• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڍائي آڱريون

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
اسڪول جي ماستر ويچاري جي ننڍي آڱُر (چِيچ جي ڀر واري) اڌ ڪپيل هئي، ڪلاس هليو پئي استاد صاحب حساب پئي سمجهايا.
استاد (هٿ جي ٽِن آڱرين کي ڏيکاريندي پڇيو) : هِي گهڻيون آهن ؟
شاگرد: سائين آئون ٻڌايان..
استاد: ها..
شاگرد: سائين اڍائِي.....!


بس شاگرد ويچاري جو اهو چوڻ ۽ استاد جو مولابخش (ڏنڊو) ۾ هٿ وجهڻ.
شاگرد کي اهڙي ته سيکيت ڏنائين جو وري ڪڏهن لفظ اڍائي ڀلجي به نه چوندو.. :)

اهو هو ماستر غلام قادر خاصخيلي
شاگرد گاجن...
اسڪول... اسان جي ڳوٺ وارو.. تقريبن 22 سال پهرين.
 
واه سائين لطيفو به ٻڌائي ڇڏيو، ان سان گڏ اوهان جي يادگيري به


ٻيو وري ان وقت جي تعليم ۽ مولابخش جي ڪهاڻي، استاد جي تشديد جو به ذڪر

مونکي ياد آهي اسان جي هڪ اسڪول ۾ هڪ اٺڙين جو ڌنار (اوٺاڙي) اسان جي اسڪول ۾ پڙهائندو هو ان جي مار ڏيڻ جو طريقو به اٺن کي مار ڏيڻ جهڙو هوندو هو
 
Back
Top