڀ جج ڪي حاجي آهن يا ٽيپو سلطان وانگر دلير آهن . جج به اسان جي هن موجوده سماجي ڍانچي جو هڪڙو حصو آهن ،اسان جي هن سماج تي جيڪي به شيون اثر انداز ٿين ٿيون ،انهن جو اثر ججن تي به پوي ٿو . جڏهين قانون ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ جا طريقا الجهيل ،غير واضع يا اڻ ڄٽا هوندا ۽ ٻئي طرف انظاميه بد نيتي جو مظاهرو ڪندي ۽ پنهنجن مفادن جي حصول لاءِ انڌن منڊن قانونن ۽ عدالتي فيصلن تي عمل نه ڪندي يا عدالتن جي فيصلن ڪرڻ واري پوري طريقه ڪار ۾ حصي ونٺندڙ ماڻهن جي حفاظت نه ڪندي ته پوءِ اسان جا جج ڪيترا به کڻي بهادر ۽ ايماندار هجن اهي ڪجه ڪري نه ٿا سگهن .اسان جي موجوده ملڪي تاريخ ۾ کوڙ سارا مثال موجود آهن .
    2..... وڪيل ، شاهد ،پوليس ،جج ۽ عدالتي عملو هڪڙي اهڙي ڪوريڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن ،جنهن کا طاقتور سانهه ته پنهنجي سڱن سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ٿا ڇڏين ، پر اسان پاران ڪمذور ۽ ڏٻرا (ڪيڙا ماڪوڙا ) انسان انهيئي انتظاميه پاران جوڙيل ڄر ۾ ڦاسي زندگيون وڃائي ٿا ڇڏيون پر انصاف حاصل ڪري نه ٿا سگهون .
    3...... تنهن ڪري وڏي ڏوهاري انتظاميه ،ٻئي نمبر تي مقننه ۽ اخري نبرتي عدليه اچي ٿي . تنهن ڪري انتظاميه سان لاڳاپيل فردن کي ، پنهنجي ڪمزورين ،ڪوتاهين ،ناڪامين ۽ ڪرپشن واريون گند جون ٽوڪريون رڳو عدليه ۽ ججن تي اڇلائڻ نه گهرجن .
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واهه ڙي چاچا واهه ... وري به وهي وئين پنهنجي برادري سان ... قهر ڪيا آهن اوهان وڪيلن به ... ان تي به تفصيلي لکندس ته وڪيل ڪيئن نه رت ٿا چوسين اسان جهڙن غريبن جو.
     
  6. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لکو لکو هزار دفعا لکو ،جواب ڏيڻ ۾ ڪنجوسائپ ڪا نه ڪبي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو