جواب: سلام عليڪم
ڄامشوري جي علمي هوائن جي دوست احسن علي شاه صاحب کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔
چوندا آهن جنهنجا دوست گهڻا هجن اهو ماڻهون دنيا جو امير ترين ماڻهون آهي، سو اسانجي هن اڱڻ جا دوست جيترا گهڻا اوترا ڀلا ۔۔۔
سائين شاه صاحب جنکي عرض آهي ته پنهنجو تفصيلي تعرف به ڪرائن ۽ هن اڱڻ بابت پنهنجا رايا به ونڊ ڪن ۽ جي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جو ڪو وڻندڙ ليک هجي ته به اسانجي اکين تي ۔۔۔ دوست هن اڱڻ تي ڀيرو ڀڃندا ته ڪجهه سکڻ ۽ سيکارڻ جو سلسلو وڌندو رهندو ۔۔۔
رب العالمين سنڌ ۽ سنڌي سلامت رکي ۔۔۔۔ آمين